• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي رح جي سُرمومل راڻي مان ڪجهه چونڊ بيت۔۔۔۔۔۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ لطيفي151
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

لطيفي151

سينيئر رڪن
ڍاٽي گهڻا اچن، مون سوڍي ونگسيو،
ڪا جا لائي مينڌري، لالي کي لڱن،
راڻو اکڙين، وسارين نه وسري
سوڍي ڌاران سرتيون، پيو ڀتين مَ ڀنگُ،
اُٻاٽجي اڄ ويو، راڻا توريءَ رنگ،
هِينئين سان هاڃو ٿيو، پيو اوسيئڙي انگ،
مون توهين سين سنگ، پڇايو پڇان پهي!
ڍوليا توريءَ ڍٽ ۾، وتان ويڳاڻي،
ارتو تو لئه اوتيان، پنبڻين مان پاڻي،
چولومون چيهون ٿيو، پوتي پراڻي،
توءِ راڻي جي راڻي، سرتيون سڏين ساڻيهه ۾!
 
Back
Top