پير سائين!( هڪ مذاحيه اسڪرين پلي) جاهل به ته پڙهيل به.

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏13 جون 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پير سائين!( هڪ مذاحيه اسڪرين پلي)

    جاهل به ته پڙهيل به. چاهي ڪنهن جو رُپ هُجي يا بهرُپ... هي ته هن دُنيا جي راند آهي ۽ هن راند ۾ کٽ هار ته ٿيندي رهندي ٽُٻڪي تي رسيا ته عروج سندن هر قدم هيٺان هو. ڪلهه اُهي جيڪي ميدان تي ۽ راند ۾ پُستي ۾ هُئا پرجڏنهن هنن پنهنجي ئي ، گول تي شروعات ڪئي ته هو عروج تي پُهچي ويا. اچو ته ڏسون اها پُر فريب راه گُذر ۽ هڪ عجيب و غريب ترقيءَ جو راز ”پير سائين!“

    تحرير، مُڪالما ۽ منظر ڪشي ......... عبدالرزاق ميمڻ
    (هڪ ٻي چڀندڙ تحرير جنهن جو هر ڪو شڪار آهي)

    جاري

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سين پهريون

    !مون پپر واري پير سائينءَ کي چيو” پير سائين! مونکي طاقت گهُرجي.. بي پناه طاقت.“
    “نادان! طاقت لاءِ گُلوڪوز جون ٿيلهيون لڳائڻيون ٿيون پون، اُهي وڃي هڻاءِ“ پير سائين مشهورو ڏنو
    ، نه پير سائين! مونکي اُها واري طاقت نه گهُرجي“ مون چيو ” مونکي ڏوڪڙين طاقت گهُرجي، ڳاڙهن، ساون ۽ بلو نوٽن جي طاقت
    اختيار ۽ اقتدار جي طاقت، مونکي باڊي بلڊر ڪونهين ٺهڻو.. مان ڏاڍو پري کان توهانجي واڱاڻ ٻُڌي آيو آهيان، مونکي مايوس نه ڪريو“
    ڪيترو پري کان؟ پير سائينءَ پُڇي ورتو
    گهٽ ۾ گهٽ 200 ڪلوميٽرن کان... روپ بدلائي پُهتو آهيان توهان وٽ.. مون ٻُڌايومانس
    مسئلو ڇا اٿئي؟
    نوڪري ڪانهين، ڏوڪڙ ڪونه آهن، گهر ڪونهين،، ڪا گهرواري ڪانهين، ڪُجه به ڪونهين مون وٽ، مان شايد هن سنڌ سڳوريءَ جو ڪنگال انسان آهيان.
    هون ته ڇا زرداري توکي بينظير سپورٽ ڪارڊ يا وطن ڪارڊ ڪونهين موڪليو؟
    بابا سائين نالي تي ته موڪليو اٿس، پر مونکي ڪونهين رسيو، علائقي جو وڏيرو پاڻ ئي ڪيش ڪرائي پنهنجا ٻچا پيو پالي
    ته ڇا تُهنجو خيال آهي ته اهي سڀ شيون هن مونکي رکڻ لاءِ ڏنيون آهن ۽ آئون هنن پپر جي وڻ هيٺان ويهي ورهايان پيو؟ ۽ تُهنجي ايند ئي تُهنجي حوالي ڪري ڇڏيندُس
    مونکي ڪهڙي خبر پير سائين! پر مون ته ٻُڌو آهي ته سنڌي ايم اين اي ۽ سنڌي ايم پي اي وانگر جي اوهان جي نظر مون تي پئي ته مُهنجو به ٻيڙو پار ٿي ويندو
    هون ته اها تعريف ٻُڌي آيو آهين
    جي پير سائين، توهان ناظم ٺاهيا، ايم پي اي ۽ ايم اين اي ٺاهيا، پر هڪ رستي ڇاپن کي ته توهان منسٽر به ٺاهي ڇڏيو
    بابر غوريءَ جي ڳاله پيو ڪرين يا وسيم جي!
    پير سائين به مسڪرائي چيو ” ان جو مطلب آهي ته تون مون بابت پوري خبر گيري ڪري آيو آهين
    ها پير سائين! مُڪمل خبر گيري“
    ته پوءِ توکي اها به خبر پئي هوندي ته سسئي پليجي يا شرجيل ميمڻ کان قلمندان ڪنهن کسايو، مرزا کي قرآن ڳچيءَ ۾ ٻڌي کڻي هلڻ جو مشهورو ڪنهن ڏنو
    جي پير سائين!
    ته پو توکي اها به خبر هوندي ته مُهنجي پهرئين مُلاقات جو نذرانو هڪ هزار رُپيا آهي
    بس اتي ئي مار کائي ويس پير سائين! اها خبر گيري نه ڪري سگهيس.. مون پريشان ٿي چيومانس
    هاڻ ته خبر پئجي ويئي نه؟ هاڻ وڃ مورک! وڃي ٻه هزار رُپيا کڻي اچ
    ٻه! ٻه! هزار پير سائين.. مون هٻڪي چيو
    ها ٻه هزار، ان ڪري جو جڏنهن تون ٻيو دفعو ايندي ته ٻي مُلاقات ٿيندي.. پير سائين حساب ڪري ٻُڌايو.. ان کان پوٰ تُهنجي ڪيس تي غور ڪندس
    پر پير سائين! اهو ته ٻُڌايو ته اهي ٻه هزار ڪٿان آڻيندس.. مان ته غريب آهيان؟
    وڃ وڃي ماڻهن کان موٽر سائڪلون ڇن، موبائل ڇن هاڻ وڃ مونکي خبر ڪانهين ته ٻه هزار ڪٿان آڻي ڏيندي ڇو جو مورک اهو مُهنجو شعبو ڪونهين... پير سائينءَ ٺُپ جواب ڏئي ويٺو
    ٻه هزار رُپيه کڻي اچ! پوءِ تنهنجي هر سوال جو جواب به ڏيندس ۽ پئسن ٺاهڻ واري مشين جو راز به ٻُڌائيندو سئين ته رستو به
    ڏيکاريندو سئين.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سين ٻيو

    پوءِ مون به ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ٻن هزار رُپيئن جو بندوبست ڪري ڇڏيو، بهرحال جڏنهن مان اهو نذرانو کڻي پير سائين پپر واري وٽ پُهتس ته هن مُنهنجو، ڀرپور طريقي سان استقبال ڪيو جيئن رحمان ملڪ جو ڊاڪٽر فاروق ستار يا عشرت العباد ڪندا هُئا. هن پير سائينءَ کي اها خبر ناهي ته پپر وارو پير سائين ڇو ٿو چيو وڃي، حالانڪ هو مون غور سان جانچي ڏٺو ته نم جي وڻ هيٺان ويهندو هو، مُهنجي پُڇڻ تي هن ٻُڌايو ته
    مونکي خبر ناهي مورک ته ماڻهون مونکي پپر وارو پير سائين ڇو ٿا چون؟ جڏنهن ته مون پنهنجي زندگيءَ ۾ پپر جو وڻ ڏٺو به ڪونهين.. بس هاڻ اها ماڻهن جي مُحبت ئي ته آهي، اُهي ڀلي ڪهڙو به نالو ڏين، سُلفيءَ وارو قئم شاه چون يا بانسريءَ وارو....؟

    جاري
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين توهان جنهن فونٽ ۾ تحرير موڪلي آهي ان جو سائيز تمام ننڍو آهي ۽ ڊفالٽ فونٽ نه هئيڻ ڪري لفظن کي سمجهڻ ۾ مونجهارو ٿي رهيو آهي، مهرباني ڪري ان جي ترميم ڪندا۔ لک قرب
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پير الطاف جي ڪٿا لکي اٿوَ ۔۔۔؟؟؟ اهو نڀاڳو پير نه نم جي هيٺان نه پپر جي هيٺان، اهون چنڊو ته ماڻهن جي لاشن تي ويٺو آهي، انکي لاشن وارو پير چئجي ۔۔۔ اوهانجي لکت تمام ڀلي سوا ڪجهه حرف و نحو جي درستگي جي ٻيو سڀ خئير ۔۔۔

    لک قرب
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سين ٽيون

    پپرواري پير سائينءَ جو گهر وڏو هو، مين گيٽ مان داخل ٿيندي ئي هڪ ويڪرو انڱڻ جنهن ۾گُلن جي ڪونڊين ۽ وڻن کان علاوه هڪ قبر به ٺهيل هُئي. اها قبر پير سائينءَ جي پير مُرشد جي هُئي. قبر سان گڏ پير سائينءَ جو هڪ حجرو به هو، هڪ وڏو ڪمرو جنهن ۾ گلم وڇايل هو جنهن تي تُل به رکيل هُئا هي هڪ عام ڪمرو هو.

    هن حوجري جي پاسي ۾ ڪُجه فاصلي تي هڪ اصل گهر ٺهيل هو جنهن ۾ گهڻائي ڪمرا هُئا، شاندار فرنيچر سان، پير سائينءَ چواڻي ته ته هي سڀ هند سنڌ جي مهمانن لاءِ ٺهيل آهي جڏنهن ته هو پاڻ انهيءَ حوجري ۾ ئي رهي ٿو، مطلب تي پير سائين تمام گهڻو مشهور ماڻهو هو، سندس بابت الاهي روايتون ۽ ڳالهيون مشهور ٿيل هُيون، ته فلاڻي فلاڻي وڏي شخص جو مسئلو، چپڙيءَ ۾ حل ٿي ويو جڏنهن هن پير سائين جي پيرن ۾ اچي ڪريا، ،فلاڻي شخص جو وزير ٿيڻ به پير سائينءَ جي دُعا ڪري ٿيو وغيره وغيره، ان ڪري پير سائينءَ هي حُجري تي ماڻهن جي رش رهندي هُئي.

    سين چوٿون

    بحر حال مون ٻه هزار آڻي پير سائينءَ جي پيرن تي رکيا ۽ پوءَ پير سائين شفقت ڀرين نظرن سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳو
    ”ها هاڻ ٻُڌاءِ، ڪهڙو مسئلو آهي توسان؟
    ”پير سائين! قسمت جي خرابي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي“ مون پنهنجو ڏکڙو ٻُڌائڻ شروع ڪيو،
    ”هڪ پريشاني مس ٿي لهي ته ٻي وڪڙيو وجهيم“
    ”ان لاءِ ته چوندا آهن مورک ته صقت برباد نه ڪر! جيڪو ڪرڻو اٿئي ڪري وٺ“
    ” پوءِ ٻُڌايو ته ڇا ڪريان مان؟“
    “وظيفو پڙه، چلو ڪٽ، تنهنجا ڏينهن ڦري ويندا“ پير سائين چيو
    ” ڪهڙو وظيفو پير سائين”“ مون پُڇيو هاڻ ته مان سڀ ڪُجه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ڇو جو گهڻو ئي خوار ٿيو آهيا“
    ”قبرستان ۾ ويهڻو پوندئي“
    ”ڪنهن قبر ۾ ته نه لهي وهڻو پوندو؟“
    ”نه! اڃان تُهنجو قبر ۾ وڃڻ جو وقت ڪونهين آيو“ بابا چيو
    ”ها پر! هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي قبر تلاش ڪري ان تي چلو ڪاٽڻو آهي، جنهن جي ڪنهن سان مُحبت ٿي هُجي“
    ” هي ڪهڙو ڏکيو ڪم ٻُڌائي ڏيو آهي توهان؟. مان باقائدي جهجهڪي چوڻ لڳس
    ”هاڻ اهڙي قبر ڪٿي تلاش ڪريان“
    ”اهو ته تُهنجو ڪم آهي“ پير سائين چيو
    ”ٻن ئي چلن ڪٽڻ سان تُهنجي قسمت بدلجي ويندي، پوءِجيئن تون چوندي يا چاهيندي ائين ئي ٿيندو“
    ”ٺيڪ آهي پير سائين، پوءِ مان پهرئين اهڙي ڪا قبر ڳولي اوهان کي ٻُڌائيندُس“
    ”۽ جڏنهن تون ايندي ته پاڻ سان هزار رُپيا به ضرور آڻجئين، ڇو جو تُهنجي مونسان اها ٽين مُلاقات هوندي“
    مان دل ئي دل ۾ پير سائين تي ڦٽڪار وجهندو ويس، بحرحال هن کي دل ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندو آئون سندس حجري مان ٻاهر نڪري آيس، يعني پهرئين هڪ پيار ڪري مري ويل ڇوڪريءِ جي قبر جي تلاش ۽ پوءِ پير سائين لاءِ هڪ هزار رُپين جو نذرانو.“

     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سين پنجون

    هر طرف قبرون ئي قبرون هُيون، هر قبر تي مرڻ واري جو نالو يا مرڻ واريءَ جو نالو اوڪريل هو، مسمات صغران عُمر اسي سال، ذڪيه عمر سٺ سال، نورين چاليه سال، الاهي قبرون اوڻيهن ويهن عمر جي ڇوڪرين جون قبرون هُيون جيڪي وچاريون زندگيءَ جي بهار ڏسڻ کان پهرئين موڪلائي چُڪيون هُيو۔
    هڪ قبر تي لکيل هو، روزينه بنت سليم خان، عمر ايڪيه سال ۽ قبر به شاندا قسم جي ٺهيل هُئي، مان پڪ سمجهيو ته هن ڇوڪريءَ ضرور مُحبت ڪئي هوندي ۽ ڪنهن ڪاري ڪري ماري ڇڏيو هوندُس۔
    هاڻ سوال اهو پئدا ٿي ويو ته ڪيئن خبر گيري ڪريان ته اها قبر مُحبت ڪرڻ واري ڇوڪريءَ جي آهي، اهو ڏس پتو رکڻ لاِ لازمي آهي ته هن مرڻ واريءَ جي ڪا ايڊريس وغيره معلوم ٿئي، ته کوجي سگهان۔ مون هاڻ گورکن کي ڪجه ڏئي وٺي معلومات ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو۔
    ”سائين! هي جيڪا قبر آهي خبر پئجي سگهي ٿي ته ڪنهنجي آهي؟“ مون قبر ڏانهن اشارو ڪري پُڇيو
    ”اڙي بابا! هن تي ڪتبو لکيو پيو آهي پاڻ ئي پڙهي وٺ!“
    ”سائين! مُهنجو خيال آهي ته ڪتبو شايد غلط لڳل آهي“ مون چيو
    ”مون کي ياد ٿو پوي ته هتي مُهنجي ماسيءَ جي قبر هوندي هُئي؟“ هاڻ اها ٻي ڪنهن جي آهي۔ هلو ٺيڪ ڀلا اهو کڻي ٻڌاءِ ته ڪو هن قبر جي سار سنڀال لهڻ به اچي ٿو يا۔۔۔؟“
    ”ها صاب! هر خميس تي گهر وارا ايندا اٿس، فاتح پڙهڻ“
    هلو ايترو ته معلوم ٿي ويو، هاڻ مونکي اهو ڪرڻو هو ته خميس جي ڏينهن هن قبر تي اچان، پوءِ اُتي ايندڙ جو پيڇو ڪريان ۽ سندن گهر گهاٽ معلوم ڪري وٺان اڄ ته اربع هُئي، يعني سڀاڻ شام جو، مون گورکن کي پنجاه رپيا ڪڍي ڏنا ۽ قبرستان مان ٻاهر نڪري آيس۔
     
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سين ڇهون

    ٻي شام جو قبرستان پُهچي هڪ اهڙي جڳه تي بيهي رهيس جتان اُها ڇوڪري واري قبر بلڪل صاف ڏسڻ ۾ پئي آئي، ڪجه دير کان پو چار پنج ماڻهون ان قبر تي آيا، انهن گُل چاڙهيا، فاتح خواني ڪئي ۽ ٻاهرئين گيٽ طرف وڌي ويا، مان انهن جي پُٺيان هُئس ۽ انهن جو پيڇو ڪرڻ لڳس، مون وٽ پنهنجي موٽر سائيڪل هُئي، هو ماڻهو به ڪار ۾ آيا هُئا، بهرحال مون انهن جو تعاقب ڪيو ۽ سندن گهر تائين رسي ويس۔

    سين ستون

    هي هڪ خوبصورت گهر هو، هاڻ مرحلو هو ته ڪيئن خبر گيري ڪريان ته هن ڇوڪري سان ڪنهن مُحبت ڪئي هُئي يا نه! ان لا پاڙي جي ڪنهن ماڻهون جي مدد وٺڻ ضروري هو يا گهر جي ڪا ڪم ڪرڻ واري ماسي (نوڪرياڻي) ئي اهو ٻُڌائي سگهي ها۔ قسمت به شايد مُهنجو ساٿ پئي ڏنو، اوڏي مهل ئي هڪ ماسي پنهنجي مٿي تي رئو صحيح ڪندي ٻاهر پئي نڪتي، شايد اُها ڪم ڪرڻ واري مائي هُئي مان اڳتي وڌيس ڇو جو اهڙيون گهرن ۾ ڪم ڪرڻ واريون مايون هميشه ڪار آمد رهنديون آهن، مون اُن ويندڙ مائي کي سڏ ڪري روڪيو!
    ”ادي ٿورڙي ڳاله ٻُڌجو“ هو بهي رهي، ان کان پهرئين جو آئون ڪُجه پُڇانس هن ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو
    ”نه ادا! هاڻ مون وٽ وقت ڪونهين، پهرين ئي پنجن گهرن ۾ ڪم پئي ڪريان، هڪ اڪيلي جان۔۔ ڪٿي ڪٿي ڪم ڪنديس۔۔ هي جي چئين ته مان پنهنجي ماسي کي موڪليان ، اهو ڪم به سٺو ڪندي آهي، بلڪل صفائي سان، توهانکي شڪايت جو موقعو ئي ڪونه ڏيندي، هڪ ڪم جو پنج سئو وٺندي، ان حساب سان ڀلي ڪيترو به ڪم وٺوس۔۔“
    ”بس ادي بس! الله واسطي بس ڪر ۽ هاڻ مُهنجي ڳاله ٻُڌ“ مون هن جي اڳيان هٿ ٻڌندي چيو
    ”پهرين ته هي پاڻ وٽ رک“ مون سئو جو نوٽ هن طرف وڌايو
    ” هي مُهنجي طرفان تو لا انعام آهي“
    ” ”هلو انعام آهي ته پو ٺيڪ آ“ هن نوٽ جهپٽي رئي جي پلاند ۾ ٻڌي ڇڏيو
    ”هاڻ پُڇ ڀائو! ڇا پُڇڻو اٿئي؟“
    ” تون هن گهر ۾ ڪڏنهن کان پئي ڪم ڪرين؟“ مون ان گهر طرف اشارو ڪري پُڇيس
    ”ست سال ٿي ويا اٿم“
    ”ڇا روزينه نالي ڇوڪري هن گهر ۾ رهندي هُئي؟“
    ”ها! “ هن پنهنجو ڪنڌ به ڌوڻي جواب ڏنو
    ” هو ويچاري هاڻ هن دُنيا ۾ ڪٿي؟، هن گهر ۾ته بس هاڻ ما پي ئي ٿا رهنس“
    ”شاباس! هاڻ اهو ٻُڌا ته ڇا هُن ڪنهن سان مُحبت ڪئي هُئي؟“
    ”ٻڌو ڙي! هي به ڪا پُڇڻ جي ڳاله آهي“ هن چيو
    ”هن بدنصيب ته ان پيار خاطر ئي ته زهر کائي خود ڪشي ڪئي هُئي“
    مُهنجو ڪم ٿي ويو هو، مونکي جيڪو پُڇڻو هو ان جو جواب ملي چڪو هوم، مون اڃان سندس شڪريو ادا ڪيو۽ واپي پئي وريس ته هن ڪمبخت اوچتو مُهنجو هٿ پڪڙي ورتو ۽ زور زور سان گوڙ ڪرڻ لڳي
    ”اڙي ٻاهر نڪرو ممتاز صاب! جلدي نڪرو۔۔ پڪڙجي ويو!۔۔۔ جلدي نڪرو ۔۔ پڪڙجي ويو!
    مان گهٻرائجي هٿ ڇڏائڻ لڳس ته هو به ڪنهن آڪٽوپس وانگر مان سان چهٽجي پئي، گهرن مان ڪي ماڻهون گوڙ ٻُڌي ٻاهر نڪري آيا، هن جو گوڙ ٻُڌي ڇوڪري جي گهران به ڪي ماڻهو ٻاهر آيا ۽ اچي پُڇڻ لڳس
    ”ڇا ٿيو نسرين!” ڪير آهي شخص جنهنکي تون جهلي بيٺي آهي؟“ انهن مان هڪ پُڇيو
    ”صاب! هي ئي آهي اهو مردود! جنهن جي ڪري بيبي پنهنجي جان ڏني آ“
    هي هڪ نئين مُصيبت هُئي، مان ته بلڪل بوکلائجي ويو هوس
    ”اڙي نه ڀيڻ! توکي غلط فهمي ٿي آ! مان ته مرحومه کي سڃاڻان به نه!“
    ”صاحب ڪوڙ ٿو ڳالهائي! هن مونکان بيبي بابت پُڇاڻو پئي ڪيو ”مُحبت جي ڳاله پئي ڪيائين“ نوڪرياڻي بي جهجهڪ چوندي وئي
    بس نه ٿي هم، نه تم ٽن ماڻهن مونکي پڪڙي ورتو
    ” ذليل انسان! تُهنجي ڪري ئي اسان جي گلن جهڙي روزينه مري وئي، اسان توکي هاڻ نه ڇڏينداسون، تو ان لا ته نه پنهنجي ڪا تصوير موڪليس، نه ئي ان بدنصيب سان مُلاقات ڪئي، صرف موبائل تي ڳالهائي پيار جتائڻ لڳين، ۽ هو ويچاري سمجهندي رهي ته تون هن سان پيار ٿو ڪرين، ۽ آخر تنهنجي بيوفائي تي خود ڪشي ڪري وڌائين“
    ”ڏسو سائين! توهان کي غلط فهمي پئي ٿئي! ان عاشق اوهان کي نالو ته ضرور ٻڌايو هوندو نه؟“
    ”اها به تُهنجي چالاڪي هُئي، تون پاڻ کي گمنام عاشق چوندو هُئين، تُنهنجي گمنامي ته اڄ ختم ڪنداسون۔۔ چڱو ٿئين جو ذليل انسان تون پاڻ هيڏانهن اچي وئين“
    ان کان پوانهن سڀني ملي ڪري جو مونکي مارڻ شروع ڪري ڏنو ته بس مُهنجي دل ئي ٿي ڄاڻي ته اُن وقت مُنهنجي ڇا حالت هوندي، مان فُٽ بال جيان لڙڪي ئي هليس، هو مونسان هر قسم جي گارين سان تواضع ڪري رهيا هُئا ۽ مان وري پپر واري پير سائين تي اندر ئي اندر ۾ گارين جو وسڪارو ڪيو ويٺو هوس، بهرحال هنن جڏنهن اهو حال ڪري مونکي آزاد ڪيو، ان ڊپ کان ته متان مان اُتي ئي مري نه وڃان ته مُهنجي حالت اهڙي هُئي جو هلي به نه پئي سگهيس، مون قسمت ٺاهڻ لاِ وظيفن جو چڪر پئي هلايو ته پهرئين ئي وظيفي مُهنجي قسمت خراب ڪري ڇڏي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪهاڻي ڏاڍي دلچسپ لڳي، اسان جا نوجوان اهڙي قسم جي جهانسي ۾ سولائيء سان ڦاسي ٿاپون ۽ نتيجي جي پرواهه بنا وڃي ٿا ڦاسي پون۔ اوهان جو لکڻ جو انداز به دلچسپ هو جنهن هر سين ۾ تجسس پئي پيدا ڪيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ست سين تمام بهترين، هاڻي اٺين سين ۾ ڪهڙو حشر ٿيو صاب جو۔۔۔۔۔اهو ضرور ٻڌائجو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    توهان جي ڪهاڻي هڪ عٍجيب احساس پيدا ڪري ڇڏيو۔ پڙهڻ ۾ ايترو ته گم ٿئي وياسين جو ستن سينن جي ختم ٿيڻ جو احساس ئي نه ٿيو۔ٽي وي ڊرامن وانگر هي ڪهاڻي به ًگهڻن رخن واري معلوم ٿي ٿئي۔بهرحال پڙهڻ سان لطف اندازو ٿياسين،ان ۾ ڪمال شايد اوهانجي ڪهاڻي لکڻ جي انداز جو آهي۔توهانجون مهربانيون۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سين اٺون

    بهر حال مُڙسن جا موچڙا کائي ٻه ڏينهن ته آئون گهر ۾ کٽ ڀيڙو ٿي ويهي رهيس ۽ سورن تي ها ها ڪندو رهيس، ٽين ڏينهن مس مڃي پيرسائين پپر واري وٽ حاضري ڀرڻ جهڙو ٿيس

    ”پير سائين! قبلا توهانجي وظيفي ته مونکي جهور جهور ڪري ڇڏيو“ مون شڪايت ڪئي
    پير سائين جلالي ٿي پنهنجو چهروئي ٻي طرف موڙي ڇڏيائين، هو ظاهر ڪري رهيو هو ته هن مُهنجي ڳاله ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي آهي
    ”پير سائين! قبلا! مُهنجي ڳاله ٻُڌو پيا نه؟ منهنجو حال ته ڏسو۔۔ پُڇو ته مونسان ڪهڙي ويڌن گُذري آهي؟“
    ”بيوقوف! نادان پيروڪار! جڏنهن توکي ٻُڌايو ويو آهي ته مان هر مُلاقات جو نذرانو هڪ هزار جو بلوُ نوٽ وٺندو آهيان، ته پو بغير پئسا ڏيڻ جي تو ڳاله ڪيئن ڪرڻ شروع ڪري ڏني؟“
    ” قبلا سائين! اها ته ڪا ڳاله نه ٿي” مون به سڙي پچرجي چئي ڏنس
    ”گهٽ ۾ گهٽ ڳاله ٻُڌو ته“
    ” هزار جي نوٽ کان سوا ڪا به ڳاله نه ٻُڌندس“ پير سائين به اصل ڍيٺ ٿي ويو
    ”وڃ۔۔ وڃي پهرئين مُهنجي في کڻي اچ۔۔۔ پو ڏس ته مان تولا ڇا ڇا نٿو ڪريان“
    عجيب پير سائين هو، ذري گهٽ لڳو پئي ته الطاف حُسين هو جيڪو هڙتال جو اعلان ڪرڻ کان پهرئين واپارين کان ڀتي جو چيڪ وٺي تصديق ڪندو هو، پي ڇا ڪران مونکي به هرحال ۾ پنهنجي رام ڪهاڻي ٻُڌائي کائنس ئي مشهورو وٺڻو هو نه ته زرداري وانگر ڪيئن پئي جي سگهيس، اهڙي طرح ڪنهن نه ڪنهن ريت هزار رُپين جي ڀتي جو بندو بست ڪرڻ لا هليو ويس۔
     
  13. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سين نائون


    بس ڪنهن نه ڪنهن جو کاٽ هڻي آئون هزار جو نوٽ کڻي پير قبلا سائين پپر واري جي حُجري جهڙوڪ نائين زيرو ۾ پُهچي ويس، بس هن دفعي بابا مون تي ڀرپور توجه ڏني جيئن الطاف حُسين منگي تي ڏيندو آهي
    ”اڙي ٻچڙا! ڇا ٿيو آ توسان۔۔ هي زخمن جا نشان ڪيئن؟۔۔ ڇا ڪنهن سان وڙهي آيو آهين يا ڪو اي اين پي وارو رستي ۾ ملي ويو اٿئي۔۔ يا ڪنهن لياري گينگ گينگ واري جي هٿ چڙهي وئي۔۔ يا امن ڪميٽي موچڙا هنيا اٿئي؟ ۔۔۔ويه ويه۔۔ سولو ٿي۔۔ ٻچڙا پهرئين چو نه ٻُڌايئي؟“
    پير سائين پپر واري جي دولاب ۽ مڪاري تي مُهنجو رت پئي ٽهڪيو، پر ڇا ڪريان هزار رُپيا ته ڏئي چُڪو هو سانس۔۔ پو هن کان اڳيان هلي ٻيا مشهورا به وٺڻا هُيم، ان ڪري مون پير سائين کي سڄو داستان ٻُڌايو
    ”او هو! هي ته ڏاڍو خراب ٿيو“ پير سائين پريشان ٿي چوڻ لڳو
    ”خير ڪا ڳاله ڪانهين۔۔ تو ڪا ٻي قبر ڳولي وٺ“
    ”نه پير سائن قبلا! هاڻ وڌيڪ موچڙا کائڻ جي همٿ ڪانه اٿم۔۔ توهان ٻيو ڪو آسان وظيفو ٻُڌايو؟“
    ” ته پو ٻن ٽن ڏينهن کان پو اچجئين“ پير سائين حڪم جاري ڪيو
    ”مان وظيفو ٺاهي ٿو رکان۔۔ پر مورک توکي وري ٿو ٻُڌايان ته جي ترقي ڪرڻي اٿئي ته موقع جو فائدو وٺندو ڪر“
    ”هي ڳاله توهان پهرئين ۽ بار بار پيا دُهرايو قبلا سائين۔۔ پر مونکي سمجه ۾ ئي ڪانه پئي اچي“
    ”چڱو اهو ٻُڌا۔۔ تو اڄ تائين مُهنجون ڪيتريون ڪرامتون ڏٺيون آهن؟“
    ”مون اڃان تائين ته ڪُجه به ڪونهين ڏٺو قبلا سائين!”
    ”ڪوڙ نه ڳالها“ پير سائين اکيون ڳاڙهيون ڪري مون کي چوڻ لڳو
    ”ڇا تو مونکي ٽيو ڏينهن هن نم جي وڻ سان ڪچهري ڪندي ڪونه ڏٺو هو؟“
    ”پير سائين! ايتري به نه هڻو! ڀلا هي وڻ اوهان سان ڪيئن ڳالهائيندو؟”
    ” بي وقوف! اهوئي ته مان توکي ترقي جو چانس وٺائڻ لاِ ڏيڻ چاهيان پيو” پير سائين سمجهائڻ لڳو
    ” پنج سئو رُپيا روز ملندئي۔۔ ماني لٽو ان کان سوا۔۔۔ رهائش جو ته ڪو مسئلو ئي ڪونهين“
    ”سمجهي ويس پير سائين۔۔ يعني توهان چاهيو ٿا ته مان توهانجي ڪرامتن جي پبلسٽي ڪريان! ۔۔ ته توهان مونکي روزانو 500 جو سائو نوٽ ڏيندا۔۔ معني ته توهان مونکي 500 روزانه ڏهاڙي تي نوڪر رکيو آهي“
    ”ها! پير سائين به مسڪرائي چوڻ لڳو
    ” ٻچا هي زمانون۔۔ پرو پيگنڊا جو آهي۔۔ ان ۾ ته ڪو شق ڪونهين ته پنهنجي مُرشد جي دُعائن سان آئون به هڪ وڏو پير ٿي ويو آهيان۔۔ سو موهنجي پيري کي به پبلسٽي گهُرجي۔۔ تون مون کي هڪ سمجهو ۽ پڙهيل لکيل انسان ٿو لڳين۔۔ ان لا توکي اها پيش ڪش ڪريان ٿو۔۔ ورنه هن ڪم لا مونکي سوين ٻيا ماڻهون به ملي ويندا“
    ”ٺيڪ آ پير سائين! هاڻ مُنهنجي هوندي توهان کي ٻئي ڪنهن جي ضرورت نه هُجڻ کپي“
    ”هت رک!“ هُن پنهنجي ران تي زور سان هٿ هڻي چيو
    ”مان توهانجو هي پورو شعبو اڪيلو پاڻ ئي سنڀاليندُس“ مون چيو
    ”پر ڪم شروع ڪرڻ کان پهرئين مُنهنجا ڪي شرط مڃڻا پوندوَ“ مون ايگريمينٽ ڪندي چيو
    ”هل مڃيم! اهي به ٻُڌائي وٺ۔۔ آئون به پهرئين ڳاله ڪليئر ڪرڻ جو حامي آهيان“
    ”پهريون شرط اهو آهي ته۔۔ توهان جيڪي مونکان ٽي هزار رُپيا ورتا آهن اُهي مونکي واپس ڪندا۔۔ ته مان انهن ماڻهن کي وڃي واپس ڏئي اچان جن کان مان بطور قرض گهُريا هُئا“
    ” هل منظور! “ بابا چيو
    ”هاڻ ٻيو شرط ٻڌا؟“
    ”ٻيو شرط اهو آهي ته مُنهنجي عزت ڪئي ويندي ۽ مُنهنجو هن حُجري ۾ درجو ٻئي نمر جو هوندو؟“
    ”هي آفاق جا شرط پيو ٻُڌائين۔۔ جنهن کي ان سزا طور سالن تائين جيل ۾ وهاري ڇڏيو هومانس۔ خير اڳتي هل! اهو به منظور“
    ”واقعي منظور! پير سائين؟“ مون چيو
    ”ڀوڪ! تون هوئن ئي هتي مونسان رهڻ ڪري ٻيو نمر ٿي ويندي! هاڻ مان به سمجهي ويس ته توکي اهو وظيفو چٽو ياد ٿي ويو ته ترقي ڪرڻ لا موقع مان فائدو وٺجي“
    ”بلڪل! هاڻ مان چڱي طرح سمجهي ويس ۽ انشا الله اڳتي به ان نصيحت تي هلي توهان کي ۽ پاڻ کي مايوس ڪونه ڪندُس“
    ”هاڻ اهو ٻُڌا نم جي وڻ مونسان ڳالهايو هو يا نه؟“
    ”پير سائين! نه صرف ڳالهائيندي! پر مون ته وڻ کي توهان سان هٿ ملائيندي به ڏٺو هو“
    ”هاڻ ايتري به نه هڻ! اهو گهڻو ٿي ويندو۔۔ بس فلحال تون رُڳو وڻ سان ڳالهائڻ تائين محدود ره۔۔ “ پير سائين پنهجي جبي واري وڏي کيسي ۾ هٿ وڌو
    ”هي وٺ تنهنجا ٽي هزار! ۽ هي 500 رُپيه ايڊوانس ڏهاڙي“
    سو مان ان ڏينهن کان پير سائين لاِ ڪم پيو ڪريان۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سين ڏهون
    مُهنجي ۽ پير سائينءِ جي وچ ۾ طع اهو ٿيو هو ته مان ٻي ڏينهن تي ئي پنهنجو هنڌ وهاڻو ٽين ٽپڙ کڻي پير سائينءَ جي حُجري ۾ شفٽ ٿي ويندُس، مون جڏنهن پنهنجن بيروزگار دوستن کي اها خبر ٻُڌائي ته هو به حيران ٿي ويا ته مان انجنيئرنگ جي ڊگري وٺي پير سائين پپر واري جي حُجري ۾ شفٽ پيو ٿيان ۽ هو حيرت مان پُچڻ لڳا
    ”ڪهڙي پير صاحب جي ڪرام ڏسي تون هي فليٽ ڇڏي وڃي حجري ۾ ٺڪاڻو ڪيو اٿئي“
    ”بس يار نه پُڇو!“ مون به هڪ دم پنهنجو نئون ڪاروبار شروع ڪري ورتو
    ”مان ڪله هن سان گڏ ڪئناڊا ۽ سائبيريا تائين گهمي آيو آهيان“
    ”ڇا! اها ڪهڙي بڪواس پيو ڪرين! پڙهيل لکيل جاهل! مهنن کان تون هتي اسان سان پيو نوڪريءَ لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ منسٽرن جي گهر جا چڪر هڻي، ڪئناڊا ۽ سائبريا وئين ته ڪڏنهن وئين؟،
    ”اهوئي تي راز آهي جيڪو مون تي آشڪار ٿيو آهي ۽ توهان تي به ءاهر پيو ڪريان“ مون چيومان
    ”حلانڪه پير سائينءَ ته سختيءَ سان جهلي ڇڏيو هوم ته ڪنهن سان به ذڪر نه ڪجئين۔۔ پنهنجي امڙ سان به نه!
    ”واقعي!“ سڀ حيرت ۾ان ڏسڻ لڳم
    ”خير! رهڻ ڏيو اها ڳاله! ڇا ٿي پيو! مونکي پير سائين جي ڳاله مڃڻ گهرجي ها“
    ”نه يار! هاڻ ڳاله ڪر! جڏنهن ٻُڌائي چُڪو آهين ته ڳاله ڪري ڇڏ ڪو فرق نه پوندو۔۔ ڪري تي ويٺين نه؟“ سڀئي زور ڀرڻ لڳا
    ”يار جي هاڻ اصل صد تي بهر يهيا آهيو ته ٻُڌو ڇا ياد ڪندئو۔۔ مهنن تائين توهانجي مُفت جي مانين ۾ ڀائيوار رهيو آهيان“ مون چين
    ”هڪ رات جو هڪ ايمرجنسيءَ ۾ مونکي پير سائينءَ وٽ وڃڻو پئجي ويو، حجري جو دروازو شايد قبلا کان کُلو رهجي ويو هو، پر ڇا ڏسان ته پير سائين ته اُتي هوئي نه! پوءِ مان اُتي ويهي قبلا جو انتظار ڪرڻ لڳس۔۔“
    سڀ حيرت سان ٻُڌندا ويا، مڪمل خامشي ڇائنجي وئي هُئي
    سين يارهون ۽ سين ٻارهون
    فليش بيڪ ۽ انٽر ڪٽ
    ”تقريبن ڏه منٽ مس گذريا ته ڇا ٿو ڏسان ته پير سائين الاهي ڪٿان اوچتو نمودار ٿي ويا! مان قبلا کي ڏسي پريشان ٿي ويس! قبلا سائين مونکي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا! ۽ ناراض ٿي چوڻ لڳا“
    ”ڇو آيو آهين تون هن وقت!۔۔خبر ڪانه اٿئي ته هي مُهنجي مُراقبي ۽ عبادت جو ٽائيم هوندو آهي“
    ”معافي ٿو گهُران قبلا! هڪ ايمرجنسيءَ مجبور ڪري ڇڏيو هو جو گستاخي ڪري ويٺس“
    ”اچڻ جو مقصد بيان ڪر!“ مون پنهنجومقصد بيان ڪيو، پير سائين چوڻ لڳا
    ”هاڻ وڃ! ٻُڌي ورتم! سڀاڻ اچجان۔ هن وقت آئون وڃان ٿو! جلديءَ ۾ آهيان”
    ”ڪيڏانه ٿا وڃو قبلا سائين!، حڪم ڪريو ته سواريءَ جو بندوبست ڪري وٺان!”
    ”سواري! اسان لاءِ؟۔۔ مان ڪئناڊا ۽ سائبريا ويو هوس عبادت ڪرڻ، اُتي ياد آيو ته پنهنجو نماز جو مُسئلو ته هتي وساري ويو هوس، اُهو کڻڻ آيو هوس“
    ”قبلا سائين جتي توهان عبادت ڪندا هوندا۔۔ اُها جڳه ته ڏاڍي برڪت واري هوندي؟ ڇا مان به توهان سان ڪجه دير لاءِ توهان سان هلي سگهان ٿو؟ پوءِ ڀلي مونکي جلدي موٽائي ڇڏجو”
    ”بيوقوف! تون اُتي پُهچي پاڻ واپس نه اچي سگهندي، ڪير به واپس نه اچي سگهندو۔۔ اها پاڪ جڳه تمام پري آهي”
    ”ڪيتري پري قبلا سائين؟“
    ”سائبريا ۾”
    ”سائبيريا“ اهو ٻوڌي مونکان کل نڪري آئي، ظاهر آهي ڪنهن کي به يقين نه ايندو، بس سائين مُهنجو کلڻ ۽ پير سائين جو جلال ۾ اچڻ، پير سائن نه ڪئي ڪا هم نه تم، وڌائين مُهنجي ٻاهن ۾ هٿ ۽ گرجندڙ آواز ۾ چوڻ لڳا۔ اکيون بند ڪرٰ ٻي ئي لمحي اسان سائبيريا ۾ هُئاسون! پير سائينءَ سان۔۔ ڇا ٻُڌايان دوستو!
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سين ٻارهون
    ”توهان سوچيو ته سهي! مهنجي ڪهڙي ڪيفيت هوندي، هر طرف برف ئي برف هُئي آئون اڄ به ان منظر کي سوچيان ٿو ته مُهنجي دل جي حالت عجيب ٿي ٿيو وڃي“
    ”پر پير سائين آخر ايترو پري وڃي ڇو عبادت ڪندا آهن“ هڪ دوست پُڇڻ لڳو
    ”اڙي يار! اُتي هڪ برفاني غار ۾ پير سائين پنهنجو حُجرو ٺاهيو آهي“ مون ٻُڌاين
    ”جڏنهن مُهنجو مُرشد پير سائين پپر وارو اُتي پُهچي ٿو ته اوڙي پاڙي جا بيشمار برفاني رڇَ ۽ سائبريا جا ٻيا گهڻائي جانور، پرندا، چرندا به مرشد قبلا سائين سان گڏ عبادت ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا۔
    سين تيرهون
    سڀئي مُهنجي هن سحر انگيز حڪايتن کي ٻُڌي سبحان الله! سبحان الله! ڪرڻ لڳا، پير سائين قبلا جي پبلسٽي جي ابتدا مون يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي هاسٽلن کان شروع ڪري ڏني هُئي ۽ هن توهم پرست گهرانن جي نوجوان طبقي کي پير سائين سان ٻاهرئين دُنيا جي بلا ٽڪٽ ۽ بلا پئسي، وقت جو شوق ڏياري ڇڏيو هو ۽ پو آئون به فورن فليٽ نما دوستن جي هاسٽل جو ڪمرو ڇڏي، پنهنجو هنڌ ٽپڙ کڻي پير سائين جي حُجري ۾ شفٽ ٿي ويس ۽ پنهنجو ڪم انتهائي محنت ، ايمانداري ۽ جان ڏئي شروع ڪري ڏنو، ملندڙن سان پير سائين جي باري ۾ اهڙيون اهڙيون ته حڪايتو ڇڏيندو هوس جو ٻُڌي ماڻهن کي ڏندن ۾ آڱريون اچي وينديون هُيون۔ پير سائين پپر وارو به مُهنجي هن ميڊيا پبلسٽي کان خوش ٿي ويو ڇو جا هڻ هن وٽ جاهل ۽ توهم پرست عقيدتمندن سان گڏ پڙيل لکيل جاهل به اچڻ لڳا جيڪي پاڻ کي امريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپ جا باشندا سمجهندا هُئا۔ سنهڙين ٽنگن، وڏن وارن، هٿن ۾ چوڙيون، ڳاڙها ڪارا ڌاڳا پيرن ۾ ڪنگڻ نما چوڙي، ڪن، نڪ ٽوپيل هن ماڻهن جو پير سائين وٽ حاظر ٿيڻ مُهنجي ڏهاڙي ۾ ٻن سئو رُپين جي واڌ آڻي ڇڏي هُئي، ان ٽپ کان سوا هُئي جيڪي هو مونکي پير سائين جو ديدار ڪرائڻ تي ڏيندا هُئا، واقعي وقت مان فائدو وڃڻ تي مُهنجي بيروزگار زندگي ۾ خوشحالي اچي وئي، آهستي آهستي مون پنهنجي دوستن کان ورتل پُراڻا قرض به لاهي ڇڏيا۔ مون پير سائين جي چوڻ تي هلڪي ڏاڙهي به رکي ڇڏي ۽ ٻٽون ڪٽ وار به مٿان پيرسائين جي حجري جي نشاني به جنهن جي ڊزائين هڪ مُريدياڻي ڪئي هُئي۔ پير سائين قبلا جو اهو چوڻ ته جيئن ته هاڻ آئون سندن خاص خليفو ٿي ويو آهيان تنهنڪري مُهنجي چهري تي به نور ٻهڪڻ لڳو آ ۽ ان نور واري چهري تي تيل مليل ڏاڙهي جو هُجڻ به لازمي آ ان لا مان هاڻ مُڪمل خُطابي ٿي پي هليس۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سين چوڏهون
    پيرسائين جي آستاني (حُجري) تي مونکي دُنيا ۽ دُنيا وارن کي ڏسڻ جو هڪ عجيب تجربو ٿيو، ماڻهن سان ڪيئن مٺاس ۾ ڳالهائجي، بي نيازي جي ڪيفيت ڇا هُئڻ گهُرجي، ماڻهن تي روب جا ڪهڙا ڪهڙا طريقا آزمائجن وغيره وغيره۔ مان ته چون ٿو ته پيري مُريدي به هڪ وڏو فن آهي جنهن کي ٽيڪنيڪل بورڊ سيلبس ۾ داخل ڪري سرٽيفڪيٽ ڏي، واقعي اهڙي قسم جا آستانا هلائڻ ڪو آسان ڪم ڪونهين، هتي انساني نفسيات جو گهرو مُشاهدو ٿيندو آهي ۽ پير سائين باقائده هڪ پي ايڇ ڊي ماهر نفسيات جيان پوليس، بيوروڪريسي، ايجيو ڪيشن، سائنس دان نما استادن جو به اُستاد ڏسڻ ۾ ايندو آهي جيڪي سندس هٿ کان چمڻ شروع ڪندا آهن ۽ ميري جُتي کڻي سيني سان لڳائي عقيدت جو احترام ڪندا آهن، ڇا آفيسر، ڇا عوامي نمائندو، ڇا ڪاروباري شخص، ڇا مُجرم پاٿاريدار، ڇا چرسي موالي هر هڪ پير سائن جو ڪلائنٽ هوندو آهي ۽ پير سائين ڳالهين ڳالهين ۾ سندن ڪمزوري سمجهي انتر منتر پڙهندو کين ڍير ڪري ڇڏيندو آهي، پر مان اهو ڀاپيندو هوس ته سندن مسئلا بس ڪي تقريبن آڱرين تي ڳڻن جيترا هوندا هُئا جهڙوڪ دُشمني، مقدمه، شادي ۾ رُڪاوٽون، محبوب، زال مُڙس جي بيوفائي، ڪنهن جادو ٽوڻو ڪري ڇڏيو، بيروزگاري، اولاد جو نه ٿيڻ يا بيمار رهڻ هي ته عام ماڻهن جا مسئلا هُئا جنهن لا هرڪو پريشان رهندو هو پر جيڪي خاص شخصيتون اينديون هُيون انهن جا مسئلا ته بلڪل ٻي ۽ الگ نوعيت جا هوندا هُئا يعني سياست، وزارت، پارٽي اُمور، امپورٽ ايڪسپوٽ، پلاٽس وغيره ۽ پير سائين جو ڪمال اهو هوندو هو جو هر ڪنهن کي مطمعن ڪري موڪليندا هُئا، شايد اهوئي سبب هو جو سندن آتاني جي هند سنڌ ڇا يورپ، امريڪا، ڪئناڊا ۾ به واک هُئي ۽ هاڻ آئون به پير سائين جو شيئر هولڊر هوس يعني سوني تي سُهاڳ، مهنن جا مهنا نه وهنجندڙ پير سائين جو اڪلوتو خليفو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سين پنڌرهون
    پير سائين جي آستاني تي ڇوڪريون به اينديون هُيون، سندن مسئلا به تقريبن هڪ جهڙا ئي هوندا هُئا، شادي ڪڏنهن ٿيندي، مُڙس ڪهڙي قسم جو ملندو وغيره وغيره۔ هڪ ڏينهن آستاني تي هڪ ڇوڪري آئي، هن پنهنجو نالو شاهده ٻُڌايو، جيئن ته پير سائين سان ملڻ کان پهرئين هر ڪنهن کي مونسان پهرئين ملڻو ضرور هوندو آهي ان ڪري هو به ڊائريڪٽ مون وٽ ئي آئي، مان به هاڻ ٿوڙي گهڻي نفسيات سمجي چُڪو هوس ان ڪري مون کيس چيو
    ”شايد تون پنهنجي ٿيڻ واري مُڙس جي تلاش لا آئي آهين؟“
    ”هي توکي ڪهڙي بيوقوف ٻُڌايو آهي؟،
    ”ته پو ڇو آئي آهين؟“
    ”جي ايترو ئي پُهتل پير آهين ته ٻُڌا ڇو آئي آهيان؟“
    ”ڇوڪري! مان پير سائين جو اسسٽنٽ آهيان” مون چيومانس

    ”اصل ڪرامت ته اندر ويٺي آهي۔۔ پر جي تون مونکي دل جي ڳاله ٻُڌائيندين ته ڪو خاص فرق ته نه پوندو“
    ” ته پو ٻُڌ مونکي ٿڌو پاڻي جو گلاس پيار” هن چيو
    ”ڇا! “ مان حيران ٿي کيس ڏسڻ لڳس
    ”تون هتي رُڳو پاڻي پيئڻ آئي آهين؟“
    ”ها! “ هن به پنهجو ڪنڌ ڌوڻي اهڙي روب ۽ دٻدٻي سان جواب ڏنو
    ”ته وڃي پي پاڻي۔۔ هُنن سامهون وارن مٽن مان! توکي ڪنهن جهليو آهي”
    ”تون ڪون سمجهندي“ هو مُسڪرائي چوڻ لڳي
    ”مان گهٽ ۾ گهٽ ڏه بالٽيون هڪ ئي وقت ۾ پيئڻ تي چاهيان“
    ”مُهنجو خيال آهي ته تون شايد چري ڇوڪري آهين۔۔ ڏه بالٽيون هڪ وقت پي ته تون ڊائريڪٽ الله سائين وٽ پُهچي وينديئن؟ ان ڱان سوا ته تُهنجي هن بيوقوف خيالن جو ٻيو ڪو سبب ته نٿو ٿي سگهي“
    ”گينز بُڪ آف ورلڊ ريڪارڊ لا“ هون هڪ ٿڌو ساه کڻي انڪشاف ڪيو
    ”مان گهڻي ۾ گهڻو پاڻي پي ڪينيا جي هو ماڻهو جو رڪارڊ ٽوڙڻ ٿي چاهيان هن پنج بالٽيون پاڻي پيتو هو”
    ”هي توکي ڪهٽي بيوقوف حڪيم مشهورو ڏنو آهي؟“
    ”مان پنهنجي عادت کان مجبور آهيان۔۔ رڪارڊ ٽوڙڻ مُهنجي هابي آهي۔۔ مان ان لا پير سائين وٽ آئي آهيان”
    ”پر پيرسائين ڇا ڪري سگهندو” هن ته شايد ڪڏنهن گنزبوڪ جو نالو به ٻُڌو هُجي”
    ”هو مونکي دُعا ته ڏئي سگهندا نه۔۔ مونکي يقين آهي ته پير سائين جي دوعا سان مُهنجي پيٽ ۾ ضرور ايتري گنجائش ٿي ويندي“
    ”ڏس ڇوڪري! اهڙي قسم جي معمولي دُعا ته آئون به ڪري سگهانٿو!“ مون چيو
    ”ان قسم جي دُعا لا پير سائين کي تڪليف ۾ وجهڻ جي ڪا ضرورت ڪانهين۔۔ پر مونکي ٻُڌا اهو سڀ تو ڪرين چو ٿي؟“
    ”ان لا جو مُهنجي زندگي ۾ ڏکن کان سوا ڪُجه به ڪونهين“ هن ٻُڌايو
    ”مان هڪ اڪيلي ڇوڪري آهيان، ما پي پهرئين مرهيات ٿي چُڪا آهن، نه ڪو ڀا آهي نه ڪا ڀيڻ، چاچو بابي جي ملڪيت ڦٻائي هاسٽل ۾ پئي ڇڏي ويو جتي پئي سڙان، ڪو مائٽ به ساٿ نٿو ڏي جڳ غريب آهيان“
    ”هون! ته پنهنجي غربت ختم ڪرڻ لا تون پاڻي ٿي پيئڻ چاهين؟“
    ” نه بيوقوف انسان! صرف ان لا ته جيئن ٻين جي توجهملي سگهي“ هن چيو
    ”ڪو مون ڏي به ڌيان ڏي، ڪٿي ته آئون به نمايان ڏسجان، ڪهي خرابي آهي مون ۾۔۔ ليڪن نه1 خرابي ته آهي ! اوها آهي تنهائي ۽ غُربت!“
    ”واقعي تُنهنجو ته داستان ٻُڌي ڏُک پيو ٿئيم” مون همدردي ڪئي
    ”پو پير سائين کي سفارش ڪر ته هو اهڙي دُعا ڏي، جو جي مان پنهنجي مهم ۾ ڪامياب ٿي ويس ته پوري دُنيا ۾ مُهنجو نالو ڳائبو۔۔ ماڻهون مُهنجي تعريف ڪندا۔۔ ٽي وي چينلز مُهنجا انٽريو ڏيندي۔۔ ممڪن آهي ان بهاني ڪو ايم اين اي يا مجبوري ۾ ايم پي اي جيون ساٿي ملي پوي”
    ”ڏاڍي دردناڪ ڪٿا آهي تُنهنجي۔۔ هاڻ تون وڃ مونکي رُئڻ ٿو اچي۔۔ پير سائين وٽ هن وقت خاص مهمان ويٺا آهن سُڀاڻ اچجئين پير سائين سان تُهنجو ذڪر ضرور ڪري تُهنجي ڦٽن تي مرهم هڻندس”
    هو چري ڇوڪري مُهنجي ڳاله تي يقين ڪري واپس هلي وئي ۽ مان به پيرسائين ۽ آستان جا اُصول ويساري کائنس ايڊوانس پهرئين مُلاقات جو نذرانو به نه گهريو”

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سين سورهون
    مون رات جو پيرسائينءِ سان ان ڇوڪريءَ جو ذڪر ڪيو، پير سائين اُن وقت معرفت جون منزلون طع ڪرڻ لاءِ چرس سان ڀريل سُلفين جي سوٽن ۾ گُم هُئا، هي داستان ٻُڌي هڪدم خوشيءَ ۾ اُڇلجي پيا، چرس ڀريل سُلفيءَ مان هڪ چڻنگ اُڏامي سندس ڊگهي سائي چولي تي وڃي ڪري جنهن سان جُبو به اڳئي چڱو سڙيل هو۔
    ”اها ڇوڪري ڏاڍي ڪم جي آهي ٻالڪ!“ پاڻ ته قابو نه رکي پير سائين وراڻيو
    ”هوءَ اسانجي آستاني کي ڇار ڇنڊ لڳائي ڇڏيندي”
    ”پيرسائين! مرشد وڏا! مُهنجي اچڻ سان ته آستاني تي چار چنڊ لڳي چُڪا آهن بابا سائين!“
    ”ته پوءَ اٺ چنڊ سمجه کڻي“ پير سائين چيو
    ”هو بهادر ڇوڪري ٿي ڏسجي جيڪا سماج کان باغي ٿي اسان وٽ پاه ٿي وٺڻ چاهي۔۔ هن کي فورن۔۔ فورن ۔۔ آشعبه ناسوان يعني عورتن جي شعبي جو انچارج لڳائي ڇڏ۔۔۔ ياد رک ترقي اُن جي ٿيندي آهي۔۔ جيڪي موقعي مان فائدو وٺڻ ڄاڻندا آهن۔۔ وٺ فائدو ان کان گهير ان تنها يتيم ڇوڪريءَ کي۔۔ ڏسجئين پوءَ اها اسانجي ڪاروبار لاءِ ڪيڏي فائدي مند ٿيندي“
    ”ٺيڪ آ مُرشد! هو سُڀاڻ ايندي ته آفر ليٽر ڏيندوسانس!“
    سين سترهون
    هوءَ ٻي ڏينهن آئي ته مون هن سان ڳالهايو
    ”شاهده! مان ۽ پيرسائين به تُهنجي داستان غم و تنهائي و عاجزي ٻُڌي مُتاثر ٿيا آهيون۔۔ ان لاءِ فوري طور تي تولاءِ هڪ رستو سُجهي ٿو۔۔ تُهنجي آمدني به گهڻي ٿيندي۔۔۔ ۽ تُهنجيون بيباڪ صلاحيتون به اسانجي ڪم ايندون“
    ”جي ٻُڌاءِ غوت طلب ٿي ته ها ڪنديس“
    مون کيس آستاني ۾ شعبه خواتين جي انچارج ٿيڻ جي پيشڪش ڪئي هوءَ جڻ ته انهيءَب انتظار ۾ هُئي ۽ گهڻو خوش ٿي وئي
    ”واه! اها ٿي نه ڳاله! مان ته پاڻ اهڙي قسم جو ڪم پئي چاهيو۔۔ مان ته سهراب ڳوٺ کان شروع ٿي ڪاري چادريءَ ۾ هر سگنل تي ماڻهو ڦُري ڦري ٿڪجي پئي آهيان۔۔۔ مشڪل اها هُئي ته هرقسم جو ماڻهو چادريءَ ۾ جهانڪڻ پئي لڳو ۽ خيرات ڏندي ذري گهٽ هٿ ئي موڙي ڇڏين، ڇا پوڙها ڇا پڪا!“
    ”۽ هو پاڻي پيئڻ جو منصوبو!“ مان سندس هڪدم ڪلٽي ٿيڻ تي حيرت ۾ پُڇڻ لڳس
    ”لعنت موڪل ان منصوبي تي۔۔۔ ان کان گهڻي وڏي آفر ملي ته ٻيو ڇا کپي“
    ”ته پوٰ سُڀاڻ کان ئي اچي پنهنجي ڊيوٽي سنڀال“
    مان کيس ڪم تفصيل سان ٻڌائڻ لڳس ته هن کي ڇا ڇا ۽ ڪيئن ڪيئن ڪرڻو پوندو ماين سان ڊيلنگ ڪيئن ڪندي وغيره
    هوءَ به پُرجوش هُئي سموري ڪمائي هڪ هنڌ ويهي وٺڻ تي آتي هُئي، هن لاءِ آستان تي ويهڻ جو تجربو به ڪو ورلڊ رڪارڊ کان گهٽ نه هو هن ٻي ڏينهن کان پنهنجي ڊيوٽي سنڀالي ورتي هُئي۔
     
  19. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سين ارڙهون (آخري)
    پيرسائين به هن سان ملي خوش ٿي ويو هو
    ”خليفا! ڏسجئين ويٺو هي ڇوڪري اسانجي آستاني کي ڪٿي وڃي رسائيندي“
    هڪ ڏينهن شاهده مونکي چيو ته
    ” خليفا! مان هاڻ پنهنجي زندگيءَ مان گهڻي خوش آهيان۔۔ مُهنجون حالتون اڄ کان پهرئين هرگز بهتر ڪون هُيون۔۔ ڪاش هاڻ ڪو اهڙو جيون ساٿي ملي وڃي جنهن سان باقي زندگي آرام سان گُذاريان“
    ”مون پير سائينءَ سان هنجي هن خواهش جو ذڪر ڪيو ته هن ساڳي ڳاله دُهرائي چيو
    ”ترقي اُن کي ئي ملندي آهي جيڪو ملندڙ چانس مان فائدو وٺي“
    ”پير سائين قبلا! مان ڪونه سمجهيس!“
    بيوقوف خليفا! ڀوڪ پتل جا! تون ئي هن سان شادي ڪري ڇڏ۔۔ تون به تنها!۔۔ هوءَ به تنها! هن کان وڏ ڀلا ڪهڙي چانس ملندئي“
    ۽ اسان ٻنهين شادي ڪري ڇڏي ڇو جو پير سائين مُرشد قبلا جو چوڻ هو ته ترقي ان کي ٿي ملي جيڪو موقعي مان فائدو ٿو وٺي ۽ هاڻ ٻ سال اسانجي شاديءَ کي گُذري چُڪا آهن، مون ۽ مُهنجي زال شاهده هر موقع جو فائدو ورتو آهي۔
    پوءِ پير سائين به هڪ ڏينهن بيمار ٿي پيو هو، هن کي دوا درمل ڏيڻ شاهده جي ذميواري هُئي ۽ هُن موقعي مان ڀرپور فائدو ورتو هو۔ توهان سمجهي ويا هوندا نه؟ ته اهو ڪهرو فائدو هوندو۔
    جي ها هاڻ هي آستانو اسانجو آهي۔۔۔ پير سائين4 جي قبر سندس مُرشد جي ڀر ۾ آهي ۽ اسان ٻنهين زال مُڙسن آستاني کي آسمان تائين پُهچائي ڇڏيو آهي۔۔ پير سائينءَ جي نصيحت اسانجي ڪم آئي ۽ اسان فائدو ورتو ۽ پير سائينءَ کي بيماريءَ ۾ گهُٽا ڏئي هن فاني دُنيا جي عذابن کان آجو ڪري هُن دُنيا ڏانهن موڪلي ڇڏيو۔
    پُڄاڻي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    را ڏيڻ ۾ ايتري ڪنجوسپائي ڇو؟ تنقيدي را به ڏئي سگهو ٿا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو