گھر گھر برف ڄمي وئي آهي، در در ديپڪ ڳايان ٿو مان، دڳ دڳ اوندهه اوتي پئي آ، پڳ پڳ جوت جڳايان ٿو مان. اٿ ڀونچال، جوالا نچ تون، باغي ڀونءِ جمالو چوندي، اوٿر ٿو اَلاپ اٿاريان، ڇوليون ڇيرون پايان ٿو مان. دهشت گردي دَور سکي آ، حڪمت عملي مون به مٽي آ، دانهن ڀلي ڏي دور کي ڦٿڪي، گھنگھر توکي گھايان ٿو مان. جيئو، جيئڻ ڏيو، ڏاڍو سو گابو، جھيڙو جوٽي بيٺا آهن، وچ ۾ آءُ رتوڇاڻ آهيان، ڇاجي لاءِ ڇڏايان ٿو مان. صديون ڪنڌ ڪٽايا اٿئون، سهسين سنَڌ وڍايا اٿئون، هڪڙو ڀيرو گڏجو لوڪو، قهري ڪات ڪٽايان ٿو مان. ڪارا ڪپڙا، ڳاڙها جھنڊا، ساوا کيت، سنهري ڪرڻا، سنڌو توکي سينگارڻ لئه، طرحين رنگ رچايان ٿو مان. خير ته راڳي، ظلم ته باغي، قرب ته ٻڪرو، قهر ته ڪات، جرڪي جيئڻ ڪاڻ بخاري، ڪيڏا روپ مٽايان ٿو مان.
ڪڏهن ڪڏهن استاد بخاريءَ جي شاعريءَ تي سوچيندو آهيان ته لڳندو آهي ته ڄڻ ڪنهن سورهيه ويڙهي جي آکاڻي پيو پڙهان، يا وري ڪڏهن لڳندو آهي ته ڪنهن حسن پرست جا لفظ پيو پڙهان، ڪڏهن وري لڳندو آهي ته ڪو معصوم انسان منهنجي سامهون هجي، ڪڏهن وري لڳندو آهي ته ڪو تمام وڏو ڏاهو فلسفي سامهون اچي بيٺو هجي ۔۔۔۔ مطلب ته استاد کي پڙهندي انڊ لٺ جا سڀئي رنگ نظر اچي ويندا آهن۔ جيئن سندس هي گيت“ تمام سهڻا لفظ، اعلا فڪر
ڪارا ڪپڙا، ڳاڙها جھنڊا، ساوا کيت، سنهري ڪرڻا، سنڌو توکي سينگارڻ لئه، طرحين رنگ رچايان ٿو مان. واھ استاد بخاري واھ
واه ادا واه استاد بخاري ٿو ته ازل کان پئي هليو آهيان بخاري آهيان اڻٿڪ مان جهلي ڪنهن جي رڪيو ناهيان عزيزو مان اجهل آهيان خريدارو وڃون موٽي خدا جو سنئون کتل آهيان ڄمڻ کان موت تائين سنڌ ڌرتي جو ورتل آهيان