manwara sathiyo! maan ajj local train mai pahnje laptop te radio ghotki budhando piyo achan, aein uho karin kha poi mai computr shutdown kyo aein hane jadahn maan ghar mai laptop halayan tho ta chave tho ''windows cud nt strt because flwng file misng or currupt. windows\system32\config\system. hane budhayo maan chha karyan moon wat ta windows ji cd bhi konhein, mahrbane kre jaldi budhaijo.
ادا رنجيت توهان کي ونڊوز ٻيهر ڪرڻي پوندي يا وري نه ته اهي مس ٿيل فائيل ريڪور ڪرايو جيڪڏهن توهان کي اتي ونڊوز جي سي ڊي نه ٿي ملي ته ايڊريس موڪليو ته هتان توهان ڏي رواني ڪيان shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
ادا رنجيت ونڊو جي سي ڊي وجهي ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪيو ۽ لائيسنس ايگريمنٽ کانپوءٍ ريپيئر ڪريو جڏهن ريپيئر ٿي وڃي ته ري اسٽارٽ ڪيو
منهنجي خيال ۾ پهريون هي حل آزمائي ڏسو.... اسٽارٽ مينو تي ڪلڪ ڪري ڪري Run کي ڪلڪ ڪريو ۽ اتي sfc /scannow ٽائيپ ڪري ڪي بورڊ جي مدد سان انٽر دٻايو... ياد رهي ته هن سموري عمل ڪرڻ کان اڳ ونڊوز ايڪس پي جي ڊسڪ اوهان جي ڪمپيوٽر سي ڊي روم ۾ هجڻ لازمي آهي... تفصيل لاءِ هي تصوير ڏسو....
جيڪڏهن مٿين مشوري سان مسئلو حل نه ٿئي ته ان صورت ۾ ادا ظفير احمد جي هي صلاح بهترين آهي.... ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريان ونڊوز ايڪس پي جي سي ڊي سان ڪمپيوٽر کي بوٽ ڪرايو ۽ هتي پهچي ڪي بورڊ جي مدد سان R پريس ڪري رپيئر واري عمل طرف قدم وڌايو.... اڳتي هلي توهان کان ايڊمنسٽريٽر جو پاسورڊ جي پڇا ٿي سگهي ٿي... جيڪڏهن پاسورڊ ڏنل هجي ته هتي اندراج ڪريو اڳتي وڌو.... هتي .. CD واري ڪمانڊ استعمال ڪري C ڊرائيو جي روٽ تي اچو ۽ پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڪمانڊس استعمال ڪري ونڊوز کي رپيئر ڪريو .... ڪمانڊس هي آهن.... C: CD .. C: ATTRIB -H C:\\boot.ini C:ATTRIB -S C:\\boot.ini C:ATRIB -R C:\\boot.ini C: del boot.ini C: BOOTCFG /Rebuild C: CHKDSK /R /F C: FIXBOOT مٿين تصويرن کي ڏسي عمل کي مڪمل ڪريو .... هاڻي وقت آهي ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪرڻ جو .... هن عمل ڪرڻ سان توهان جي ونڊوز مڪمل طور رپيئر ٿي ويندي...