ذوالفقارآباد وارو ميلو ڪنهن لاءِ؟ ( رزاق کٽي)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏13 جون 2012۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    رزاق کٽي ـ
    سنڌ جي ڏکڻ ۾ تاريخي شهر ٺٽي جي حدن ۾ صدر آصف علي زرداري جي خواهش تي ذوالفقار آباد نالي هڪ نئون شهر اڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انهي شهر جو تصور ڇا جي ڪري ذهن ۾ آيو، انهي ۾ به ڪا ٻاهرين قوت شامل آهي، يا انهي شهر کي اڏڻ لاءِ سنڌ جي فائدي ۾ سوچيو ويو آهي يا نه، انهي بابت اڃا تائين ڪابه ڳالھ واضح ناهي. ڇاڪاڻ ته هِڪ ڀيري جڏهن مون سنڌ جي ناليواري اقتصادي ماهر قيصر بنگالي صاحب کان انهي شهر جي تعمير بابت پڇيو هو ته هِن ابتو طنزيه مون کان اهو سوال ڪيو هو ته پهرين انهي شهر جي قيام جو سبب ٻڌايو؟ شايد اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ رٿا بندي تي دسترس رکندڙ قيصر بنگالي انهي سڄي معاملي ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي.
    انهي سلسلي ۾ صدر آصف علي زرداري جي هدايت تحت 15 جون کان انهي رٿا تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان قسم جون خبرون هلندڙ مهيني جي شروع ۾ اخبارن ۾ شايع به ٿي چڪيون آهن. زرداري صاحب انهن ڏينهن ۾ ڪراچي آيل هو ۽ هيستائين صدر صاحب پاران انهي شهر بابت جيڪي ڪجھ به هدايت ڏني ويئي آهي ، بظاهر انهي کي بنا سوچڻ، سمجھڻ ۽ بنا صلاح ثواب جي ائين جو ائين منظور ڪرايو ويو آهي ۽ ڪنهن جي به مجال نه آهي جو هو سوال ڪرڻ جهڙي گستاخي به ڪري سگهي.
    ذوالفقارڀٽو جي نالي تي ساھ پساھ گهوريندڙ سنڌ جا ماڻهو انهي نئين اڏجندڙ شهر خلاف سراپا احتجاج آهن. خاص ڪري انهن ڏينهن ۾ جڏهن سنڌ اندر مهاجر صوبي جي شوشي ۾ تيزي آئي، انهن ڏينهن هِن نئين شهر جي فوري طور اڏوات جو اعلان ڪندي سنڌي ماڻهن کي وڌيڪ پريشان ڪيو وي. سنڌ جي عام ماڻهن ۾ هاڻي پيپلز پارٽي خلاف عام راءِ وڌيڪ تيزي سان هموار ٿيندي ٿي وڃي. عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي ۽ ٻين قوم پرست ڌرين پاران ٿيندڙ احتجاجن ۾ شدت اچڻ بعد پيپلز پارٽي کي ٿوري کانار محسوس ٿي آهي.
    سنڌ جي صوبائي وزير سسئي پليجو پاران انهي رٿا تي سنڌ ڪابينا ۾ تحفظات جو اظهار ڪرڻ بعد کيس وزارت تان هٽايوويوآهي. جنهن کان پوءِ اها ڳالھ واضح ٿي وئي آهي ته صدر ۽ پارٽي چيئرمين جي خواهش ۽ منشا تحت قائم ٿيندڙ هِن شهر خلاف جنهن به ڳالھايو، اهو سسئي وانگر گهر وڃي سنڀالي. پر سسئي جي وزارت تان فارغ ٿيڻ جي نتيجي ۾ سنڌ اندر پيپلز پارٽي مٿان تنقيد ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي مجبور ٿي هڪ چار رڪني ٽيم جوڙي آهي، جيڪا ذوالفقارآباد مسئلي تي سنڌ جي مختلف ڌرين سان ڳالهيون ڪري کين مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.
    اسان جي اطلاعن موجب، ٿيو ائين آهي ته هلندڙ مهيني پيپلزپارٽي سنڌ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ پيپلزيوٿ جي صدر سينيٽر عاجز ڌامراه اهو سوال اٿاريو ته ذوالفقار آباد جي سلسلي ۾ ٿيندڙ تنقيد بابت هڪ ته سنجيدگي سان سوچيو وڃي ۽ ٻي ڳالھ ته جيڪڏهن اهو شهر واقعي سنڌ جي مفادن وٽان آهي ته پوءِ سنڌ جي ساڃاھ وند ڌرين ۽ سنڌ جي صحافين کي انهي بابت آگاهي ڏجي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته جيڪو ڪجھ ٻڌايو وڃي پيو اهو درست ناهي.
    انهي اجلاس ۾ ڪجھ ”شاھ کان وڌيڪ شاهه جي وافادارن“، سسئي پليجو کي مليل عوامي پذيرائي تي تنقيد به ڪئي ۽ ڪجھ اڳواڻن جو خيال هو ته سسئي پليجو جي والد جناب غلام قادر پليجو جي به ٺٽي ضلعي ۾ تمام گهڻي زمين پيل آهي. سسئي پليجو انهي زمينن لاءِ فڪر مند هئي. انهي اجلاس دوران ٺاهيل پيپلز پارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري سيد تاج حيدر، سينيٽر عاجز ڌامراهه، صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان، ۽ وزيراعلي هائوس جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر سيد وقارمهدي شامل هوندا، جيڪي سنڌ جي سمورن اسٽيڪ هولڊر سان ملاقاتون ڪندا ۽ بعد ۾ اجلاسن جي شڪل ۾ انهن کي سڏائي ترتيبوار تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي ۽ سندن سوالن جا جواب به ڏنا ويندا.
    هاڻي هتي حيرت جي ڳالھ اها آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سميت انهي چار رڪني ڪميٽي کي اڃا تائين اها خبر ناهي ته اها ذوالفقارآباد ڪهڙي بلا آهي، جنهن جي وڪالت ڪرڻي آهي. جيتوڻيڪ انهي ذوالفقارآباد ڊولمپنٽ اٿارٽي (زڊا) جو نوٽيفيڪشن به ٻه سال اڳ ۾ نڪري چڪو آهي. انهي جا اعلي عهديدار به رکجي چڪا آهن. امڪان آهي ته انهي ڪميٽي کي زڊا جو سربراهه هلندڙ هفتي يا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان بجيٽ منظوري بعد بريفنگ ڏيندو. انهي نئين شهر لاءِ رکيل ايم ڊي ڪيترو پنهنجي ڪم ۾ ڀڙ آهي انهي جون خبرون اخبارن ۾ سنڌ جا ماڻهو پڙهي چڪا آهن. انهي ڪري انهي نئين اڏجندڙ شهر (جيڪو اڏجڻ کان اڳ ۾ ئي تڪراري ٿي چڪو آهي) لاءِ جيڪا بريفنگ ڏني ويندي، انهي ۾ فلحال ڪو به اهڙو منطق نظر نٿو اچي، جيڪو پيش ڪري ڪميٽي کي مطمئن ڪري سگهجي.
    انهي سلسلي ۾ جڏهن پيپلزپارٽي جي هڪ ايم پي اي کان پڇيو ويو ته ڇا سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي انهي بابت ڪا پارٽي پاران تفصلي بريفنگ ڏني وئي آهي ته هُن پڻ اڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪيو. هاڻي سوال اهو آهي ته پيپلزپارٽي جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ جيڪا ڪميٽي جوڙي وئي آهي انهي ۾ سواءِ مخدوم جميل الزامن جي باقي ڪوبه ماڻهو سنڌ اسيمبلي جو حصو ناهي. مخدوم صاحب کي به انهي ڪري شامل ڪيو ويو آهي ته هُن جا سنڌ جي اديبن سان ويجھا لاڳاپا آهن. انهي ڪري سڀ کان پهرين ته ضرورت انهي ڳالھ جي آهي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي پنهنجي ووٽرن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خواهشن جو احترام ڪري ٿي ۽ انهن کي مطمئن ڪرڻ جو ارادو به رکي ته انهي ڪميٽي ۾ سنڌ اسيمبلي مان انتهائي متحرڪ ۽ سينيئر ميمبر کنيا وڃن، جيڪي تقريرون ڪرڻ بدران انگن اکرن جي بنيادن تي اهو ثابت ڪن ته ڪهڙي ريت ذوالفقارآباد سنڌي ماڻهن جي مفادن وٽان ثابت ٿيندو ۽ باقي چند مهينن جي مهمان هي حڪومت ڪهڙيون سنڌ جي ماڻهن کي ضمانتون ڏيندي ته هو جيڪو ڪجھ چوي ٿي انهي تي ايندڙ ڏينهن ۾عمل به ڪندي.
    انهي ڪري پهرين ته اهو واضح ڪيو وڃي ته انهي رٿا بابت پيپلز پارٽي وٽ ڪهڙو بليو پرنٽ آهي ۽ انهي لاءِ ڪهڙي قانون سازي ٿيندي. انهي ڪميٽي ۾ اهڙن ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي جن جي زبان تي عام ماڻهو اعتبار به ڪن. ٻي ڳالھ اها ته سنڌ جا عام ماڻهو ۽ سياسي ڌريون به فوري طور تي انهي ڪميٽي کي پنهنجون تجويزون ڏياري موڪلين ۽ پنهنجي تحفظات کان آگاھ ڪن ته جيئن سنڌ اندر نئين اڏجندڙ انهي تڪراري شهر بابت سمورا معاملا واضح ٿي وڃن ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهن کي اها ڳالھ ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن سنڌ جي مفادن جي بنيادن تي پيپلزپارٽي نئون شهر اڏي ها ته ضرور شهري تعميرات جي رٿا بندي جي ماهرن کي معاوضي تي مقرر ڪري انهن کان بليو پرنٽ تيار ڪرائين ها. ٻي ڳالھ اها ته جيڪا ڪميٽي ٺاهي وئي آهي اها پاڻ به شهري تعميرات جي معاملن ۾ ماهر ناهي ۽ نه اها ڪميٽي صدر صاحب جي خواهش کي پُٺي ڏئي سگهي ٿي انهي ڪري انهي معاملن جي ماهر ماڻهن کي گهرجي ته هو انهي ڪميٽي کي آگاھ ڪن.
    رهي ڳالھ شينزين جهڙي شهر اڏڻ جي ته اهو انهي ڪري به هتي ممڪن ناهي ته چين ۽ پاڪستان جون سياسي سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. گوادر جو مثال پاڻ جي سامهون آهي. شوڪت عزيز جي وزير اعظم هئڻ وارن ڏينهن ۾ گوادر کي تڏهوڪي حڪومت آسمان تي پهچائي ڇڏيو ۽ اربين رپين جي سيڙپ ڪاري ٿي پر جڏهن آمريڪا کي ڳالھ نه وڻي ته گوادر جي 5 ڪروڙ واري زمين جي قيمت 5 لک رپيا به نه رهي ۽ بلوچستان ٻري اٿيو.
    انهي جا ٻه واضح سبب هئا، پهريون آمريڪا ۽ چين جي مفادن جو هِن خطي ۾ ٽڪراءَ ۽ ٻيو بلوچن جو انهي معاملي تي هڪ راءِ هئڻ ته بلوچستان جي زمين تي پهريون حق بلوچن جو آهي. انهي ڪري اها ڳالھ به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪراچي ۾ هاڻي صورتحال ڪنهن کان ڳجھي ناهي رهي. فيض صاحب جا مزاحمتي شعر پڙهي، بي اصولي ۽ مفاهمت جي بنيادن تي جيڪڏهن حڪومت هلائڻي ۽ بچائڻي آهي ته انهي مان نه پارٽي کي فائدو ٿيندو ۽ نه انهي جي ووٽرن (سنڌي ماڻهن) کي لاڀ ملندو. ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جي سازشن دوارن هِن شهر جي تعمير کانپوءِ انهي ڳالھ جي به پڪ آهي ته سنڌي ماڻهو بنا ڪنهن خاطرين انهي نئين شهر جي اڏاوت کي قبول نه ڪندا. اڄ به عوام جي اڪثريت انهي راءِ جي آهي ته ذوالفقارآباد وارو ميلو سنڌي ماڻهن جي فائدي لاءِ نه پر ذاتي واپار لاءِ لڳايو پيو وڃي.

    سنڌ جنرل جي ٿورن سان
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ”اڄ به عوام جي اڪثريت انهي راءِ جي آهي ته ذوالفقارآباد وارو ميلو سنڌي ماڻهن جي فائدي لاءِ نه پر ذاتي واپار لاءِ لڳايو پيو وڃي.“
    اسانجي به اها ئي راءِ آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلوچن جو انهي معاملي تي هڪ راءِ هئڻ ته بلوچستان جي زمين تي پهريون حق بلوچن جو آهي.


    جيستائين سموري سنڌ هڪ آواز نه ٿيندي تيستائين گوادر جهڙيون حالتون به پيدا ڪونه ٿينديون۔ سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي هڪ ڀرپور موقف پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي ۔ پر اڃان تائين ڪنهن کي به اها خبر ناهي ته ٿئي ڇا پيو ۽ ڪيئن پيو ٿئي ؟؟؟ صرف ۽ صرف هوا ۾ لٺيون آهن ۔۔۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    لڳي ٿو ته سنڌ کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ لا هي حڪومت مڪمل طور عمل درآمد ڪرائي رهي آهي، مهاجرن جي سنڌ دشمي هاڻي ڪنهن کان ڳجهي نه آهي، ڪٿي ذو الفقار آباد مهاجرن کي هڪ وڌيڪ نئون شهر سنڌين جي خون پسيني مان ٺاهي ڏيڻ ۽ ان مطالبي جي ڪا ڪڙي ته نه آهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو