سنڌ هتي آهي ، ذوالفقار مراز ڪٿي آهي؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2012۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    سنڌ هتي آهي ، ذوالفقار مراز ڪٿي آهي؟؟
    رزاق کٽي ـ
    مرزا ذوالفقار جي حال جي هاڻ گهڻن ماڻهن کي خبر ناهي، کين اها به خبر ناهي ته هو ڪٿي رهي ٿو؟ هو جيڪو گذريل سال ميڊيا جي ڊارلنگ هو، سو هاڻي صحافين توڙي انهن چاهيندڙن کي ڳولھيو به نٿو لڀي. جن ايم ڪيو ايم جي مخالفت جي بنيادن تي هُن سان نينهن جو ناتو جوڙيو هو، اوهان کي به روز موبائيل فون تي اهڙا ايس ايم ايس ملندا هوندا جنهن ۾ مرزا ذوالفقار کان اها گُهر ٿيل هوندي آهي ته هو مهرباني ڪري ميڊيا کي اهو قران واپس موٽائي ڏئي، جيڪو مٿي تي رکڻ لاءِ هو پنهنجي گاڏي ۾ کڻي گهمندو هو.
    هِن دفعي مرزا جي ميڊيا ۽ ڊائيس تان گمشدگي واري ڳالھ انهي ڪري به فيس بُڪ ۽ نجي ڪچهرين ۾ بحث جو موضوع آهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ هِن وقت جيڪو ڪجھ وھي واپري پيو اِهو انهن ڏينهن ۾ ته ٿيو ئي ڪونه پئي، جڏهن مرزا صاحب سندس ئي پارٽي جي هڪ مخالف چينل تي ڏيڍ ڏيڍ ڪلاڪ لائيو ڳالھائيندو هو ۽ هاڻي جڏهن ڪراچي جي ريڊ زون ۾ مهاجر صوبي لاءِ ريليون نڪرن ٿيون، شهر جي مُک چئوڪن تي مهاجر صوبي جي لاءِ بينر ۽ پينا فليڪس لڳن ٿا، مهاجر صوبي خلاف نڪتل ريلين تي فائرنگ ڪري ماڻهو شهيد ڪيا وڃن ٿا، تڏهن سنڌ جي ماڻهن فقير قائم علي شاھ جي حڪومت تي انهي ڪري به آواز اٿارڻ ڇڏي ڏنو آهي جو هو چڱي ريت اها ڳالھ سمجهن ٿا ته جيستائين رحمان ملڪ ويٺل آهي تيستائين سخت بيان به جاري نٿا ڪري سگهجن، ۽ رحمان ملڪ تيستائين آهي جيستائين هي حڪومت آهي.
    ٻي ڳالھ اها ته جن پارٽي جي ڪارڪنن کي اها پڪ هئي ته مرزا ۽ زرداري جي وچ ۾ هلندڙ نورا ڪشتي جو جلد ڊراپ سين ٿيندو، هاڻي اهي ڪارڪن به مايوس ٿي ويا آهن. ها، ڪجھ ماڻهن جو اهو خيال ضرور آهي ته جيڪڏهن صدر زرداري کي سندس حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ (جڏهن هُن کي محسوس ٿيندو ته ِاهي آخري ڏينهن آهن) هو هڪ دفعو وري مرزا وارو پَتو اڇلائيندو ته جيئن پيپلزپارٽي جي وڃايل ساک کي سهارو ڏئي سگهجي، پر ڇا مرزا هاڻي اهو سڀ ڪجھ ڪري به سگهندو؟ جنهن جي توقع هِن وقت عام ماڻهن کي آهي؟ جنهن جو بظاهر هن وقت ڪوبه جواب ناهي.
    سنڌ جو اڳوڻو گهرو وزير ڊاڪٽر مرزا هن وقت سياسي منظر نامي تان مڪمل طور تي غائب آهي، ۽ انهي جو سبب به واضح آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪو ڪجھ هاڻي موجود آهي، انهي ۾ به زرداري صاحب جي مهرباني آهي. اڄ به مرزا صاحب جي ڪچن ڪيبنيٽ جا اهي ماڻهو، جيڪي هُن جي چمچا گيري وارو ثواب ڪمائڻ کان وانجهيل آهن، انهن جو اهو خيال آهي ته زرداري صاحب سڄي سنڌ هُن جي حوالي ڪري ڇڏي هئي، ۽ هُن موٽ ۾ ڇا ڏنو؟
    فرض ڪريو ته جيڪڏهن اهو صحيح به آهي ته ڇا هاڻي ڪوبه دوست مرزا تي اعتبار ڪندو، ته هو محفلن جا راز ته هڪ طرف پر دوستن جا راز به هضم نٿو ڪري سگهي.
    مرزا اهو ماڻهو آهي جنهن کي صرف سندس ڪيل احسان ياد هوندا آهن، هُن مٿان ڪو ننڍو ماڻهو ڪري يا وڏو ماڻهو، کيس ڪوبه احسان ياد نه هوندو آهي. هو مون سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيو هو.
    گذريل سال پنهنجي ئي حڪومت خلاف اعلان جنگ ڪندڙ مرزا ذوالفقار، جڏهن هڪ مهيني بعد بدين ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ پهتو هو ته ان جا انتظام مقامي سطح تي سرڪاري خرچ سان ڪيا ويا هئا. جن ۾ حڪومت جي مرضي ته سڌي ريت شامل نه هئي پر جن ادارن جي ماڻهن اهو خرچ ڪيو هو اهي مرزا جا ئي رکرايل هئا.
    انهي جلسي ۾ پيپلز امن ڪميٽي جي اڳواڻ ظفر بلوچ سان گڏ ايم ڪيو ايم حقيقي جو وائيس چيئر مين به گڏ هو، پهريون ڀيرو تڏهن بدين جي ماڻهن جئي مهاجر جا نعرا ٻڌا هئا. ايم ڪيو ايم حقيقي جو وائيس چيئر مين پنهنجي تقرير ۾ ڪراچي اور سنڌ جو ساڳيو رينگٽ ذري ذري ورجائي رهيو هو، انهي ڏينهن پنهنجي تقرير جي آخر ۾ مرزا ذوالفقار اڌ ڪلاڪ آصف علي زرداري جي ڀاءُ ٽَپي بابت بنا نالو وٺڻ جي ڳالھايو هو. جنهن ۾ هُن اهي سڀ انڪشاف ڪيا جيڪي ڪنهن به اخبار جي شه سرخي ٿي پئي سگهيا، پر نالو نو وٺڻ جي ڪري اها ڳالھ لئه مٽي ٿي وئي.
    توڙي جو ٻئي ڏينهن ڪيترائي مرزا مخالف پي پي پي جا اڳواڻ انهي رڪارڊنگ جي ڳولھا ۾ هئا، ڪيترا ئي ماڻهو چون ٿا ته زرداري صاحب ۽ مرزا جي وچ ۾ بدگماني جو هڪ سبب اهو ئي ٽَپي هو جنهن لاءِ مرزا پنهنجي تقرير ۾ اها ڌمڪي ڏني هئي ته ”هو جيڪو روز پئسن سان ڀريل بيگون کڻي دبئي وڃي ٿو، پنهنجي حرڪتن کان باز نه آيو ته سندس حشر اهڙو خراب ڪندس، جنهن جو هو تصور به نٿو ڪري سگهي.“
    جيتوڻيڪ اڃا تائين پيپلز پارتي اندر ڪوبه ماڻهو اها پڪ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته مرزا ۽ زرداري جا اختلاف ڪڏهن ختم ٿيندا؟ انهي ڪري ڪوبه پارٽي جو اڳواڻ مرزا خلاف وڏي واڪي نٿو ڳالھائي، ڇاڪاڻ ته کين انهي ڳالھ جي پڪ آهي ته جنهن ڏينهن ٻنهي جي وچ اختلاف ختم ٿيا ته پوءِ مرزا کين بخش نه ڪندو. پارٽي جا سمورا اڳواڻ اهو سمجهن ٿا ته هِنن جون پاڻ ۾ ايتريون نوڙيون وَٽيل آهن جو جو هو هڪ ٻئي کان ڇڄي نٿا سگهن.
    پر اسان جا ذريعا اڄ به پنهنجي انهي دعوي تي قائم آهن ته جيڪڏهن معاملا ٺهيل هجن ها ته مرزا جي پُٽ حسنين کي وزارت ضرور ملي ها، جيڪا ڪيترين ئي ڪوششن جي باوجود اڃا تائين کيس نه ملي سگهي آهي.
    هن وقت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا مڪمل طور تي سياست جي دنيا کان پاسيرو آهي، هُن پنهنجي صرف انهي ئي هڪ ڳالھ تي عمل ڪيو آهي ته هو سياست تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ٿو. جڏهن ته باقي سمورين ڳالھين تي مٽئ پئجي چڪي آهي. هو هِن وقت گهڻو تڻو وقت بدين ويجهو سندس رهائش گاھ ”گُرجي آباد“ جي ” فهميده نيسٽ“ ۾ گذاري ٿو.
    ڪيترائي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته انهي فارم هائوس جي ٻَني تي کٽ رکي هو ماڻهن سان حال احوال به ڪري ٿو، پر سچي ڳالھ اها آهي ته 16 ڪلاڪ ماڻهن سان ڳنڊيل رهندڙ مرزا هِن وقت ماڻهن کان مڪمل ڪٽيل آهي. موجوده مرزا لاءِ هاڻي مختلف ڳالھيون مختلف سرڪلز ۾ هلڻ شروع ٿي ويون آهن ته هُن جي جسماني حالت اها ڳالھ واضح طور بيان ڪري ٿي ته هو فزيڪلي فِٽ ناهي، پر ڪيترائي ويجھا ماڻهو اها به دعوا ڪن ٿا ته هو هاڻي ذهني طور تي به ٺيڪ ناهي، ڇاڪاڻ ته شديد ترين ڊپريشن کيس وڪوڙي ورتو آهي، نمازن ۽ ٻي نفلي عبادتن ڏانهن گهڻو لاڙو اٿس.
    سندس گهر واري ڊاڪٽر فهميدا مرزا جي اها ڪوشش هوندي آهي ته عوامي پروگرامن ۾هو ساڻس گڏ هجي پر خاموش هجي، جڏهن ته ڊاڪٽر مرزا جي خاموشي سندس لاءِ عوامي سطح تي انتهائي خواري جو سبب بڻجي وئي آهي، پر جيڪڏهن هو هاڻي وڌيڪ سچ ٻول ٿئي ٿو ته پوءِ جيڪو معاشي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، انهي جو خطرو سندس گهر ڀاتي کڻڻ نٿا چاهين.
    ها، پر اها ڳالھ به ياد رهي ته انهي مرزا کانپوءِ سهيل مرزا اينڊ ڪمپني باقي آهي، جن جي ”ڪاڪردگي“ سبب ايندڙ ڏينهن ۾ بدين هڪ دفعو وري ٻُڏڻ جو خدشو آهي. ليفٽ بينڪ ڪينال ايريا واٽر بورڊ جا سمورا اختيار هاڻي هِن جي حوالي آهن. 22 ڪروڙ اڳ ۾خرچ ٿيا، انهي جو ڪوبه حساب ڪتاب ناهي، هاڻي وري ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن. انهي جي شفافيت پڻ مشڪوڪ بڻيل آهي.
    ليفٽ بينڪ ڪينال ايريا واٽر بورڊ جي ميمبرن جي اڪثريت هِن جي خلاف آهي، پر چرس ۾ چالان ڪرائڻ وارو پراڻو تاثر اڃا تائين هِنن کي ڪم ڏئي پيو، انهي ڪري فلحال ڏنگيل ماڻهو خاموش آهن. پر اها خاموشي هاڻي گهڻي دير نه هلندي، جيستائين ذوالفقار مرزا منظر نامي تي موجود هو ته بدين ۾ اهڙي ڀينگ نه ٿي هئي، جهڙي هاڻي ٿي رهي آهي. چيو وڃي ٿو ته ذوالفقار مرزا ٻي هنڌان ڪمايو پر بدين جي ماڻهن کي ڏنو، پر پوئين مرزائن جيڪو هٿ ورتو آهي، انهي مان اهو واضح لڳي ٿو ته ذوالفقار مرزا کانسواءِ بدين جي تڪ واري فلم گهڻو عرصو نه هلي سگهندي.

    هفتيوار جذبو بدين جي ٿورن سان
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي رضا جوکيو

    علي رضا جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    51
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    working ngoگڏاپ
    ماڳ:
    گڌاپ ڪراڇي سنڌ gaddap
    سائين ملڪاڻي صاهب اها ته سنڌ جي بدنصيبي آ جو سوڍا وارا جوش کڻي لڪ لڪوٽي کيڏي لڪي ويندا آهن اهو ته گول دنيا جا گول ماڻهو گول ٿي ويندا آهن اهڙن تي ڪهڙيون معيارون ۔۔۔۔ادا تون ته تمام سٺو لکيو آ پر ڇا ڪجي ڳولا ڪنداسين ڪٿي نه ڪٿي ملي ويندو ۔پر هن ڀائو کي عزيز آباد ۾ ڳوليون 90 تي ملندو ۔۔ان ڊرامي جو معاوظو پيو وڍندو هوندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مونکي لڳي پيو ته زرداري صاحب وري پنهنجا پتا کيڏڻ شروع ڪيا آهن۔

    ملڪ رياض وارو معاملو، شرجيل ميمڻ جي اطلاعات جي وزارت جي واپسي، سسئي پليجو جي واپسي، فيصل رضا عابدي جو سائيڊ تي وڃڻ ۽ ڪراچي ۾ قادر پٽيل ۽ سعيد غني جون سرگرميون ۔۔۔۔۔۔۔ لڳي ٿو ته جلد مرزا جي واپسي به ٿيندي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو