ڊاڪٽر منصور ملڪ : محقق، اديب، شاعر ۽ صوفي (ورسيء تي ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    12 جون سنڌ جي عاشق، ادب ، شاعري خاص ڪري صوفياڻي رنگ سان محبت ڪندڙ محبتي انسان ڊاڪٽر منصور ملڪ جي ورسي آهي۔ ساهتي پرڳڻي نوشهري فيروز ضلعي جي پڊعيدن شهر ويجهو ڳوٺ ملڪ ۾ 25 مارچ 1952ع تي جنم وٺندڙ منصور ملڪ اڌ دنيا گهميو پر پوء به سنڌ سندس رڳن ۾ سمايل رهي۔ منصور ملڪ سنڌ کي 15 ڪتاب ڏنا جن مان اڌ کان وڌيڪ شاعريء جا ڪتاب آهن۔

    هو 12 جون 2012 تي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو۔

    ______________________

    منصور ملڪ سنڌي شاعريءَ جي معصوميت جي علامت آهي

    12 جون ڊاڪٽر منصور ملڪ جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، جنهن کي هڪ سال گذري ويو آهي، پر اڄ به ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ هو اسان جي اکين جي آڏو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ پندرنهن ڪتاب وجهندڙ ساهتي، پرڳڻي پڊعيدن شهر ۾ جنم ورتو ۽ پڊعيدن ۾ ئي دفن آهي، هن جي پنهنجي شهر ۽ پنهنجي جنم ڀوميءَ سان لڳاءَ جو اندازو ان مان ڪري سگهجي ٿو، هن ڪارن شهپرن سان پڊعيدن ڇڏي، ڏاڙهي ۽ مُڇن کان سواءِ اڌ دنيا گهميو ۽ هڪ بارش باريش بزرگ واري سفيد ڏاڙهي ۽ مٿي سان واپس پڊعيدن آيو، هن ايل ايم سي مان ايم بي بي ايس ڪئي، ڊاڪٽر بڻيو ۽ تاشقند يورنيورسٽي، اڳوڻي سوويت يونين ۽ هاڻوڪي روس مان پي ايڇ ڊي ڪري ڊبل ڊاڪٽر بڻيو، پڙهائيءَ دوران اڻ ڳڻيا ملڪ گهميائين، اڻ ڳڻيا عشق ڪيائين، ۽ پندرنهن ڪتاب لکيائين، آخري عمر ۾ تصوف جي ويجهو ٿيو ۽ سڀ ۾ پرين پسيائين. جنهن جو اظهار پنهنجي شعرن ۾ ڪيائين. 1998ع ۾ کيس پهريون دل جو دورو پيو ۽ ان ئي سال سندس پهريون شاعراڻو ڪتاب، سنڌي جديد شاعريءَ جي امام شيخ اياز جي وائيءَ جي سٽ مان کنيل نالي سان آيو، ”الا مان اڏري ويندو سانءِ،“ اياز صاحب جي وائي آهي ته:

    ڀونءِ نه آئي ڀانءِ
    الا مان اڏري ويندو سانءِ


    ۽ ائين سندس پهرئين ڪتاب جي شاعريءَ تي اياز صاحب جي ٻاجهه جو هٿ مسلسل رهيو ۽ هو عمر جي آخري گهڙيءَ تائين لکندو رهيو. وچ ۾ هن جا ٽي ڪتاب نثر جا ڇپيا، جن ۾ ٻه سندس لکيل خطن جا ۽ هڪ کيس ڏي آيل خطن جو ڪتاب، جن کان پوءِ سندس روس جو هڪ لا جواب سفرنامو ڇپيو، جنهن وڏي پذيرائي ماڻي، جنهن وچ ۾ الڳ الڳ موقعن تي هن جي دل کيس ادائون ڏيکارڻ شروع ڪيون، جن کي ڏسي هن پنهنجو شاعراڻو ڪليات سهيڙڻ شروع ڪيو ۽ اهو ٻه هزار يارنهن جي 25 مارچ تي ڇپيو، دراصل هن جا سڀ ڪتاب پنجويهين مارچ تي ئي شايع ٿيا، ڇاڪاڻ جو اها سندس ڄمڻ جي تاريخ آهي، ان ڪري خاص طور هو ان ئي تاريخ تي پنهنجو نئون ڪتاب آڻيندو هو، سندس شاعراڻو ڪليات ”منصور جو منشور“ جڏهن ڇپيو ته هو خوش ان ڪري هو، جو اهو وڏو ڪتاب سندس وڃڻ کان پوءِ يقينن رهجي وڃي ها. اهو ڪتاب ڄڻ سندس آخري خواهش به هئي، جنهن کان پوءِ باقي هن جي آتم ڪٿا هئي، جيڪا هو لکي رهيو هو، جنهن جو به وڏو حصو لکي ورتو هئائين، پنهنجي طبيعت جي ساٿ نه ڏيڻ ڪري وقت کان اڳ ۾ نوڪريءَ مان رٽائر ڪيائين، رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ هو وري فطرت جي ويجهو اچي ويو، شهر هن جي طبيعت مطابق نه هو، جنهن ڪري اڪثر ڪراچيءَ کان ٻاهر دوستن ڏي هليو ويندو هو، جن سفرن ۾ ساڻس اسان جو دوست اشوڪ اروڙا گڏگڏ هوندو هو، خواهش اها هئس ته ڪراچي ڇڏي پڊعيدن ۾ پنهنجو هڪ آشرم جوڙيندو، پر قدرت کيس ايتري مهلت ڪا نه ڏني، البت پڊعيدن کيس پاڻ کان جدا نه ڪيو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ کيس پاڻ وٽ سڏي ورتائين، اڄ هو پڊعيدن ۾ آرامي آهي، هن شهر جي شور کان ڪوهين ڏور، سندس ڪتاب اڻ ڳڻين دوستن ۽ پڙهندڙن کي سندس يادگيري ڏياريندا رهندا، پر ان کان سواءِ هو شخصي طور به ڪن دوستن جي دلين ۽ دماغن ۾ موجود آهي، جيڪي ساڻس زندگيءَ جو وڏو عرصو گڏ رهيا ۽ روحاني/دلي طور اڄ به ساڻس گڏ آهن، پنهنجي اندر توڙي ٻاهر هڪ صاف شخص ادب مان اوچتو هليو ويو، سڀاڻي اسان کي به هليو وڃڻو آهي ۽ ائين هر شخص کي وڃڻو آهي، جيڪو رهجي وڃي ٿو اهو هن جو ڪردار آهي، جيڪو هن پنهنجي جيئري ادا ڪيو آهي، سٺو يا برو!

    منصور ملڪ، ادب ۽ ان کان ٻاهر پنهنجا اڻ ڳڻيا دوست ۽ پڙهندڙ ڇڏي ويو، جيڪي اڄ به کيس ياد ڪن ٿا ۽ شايد گهڻو عرصو کيس ياد ڪن، ڇاڪاڻ ته جن شخصن جي هو دلين ۾ آهي، جيستائين اهي زندهه آهن، تيستائين انهن جي دلين ۽ دماغن ۾ زندهه رهندو ۽ جڏهن اهي به هليا ويندا ته هو پنهنجي سنڌ ماڻهن جهڙي سڌي، سادي ۽ معصوم شاعريءَ جي حوالي سان ادب ۾ زندهه رهندو ۽ بس.
    ٻارنهن جون منصور ملڪ جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي

    عوامي آواز جي ٿورن سان
    _______________
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 جون 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منصور ملڪ
    مٽي اَول، مٽي آخر

    سنڌي اديب ۽ شاعري جو هڪ اهم نالو منصور ملڪ وقت کان اڳ اسان کان جدا ٿي ويو. هو وقت کان اڳ پنهنجي نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو ته وقت کان اڳ پنهنجي زندگي تان به هٿ کنيائين!شايد کيس ڪجهه وڌيڪ تڪڙ هئي!.

    سنڌ جي اڻ ڳڻين ڳوٺن ۾ ڄاول ۽ پوءِ شهري بڻجي ويلن جيان ڊاڪٽر عبدالقيوم “منصور ملڪ” کي به پنهنجي ڄمڻ جي اصلي تاريخ جي خبر نه هئي، جيتوڻيڪ سندس والد محمد بچل ملڪ هڪ پڙهيل لکيل ۽ سنڌي جو استاد هيو، پوءِ به منصور ملڪ پنهنجي ڄم جي تاريخ کان اڻواقف رهيو ۽ پنهنجي زندگي جا سمورا پل هو ان تاريخ جي تلاش ۾ رهيو جيڪا هن جي ڄم جي اصل تاريخ هئي. نيٺ ان تلاش ۾ هن کي جيڪا به تاريخ سٺي لڳي. ان کي هن پنهنجي جنم جي تاريخ ڪري ڇڏيو. اها تاريخ هئي 25 مارچ 1952ع ۽ سندس ڄمڻ جو هنڌ آهي سنڌونديءَ جي کاٻي پاسي تي اڏيل ننڍڙي شهر جو ڏيک ڏيندڙ هڪ وڏو ڳوٺ “ملڪ” تعلقو مورو ضلعو نوشهروفيروز(اڳوڻو نواب شاهه) جنهن کانپوءِ سندس والد سدائين لاءِ پڊعيدن اچي رهيو ۽ پڊعيدن واسي ٿي ويو ۽ پوءِ منصور ملڪ جتي به رهيو، پڊعيدن جو ٿي رهيو ۽ آخر ۾ پڊعيدن جي مٽيءَ سان ملي پڊعيدن جوئي ٿي ويو.

    آيو موت ته روح اُڏي ويو، جسم ٿيو آزاد
    مٽي اول، مٽي آخر، مٽي زندهه آباد. (اياز)

    سندس چواڻي هن نه لکڻ جهڙو لکڻ هاءِ اسڪول نواب شاهه ۾ پڙهڻ دوران شروع ڪيو. سندس شروعاتي ادبي دوستن ۾ راشد مورائي، عظيم سنڌي، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، ۽ عدنان بهڻ وغيره آهن. هو پڊعيدن، مٺياڻي، سڪرنڊ، نوابشاهه، ڄامشورو ۽ تاشقند(اڳوڻو سوويت يونين) ۾ پڙهيو ۽ قاضي احمد، سڪرنڊ، نوابشاهه ۽ ڪراچي ۾ ملازمت ڪيائين. جڏهن هو شهپريل جوان هئو ته سنڌي ماستر هئو ۽ جڏهن ڊاڪٽر بڻيو ته هن ڏاڙهي سان گڏ پنهنجي شهپرن کي نه بخشيو!

    زندگي جي سفر ۾ هـُن ڪيترو ئي پنڌ ڪيو پر پنهنجي پيرن جا نشان ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ڪو نه ڇڏيائين، سواءِ روس ۾ پڙهڻ دوران دوستن کي لکيل انهن خطن جي جيڪي به گهڻي ڀاڱي انهن دوستن وٽ ئي رهيا، يا انهن کانپوءِ منصور ملڪ جڏهن پاڻ کي سهيڙڻ چاهيو ۽ نئين سري کان لکڻ شروع ڪيائين ته انهن خطن جو ڪجهه حصو کيس مليو به هئو. جيڪو ڪنهن به حالت ۾ هن ڇپائڻ نٿي چاهيو، ڇاڪاڻ ته اهي سمورا خط هن جي زندگي جي ان دور جا هئا ۽ انهن ۾ اهي تجربا هئا، جيڪي تجربا هن تاشقند(اڳوڻي سوويت يونين) ۾ پڙهڻ وقت ۽ موڪلن ۾ يورپ جا ملڪ گهمڻ وقت پرايا هئا!. جيڪي سندس هاڻوڪي گذرندڙ زندگيءَ جي بنهه ابتڙ هئا.

    جيتوڻيڪ ان ڳالهه ۽ ان سوچ تي منهنجو ساڻس سدائين اختلاف رهيو.ڇاڪاڻ ته
    (1) اهي خط اهڙا هئا، جيڪي سندس ذهني، نظرياتي، اوسر کي ثابت ڪن ها ۽ کيس سمجهڻ ۾ مدد ملي ها.

    (2) سندس اهي خط پهرئين شايع ٿين ها ته شايد سندس هاڻوڪي زندگي بابت گهڻي ڄاڻ نه ملي ها.

    (3) اهي خط ان ڳالهه کي واضح ڪن ها ته سندس خيال اڄ کان اڳ ڪيئن هئا ۽ اهي ڪهڙا محرڪ هئا جن هن ۾ايڏي وڏي تبديلي آندي، ڇالاءِ ته اهي خط ڇپجڻ لاءِ يا اهڙي ڪنهن به منشا لاءِ نه لکيا ويا هئا، ان ڪري اهي پنهنجي دور جي لکندڙ جي دل ۽ دماغ جو آئينو هئا.

    (4)انهن خطن مان ادبي حوالي ۾ سندس ارتقا جو اندازو ٿئي ها خاص طور آئيڊيا ۽ ٻوليءَ جي حوالي ۾ .

    (5) اهي خط سندس سچو پچو ۽ ڪنهن به مضنوعيت کان آجو اظهار هئا. ان ڪري انهن کي هن شعوري طور ۽ مصلحت کان ڪم وٺندي، پنهنجي هاڻوڪي زندگي کان الڳ رکڻ چاهيو.

    ها! هو هاڻوڪي زندگي ۾ پنهنجي ڪٽنب اندر ايتري ذهني دٻاءُ جو شڪار هو جو هو پنهنجا اهي خط ڇپائڻ افورڊ نه ڪري سگها ها!. سبب اهو آهي ته 1998ع کانپوءِ (جڏهن هن کي پهريون دل جو دورو پيو) هو پنهنجي دوستن، ساٿين سان گهڻي حد تائين ملڻ جلڻ ڇڏي چڪو هو. هيءُ هن جو نئون تعارف هئو ۽ نون ماڻهن، دوستن، ساٿين سان هئو.

    1998ع کانپوءِ ساڻس بيحد ويجهڙائي ۾ رهندي مون کي اها ڄاڻ پيئي ته هو ٽيهارو سال ادب کان بنهه ڪٽيل رهيو ۽ هاڻ هن لاءِ جيئڻ ۽ خوش رهڻ جو وسيلو فقط ادب، شاعري هئي. سچ اهو آهي ته 1998ع کانپوءِ هو جيڪو به عرصو زندهه رهيو اهو عرصو هن کي جيڪڏهن ڪا شيءِ زندهه رکي سگهي ته اها فقط هن جي لکڻ پڙهڻ واري عادت هئي. هن جيڪي به ڪتاب ڇپرايا ۽ انهن تي جيڪو به خرچ ڪيو، ان کان ڏهوڻو خرچ به ٻيءَ طرح هو پنهنجي صحت تي ڪري ها،تڏهن به هو ايترو عرصو زنده نه رهي سگهي ها.

    ٿوري عرصي ۾ گهڻي پذيرائي ماڻيندڙن مان منصور ملڪ هڪ اهم ۽ ڀاڳن وارو شخص هئو. هن پنهنجو گهڻي کان گهڻو وقت پنهنجي ڪتابن لکڻ ۽ ڇپائڻ کي ڏنو. ڇو ته کيس اها سڌ هئي ته سنڌ جي اديبن جي وڏي حصي وانگر سندس وڃڻ کانپوءِ سندس سمورا اڻڇپيل ڪتاب ڇپجي ڪو نه سگهندا. ان ڪري هو پنهنجا سڀ ڪتاب پڻ ڇپرائي ويو. اڄ سندس زندگي جي سفر بابت هيءُ اکر لکندي نارائڻ شيام جون هيءُ سٽون ياد اچي رهيون آهن.
    پهتاسين ڪهڙي ماڳ تي سو ڇا پڇي ڪندين!
    هيءُ پڇ ته هن سفر ۾ لنگهياسين ڪٿان ڪٿان؟.

    ۽ جڏهن انهن “ڪٿان ڪٿان” لفظن جو پيرو کڻان ٿو ته هن جي زندگيءَ جي ڪجهه اهڙن پلن تي به نظر پويم ٿي جن ۾ هو پاڻ کي بنهه اڪيلو محسوس ڪندو هئو. هن جي سفيد ننڍڙي ڏاڙهي ۾ سندس چهري تي تري آيل اڪيلائي، ڏک ۽ غصي جون لڪيرون لڪي وينديون هيون ۽ هو وڏو ٽهڪ ڏيئي، ڄڻ انهن ڪيفيتن کي پاڻ کان دور ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪندو هئو. نه رڳو ايترو پر هو ان احساس کي مٽائڻ لاءِ ڪي اهڙا يوٽو پيائي، منصوباپڻ جوڙي وٺندو هئو، ان احساس کي مٽائڻ لاءِ ڏسڻ، ناممڪن نه تڏهن به مشڪل ضرور هئو . اهي احساس ۽ خيال هن پنهنجي نثري ڪتاب ۾ اظهاريا آهن. انهن خيالن کي مختلف حوالن ۾ به جاچي سگهجي ٿو، پر مان جيڪڏهن ايمانداري سان چوان ته ائين چوڻ چاهيندس ته هيءُ چوڏهن ڪتابن جو ليکڪ پنهنجي ڪتابن سان بيحد پيار ڪندڙ شخص تڪڙو وڃي، اسان سڀني کي اهو محسوس ڪرائي ويو آهي ته اسين سڀ پنهنجي پنهنجي ڪم کي تڪڙي نموني ترتيب ڏيئي وٺون ڇو ته مٿان کان ٿيندڙ ازلي سڏ کي اسين سڀ ڪڏهن به لنوائي نه ٿا سگهون. اهو سڏ اسان کي هڪ منٽ جي به مهلت نه ڏيندو. ڇو ته ڪڏهن به ڪنهن سان هن اهڙي رعايت نه ڪئي آهي.
    اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڻ کي ٺڳڻ جو به هڪ رومانس ٿئي ٿو، جنهن رومانس تي تخليقڪار ڪڏهن ڪڏهن سموري سچائيءَ ۽ وقت جي تيز رفتاريءَ کي قربان ڪري ڇڏيندو آهي. جيئن اسان جي هن دوست منصور ملڪ ڪيو!

    سچ ته مونکي ڪڏهن ڪڏهن انتهائي گهڻو ڊپ لڳندو هئو ته اسان جي هن ودست پنهنجي ٻاهران تصورن جو جيڪو خوبصورت، پوپٽ جي پرن جهڙو رنگين ۽ نفيس ڄار اڻيو آهي. اهو ڪنهن به سچ سان مهان منهن ٿي نه سگهندو ۽ نه ئي ان جي سختگيريءَ جي سٽ جهلي سگهندو ۽ پوءِ منصور ملڪ ان سان ڪئين آمهون سامهون ٿيندو؟

    ها شايد اظهار ڪرڻ کانسواءِ هن اهڙي امڪان کي محسوس ڪري ورتو هئو، جنهن سبب هن مذهب ۾ پناهه وٺڻ شروع ڪئي هئي، جيڪو وري هڪ ٻيو ڄار هئو، دراصل هن پوئين ڄار ڏانهن هن کي اچڻو ئي هئو ڇاڪاڻ ته هن جون پهريون رستو به خيالي هئو ۽ ٻيون رستو به خيالي هئو، سندس اهڙي نموني واري زندگي کي سچ پچ بلا شاهه خوبصورت نموني اظهاريو آهي ته!

    مين تان ايڪ خيال ها،
    ملسان نال خيال دي.

    ۽ جڏهن خيال سان خيال وڃي ملي ٿو، تڏهن پوئتي ڪجهه باقي نه ٿو رهي، ها جيڪو ڪجهه رهجي وڃي ٿو، اهو ان ويندڙ شخص جي خيال جو پڙاڏو ئي آهي جيڪو سندس ڪتابن، لکڻين ۾ رهجي ويندو آهي. جيڪو ئي هن ڪائنات ۾ سدائين رهڻو آهي جيڪڏهن ان ۾ ڏينهن، هفتن، مهينن، سالن ۽ صدين تائين زندهه رهڻ جي سگهه آهي ته!! ۽ شخص جي حوالي ۾ به شاهه سائين جي هن سٽ وانگر ته-
    دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واسُ

    شاهه سائينءَ جو ڪمال اهو آهي ته هن “واس” لفظ کي ايتري وڏي ۽ جامع معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي جو حيرت جي حد ۾ رهجي ٿو وڃجي.
    دنيا ۾ پويان ڇڏيل “واس” ئي هن شخص جي سڃاڻپ طو ر رهجي وڃي ٿو “واس” ۾ ان شخص جي بوءِ هجي ٿي. پوءِ اها “خوش” هجي يا “بد” هجي. اهو ان شخص تي مدار آهي ته جو پوئتي پنهنجي سڃاڻپ لاءِ ڇا ڇڏي ٿو.
    هن پنهنجي آخري سفر کان اڳ هڪ سفر نامو به لکيو ، جيڪو سندس آخري ڪتاب آهي، هيءُ ڪتاب ان سفر جي ڪٿا آهي، جيڪو سفر هن هڪ جذبي هيٺ ٽيويهن سالن کانپوءِ پنهنجي صحت جي سخت ناچاقي باوجود ڪيميرووُ تائين ڪيو. جنهن کي هن نالو ڏنو “ڪراچي کان ڪيميرووُ تائين” جيتوڻيڪ هن دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهميا، پر هن ڪو به سفر نامو نه لکيو. ان سفر جو به نه، جيڪو هن هڪ اديب جي ناتي، انڊيا جو ڪيو هئو. هو دهليءَ ۾ سنڌي نثري نظم(نئين ڪوتا)جي نهايت اهم شاعر، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته سنڌي ترائيل جو پهريون ڪتاب سنڌي ادب کي ڏيندڙ شاعر هريڪانت جيٺواڻيءَ وٽ رهيو هئو ۽ اتان پوءِ موهن ڪلپنا سان ملڻ لاءِ مدد علي سنڌي جي خط سان گڏ روانو ٿيو هئو. ممبئي ڀرسان اڏيل سنڌين جي وسنديءَ الهاس نگر! اهو سندس دلچسپ ۽ ادبي سفر نامو بڻجي ها، جيڪڏهن هو لکي ها ته!!

    ۽ جيڪو سفر نامو هن لکيو، ان کيس پنهنجي شاعري کان وڌيڪ مڃتا ڏني. سنڌ توڻي هند ۾. جنهن ڪتاب بابت ڪيترائي خط سندس وٽ به آيل هئا ته مون وٽ به، جن مان ڪجهه “تو لکيو مون پڙهيو” نالي سان ڪتاب ۾ به محفوظ آهن.
    هن جي جنهن ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ٻوليءَ جي نهايت اعلي اديب ۽ اسڪالر ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ لکيو، خوش نصيبيءَ سان ان ڪتاب جي مهورت به ڊاڪٽر صاحب جي هٿان ڪراچي ۾ ٿي. جنهن کيس وڌيڪ لکڻ لاءِ اُتساهه ڏنو. پر سچ ته هيءُ آهي ته هو اتساهه وٺڻ کان وڌيڪ اتساهه ڏيندڙ شخص هئو. شخصي طور هو پنهنجي مٽن مائٽن، دوستن، دوستن جي اولاد وغيره جي پنهنجي هڙان وڙان هر ڏکي سکي گهڙي ۾ مدد ڪندو رهندو هئو. سندس گهر انهيءَ ڪري گهڻي ڀاڱي مائٽن مٽن ۽ مهمانن سان ڀريل رهندو هئو. هڪ ڊاڪٽر هجڻ جي ناتي هو ڪيترن ئي دوستن جي تڪليفن وقت ساڻن گڏ گڏ رهيو، جنهن ۾ هن اهو به نه سوچيو هوندو ته هو هڪ ڊاڪٽر سان گڏ هڪ دل جو مريض به آهي. آخري سالن ۾ هن ترقي پسنديءَ کي الوداع چئي، تصوف وارو رستو ورتو هئو، جيڪو مونکي تصوف کان وڌيڪ مذهب جي ويجهو لڳندو هئو. هن مذهب ڏانهن موٽڻ وقت تڪڙو ڪم اهو ڪيو جو ٻڍڙي والد کي پاڻ سان گڏ حج ڪرايو. جنهن بعد هن گهڻو وقت پنهنجي ٻڍڙي پيءُ جي خدمت ۾ گذاريو. جنهن جي وفات کانپوءِ هڪ وڌيڪ عمرو ڪيو. سندس اهو عقيدو تصوف وارو نه پر مذهب وارو هئو. نه رڳو ايترو پر آخري ڏينهن ۾ هن هڪ تبليغي گروپ سان پڻ واسطو رکيو. جيتوڻيڪ تبليغين سان گڏجڻ سندس هيءُ پهريون ڀيرو ڪو نه ٿيو هئو. هن کان اڳ به هو الڳ الڳ وقتن تي ساڻن گڏ رائيونڊ وغير جا چڪر هڻي چڪو هئو. منهنجو خيال آهي ته هو جڏهن به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هئو ته مذهب ئي سندس پناهه گاهه بڻيو هئو. ڇو ته هن باقي سڀ دروازا پاڻ لاءِ بند ڪري ڇڏيا هئا. خود تصوف وارو دروازو به!!
    صوفي سڏائڻ لاءِ يا هجڻ لاءِ هن وٽ ڪو خاص سبب نه بچيو هئو. هن لاءِ فقط هڪ آٿت هئو. جيڪو هئو، ڪنور ڀڳت جو هڪ عاشق ۽ اسان جو برهمچاري دوست اشوڪ اروڙ!... ڌڻي ان کي وڏي ڄمار ڏئي اشوڪ اروڙا ڄڻ ته هن جو تمر فقير هئو.
    “منصور جو منشور” سندس شاعراڻو ڪليات آهي، جيڪو پاڻ پنهنجي اڳواٽ جوڙيل پروگرام تحت 25 مارچ 2011ع تي پنهنجي جنم ڏينهن تي ڇپايائين. جنهن جي ڪاپي مون کي ان وقت ڏنائين جنهن وقت پاڻ منهنجي پٽ دانش کان جناح اسپتال ۾ پڇڻ آيو. هيءُ پهريون ۽ شايد آخري ڪتاب هئو، جيڪو هن پنهنجي آٽو گراف کانسواءِ مونکي ڏنو هئو. اتفاق سان ان وقت نه مون وٽ پين هئي ۽ هن وٽ پين هئي.

    “منصور جو منشور” ڪتاب جي جلد ۾ پهريون سفيد پنو اڄ تائين هن جي آٽو گراف لاءِ واجهائي رهيو آهي. مان جڏهن هن سفيد پني کي ڏسان ٿو، جنهن تي هن جو آٽو گراف نه آهي ته اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون.
    (پندرھ روزه افيئر تان کنيل)

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منصور ملڪ
    او منھنجا دوست!
    رکيل مورائي

    اڄ تنهنجو جنم ڏينهن آهي، تون جيڪو هاڻ اسان وٽ نه رهيو آهين. دل چوي ٿي ته تو کي ياد ڪري پاڻ کي اهو احساس ڏياريان ته تون توڻي جو اسان کان وڇڙي ويو آهين پر سچ اهو آهي ته تون اسان کان ۽ پنهنجي پڙهندڙن کان ڪڏهن به وسري نه سگهندين.!

    تو جيڪو ٿورن سالن ۾ اسان کي ڪتابي صورت ۾ ادب ڏنو ان جو ٿورو اسان شايد ڪڏهن به لاهي نه سگهون. تنهنجو پهريون ڪتاب اڻويهه سئو اٺانوي ۾ شايع ٿيو هئو؛ ”الا مان اڏري ويندوسانءِ.“ هيءُ تنهنجو شاعراڻو ڪتاب هئو، جنهن تي تو اياز جي شاعراڻي سٽ تان نالو کڻي رکيو هُئو. ائين ڪري تو نه رڳو اياز سان پنهنجي پيار جو ۽ عقيدي جو اظهار ڪيو پر تو ائين ڪري شايد اهو احساس پاڻ کي ڏيارڻ ٿي چاهيو ته اياز جي شاعريءَ جي ڇانءَ تنهنجي شاعريءَ تي سدائين لاءِ رهي. تو سالن کان پوءِ جڏهن قلم هٿ ۾ کنيو ته زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين ان کي کيسي ۾ نه وڌو ۽ تون لڳاتار لکندو رهئين. تو شاعريءَ سان گڏ، پنهنجي آتم ڪٿا وانگر زندگيءَ جي سمورن معاملن کي خطن جو فارم استعمال ڪندي، مختلف دوستن ڏانهن اهڙا خط لکيا، جيڪي هاڻ تنهنجي آتم ڪٿا جو گمان ڏين ٿا. انهن خطن ۾ تو جيتوڻيڪ گهڻو احتياط کان ڪم ورتو آهي پوءِ به تنهنجي زندگيءَ جون ڪي ڪمزوريون، تنهنجي اڻ ڳڻين سٺاين سان گڏ ظاهر ٿي بيٺيون آهن. جن مان لڳي ٿو ته تو اهي خط، نيڪ نيتيءَ سان لکيا هئا پر انهن مان اها ڳالهه ظاهر آهي ته تو اهي سڀ خط ڇپجڻ واري منشا تحت ئي لکيا ۽ جڏهن اهي ٻن ڪتابن ۾ شايع به ٿيا سي دلچسپيءَ سان پڙهيا به ويا ۽ انهن تو کي گهڻي پذيرائي به ڏني. هڪ اهم لکندڙ طور تنهنجو تعارف ٿيو. تنهنجي شاعري سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي شاعري آهي. جيڪا بنهه سادي سلوڻي ۽ معصوم آهي. جيڪا هر پڙهندڙ آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. وري جو تون انقلابيءَ مان صوفي ٿئين ته ذاتي طور مون کي ڪڏهن به اعتبار نه آيو ته تون صوفي آهين. ان جو هڪ سبب اهو هئو ته تون مذهبي مبلغن ۾ ايترو يقين رکندو هُئين جو اهو صوفيءَ کان وڌي هڪ بلڪل مذهبي شخص وارو عقيدو بڻجي ٿي پيو. عمر جي آخري حصي ۾، ڊاڪٽرن جي جهلڻ جي باوجود، تون پنهنجي محبوبه سان ملڻ لاءِ ڊگهو سفر پنهنجي پئسن تي ڪري وئين. جڏهن ته تون تاشقند ۾ پڙهيو، سرڪاري پئسن تي هُئين ۽ تو ئي ٻڌايو هئو ته؛ تون پنهنجي محبوبه کي پنهنجي ملڪ وٺي فقط ان ڪري نه آيو هئين جو تو وٽ ان کي رهائڻ جي مالي قوت نه هئي پر تون دلبر هئين ۽ هڪ دل وارو شخص هئين، جو تو ان کي پنهنجي دل مان ٻاهر نه ڪڍيو ۽ آخري عمر ۾ شايد ان کي ڏسڻ کان سواءِ تو خدا ڏي وڃڻ نه ٿي چاهيو ۽ تون روس جي شهر ڪيمرو اُسهئين. مون کي خوشيءَ سان گڏ فخر اهو به ٿيو جو تو ان سفر کي لکت ۾ آندو ۽ هڪ لاجواب سفرنامو سنڌي ادب کي ڏنو. جنهن جو نالو ”ڪراچيءَ کان ڪيمرو تائين“ تو منهنجي صلاح سان رکيو ۽ اهو اعزاز به تو مون کي بخشيو ته ان جو مهاڳ مان لکان. تنهنجي هن سفر نامي جي سڃاڻپ، سنڌ جي انهن ٿورن سفرنامن ۾ ٿيندي، جيڪي فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. هيءُ تنهنجو آخري ڪتاب آهي، جنهن کان پوءِ تو پنهنجي ترتيبوار آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪئي هئي. افسوس جو تو کي ڌڻيءَ جي ازلي سڏ ايتري مھلت نه ڏني. تون پنهنجو گڏيل شاعراڻو ڪليات ”منصور جو منشور“، پنهنجي گذريل جنم ڏينهن تي ڇپائي وئين. اهو به سچ آهي ۽ تون اظهار پڻ ڪندو هئين ته تنهنجي هلئي وڃڻ کان پوءِ، تنهنجو رهجي ويل ڪم، رهجي ويندو ۽ ائين ئي ٿيو آهي. اهو پنجويهه مارچ جو ئي ڏينهن هئو، جڏهن تو پنهنجو شاعراڻو ڪليات، مون کي ڏنو هو. مان ان وقت، پنهنجي پٽ سان گڏ جناح اسپتال ۾ هوس. تو ڪتاب ڏنو پر ان تي تنهنجا هٿ اکر نه هئا. جيڪي هونئن سڀني ڪتابن تي آهن. اڄ ان ڏينهن کي سال گذري ويو آهي ۽ پاڻ ملي نه سگهياسين.

    اڄ تنهنجي ياد دل کي ڏکارو ڪري رهي آهي. پر تنهنجا ڪتاب ڏسي، سنڌ جي اڻ ڳڻين پڙهندڙن وانگر، انهن سان پيار ڪرڻ لڳو آهيان. فخر به محسوس ڪري رهيو آهيان ته تنهنجي پهرئين شاعراڻي ڪتاب تي، منهنجو مهاڳ لکيل آهي. تنهنجي پهرئين خطن جي ڪتاب تي به، منهنجو مهاڳ لکيل آهي. تنهنجي پهرئين سفرنامي تي به منهنجو مهاڳ لکيل آهي. جيڪو تنهنجو آخري ڪتاب به آهي. اڄ تنهنجي سڀني ڪتابن سان گڏ، سڀ دوست آهن، ڳالهيون آهن، ڪچهريون آهن. جيڪڏهن ڪجهه نه آهي ته اهو تون آهين! پر پڪ سمجهه، تنهنجيون يادون، مون کي تو جيان ئي پياريون آهن. شايد زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين، اهي آئون پاڻ سان سانڍي رکان.
    پنهنجي آخري پيار جيان،
    تنهنجو پنهنجو.

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين مٿي ڏنل تاريخ درست نه آهي، منصور ملڪ جي وڇوڙي بابت شروع ۾ 12 مارچ ڏنل آهي جڏهن ته اڄ 12 جون آهي۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر منصور ملڪ جا ڇپيل ڪجهه ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا :​
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهون عطا ڪري ... آمين

    سهڻا ماڻهون پاڻ ته هليا وڃن ٿا پر پنهنجي پويان پنهنجي سونهن ڇڏي وڃن ٿا جنهن سبب اسانجي دلين ۾ رهنٿا ....

    لک قرب سليمان صاحب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهرباني سائين رهنمائي ڪرڻ جي

    ترميم ڪري ڇڏي آهي ۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    سائين وساڻ صاحب ڊاڪٽر منصور صاحب جو ڪو ڪتاب پاڻ وٽ آنلائن موجود آهي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نه ادا سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منصور ملڪ جي ورسيء تي سندس ياد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو