• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فيسبوڪ اپڊيٽ نه پيو ٿئي..

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو،
جيئن ته مان فيسوڪ پنهنجي موبائل تان اڪثر ڪري استعمال ڪندو آهيان ان سان گڏ سنڌ سلامت، ٻيون هلڪيون ويبسائيٽس جيڪي موبائل تي کلي سگهن اهي پڻ استعمال ڪندو آهيان
گذريل ٻن ڏينهن کان منهنجي فيسبوڪ وال اپڊيٽ نه پئي ٿئي يعني دوست جيڪا شيئرنگ وغيره ڪن ٿا اها مون وٽ ظاهر نه ٿي ٿئي،
مان سمجهيو متان اهو مسئلو موبائل سان هجي پر رات، وري هينئر ڪمپيوٽر تان فيسبوڪ کولي ڏٺي تڏهن به ساڳيو مسئلو نظر آيو، فيسبوڪ جي سيٽنگ مان به تمام گهڻو مٿو هنيو اٿم پر ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي..
نوٽيفڪيشن اپڊيٽ ٿين پيا، جيئن ڪير منهنجي پوسٽس کي لائيڪ ڪري يا ڪمينٽس ڪري يا ته اهي به مون وٽ اچن ٿا..
ادا رشيد سميت ٽيڪنيڪل معلومات رکندڙ دوستن کي گذارش آهي ته ان ڏس ۾ منهنجي رهنمائي ڪن.
 
مون کي لڳي ٿو توهان جي فيس بوڪ پرائيويسي ۾ ڪافي ايپيليڪيشن فعال ٿيل آهن۔۔۔ جنهن سان فون تي سٽريمنگ متاثر ٿي آهي۔۔۔
توهان کي گهرجي ته فيس بوڪ پروائيسي کي درست ڪيو ۔۔۔ ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريان account>privacy settings تي اچو

more-facebook-privacy-1.png


۽ هيٺ کاٻي پاسي apps and websites کي ڳوليو۔۔

more-facebook-privacy-2.png


هاڻي يا ته اتي ايڊيٽنگ سيٽنگ ڪري اسپيمي ايپليڪيشنس جيڪي توهان جي استعمال هيٺ هجن کي ختم ڪيو يا وري Turn off all platform apps تي ڪلڪ ڪري سموريون ايپيليڪيشن بند ڪري ڇڏيو۔۔۔

more-facebook-privacy-7.png

اميد ته ان سان توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔۔
 
سائين مون هينئر وري به ڪوشش ڪئي اوهان جي ڏسيل واٽ جي مطابق ڪوشش ڪئي پر وري به مسئلو حل نه ٿيو، مون سڀ ايپليڪيشنز ڊس ايبل (ٽرن آف) ڪري ڇڏيون پر اڃان به موبائل توڙي ڪمپيوٽر تي منهنجي وال اپڊيٽ نه پئي ٿئي،
 
ادا اهو ته ڪو نئون مسعلو اچي ويو آهي۔
مونکي لڳي ٿو توهان سڀني دوستن کي بلاڪ ڪيو هوندو ان ڪري انهن جون ونڊون توهان کي نظر نه پيا اچن۔
 
اڄ صبح کان فيسبوڪ منهنجي ڪمپيوٽر ۾ ته صحيح ڪم پيو ڪري پر موبائل ۾ اڃان به مسئلو پيو ڪري، تصويرون ڊسپلي نه پيون ٿين۔۔
 
Back
Top