ٿر جو نامور شاعر ۽ سماجيات جو ڄاڻو: غلام محمد جنجهي نوراحمد جنجهي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جوکيو شفيق احمد طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2012۔

  1. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    الله تعالى، ٿرپارڪر جي مردم خيز ڌرتيءَ ۾ تمام گهڻي مڻيا رکي آهي، جنهن جي ڏيا ۽ ڏيک دنيا ۾ پاڻ مڃرايو آهي. ٿر پارڪر ۾ قدرتي سونهن ۽ حسن جي جيڪا پالوٽ آهي تنهن جي هاڪ هنڌين ماڳين مشهور آهي. واريءَ جي ساگر طور سڃاتو ويندڙ هيءُ خطو ڳڻن ۽ ڳڻپ جوڳين ڳالهين سان ڀرپور آهي. ٿرپارڪر جون ڀٽون، ڏهر، برڪت ڀريون تليون، گوڇارون، پوڇانڊا، ٻڪڙون، ڳاٽ، ڳاٽڙيون، مگريا، مندر، پاساڙا، اوچاها، ٽونڪ، ڦنگهه، ناکون ۽ لنگهه ۽ ڪر کڻي صدين کان بيٺل ڪارونجهر، جتي فطرتي حسن جو هوڪو ڏين ٿا، اُتي انسان ذات جي اُ تم ورثي حب الوطني، محنت، محبت، بهادري، وچن نباهه جي ميدان ۾ به ٿر گهڻن کان گهڻو اڳتي رهندو آيو آهي ۽ پاڻ موکيندو آيو آهي.

    ٿرپارڪر جي انهي سون ورني ڌرتي جي مٺي تعلقي جي هڪ وڏي ڳوٺ وڪڙيو ۾ 1921 ۾ محمد عثمان برهاناڻي جي گهر ۾ هڪ ٻار اک کولي جنهن جو نالو غلام محمد رکيو ويو. موڀي پٽ هئڻ جي ناتي سندس پرورش انتهائي لاڏ ڪوڏ سان ٿي ڇاڪاڻ جو سندس والد محمد عثمان ڏيساور ڏانهن ڍڳن جو واپار ڪندو هو ۽ پنهنجي تر جو نيڪ مرد پڻ هو. پنجن سالن جي ڄمار کي رسڻ مهل ننڍڙي غلام محمد کي قرآن پڙهڻ لاءِ مڪتب ۾ حافظ دودي حجام جي معلمي هيٺ ڇڏيو ويو. جتان هن قرآن جي تعليم مڪمل ڪئي. تنهن کان پوءِ ٻه درجا سنڌي پڙهيو . ننڍي هوندي کان ئي غلام محمد کي گهمڻ ڦرڻ جو شوق هوندو هو. هن پنهنجي والد سان اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو جنهن کيس معصوم ٻار سمجهي نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ننڍڙو غلام محمد اڻ مڙ ۽ اجهل هو. هڪ ڏينهن پنهنجي والد سان گڏ سنبري پيو ۽ ضد ٻڌي بيٺو ته ڪنهن به حالت ۾ هندستان گهمڻ هلندس.لاچار محمد عثمان کي سندس ضد مڃڻو پيو ۽ پنهنجي وقت جو انتهائي ڏاهو ۽ دانشور شخص ۽ پختو شاعر، اٺن سالن جي عمر ۾ احمد آباد اچي پهتو، جڏهن سندس جيڏا اِٽي ڏڪر يا اوڙيو راند کيڏي رهيا هئا. سندس داخلا احمد آباد ۾ ڪرائي ويئي، جتي هن اڳتي هلي هندي ۽ گجراتيءَ ۾ فائنل جو امتحان پاس ڪيو. ان وقت احمد آباد سياسي سرگرمين جو محور هو. ڇاڪاڻ جو گانڌي ان کي پنهنجو مسڪن بنايو هو ۽ سندس آشرم تي سڄي هندستان جا وڏا وڏا سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن ڀيرو ڪندا هئا. غلام محمد وچ ۾ وئڪيشن دوران ڳوٺ ايندو ويندو هو.جڏهن جواني جي عمر ۾ وک پاتائين ته سندس لاڙو علم ڏانهن وڌيو ۽ هو پنهنجي اندر جي اُڃ اجهائڻ لاءِ هندوستان جي يونيورسٽين ۾ وڃي ليڪچر ٻُڌڻ لڳو. انهي اڀياسي اوک ڊوک دوران هن جن علمن ۾ مهارت حاصل ڪئي تن ۾ تاريخ، جاگرافي، نجوم، هٿ ريکائن جو علم ۽ علم الاعداد سرفهرست آهن. علم جي انهي جستجو منجهس شاعري جو شوق پيدا ڪيو ۽ هو سنڌي زبان ۾ شاعري ڪرڻ لڳو. سندس شاعري انتهائي پڪي پختي آهي جنهن کي سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي ورثي ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. مثال طور:
    جبل جهاڳيائون، مٽيا سَنڌُ ساڻيهه جو،
    منزل ماڻيائون، ڪشالي سان ڪوه جي.
    سنڌيءَ کانسواءِ هندي، اردو، سرائيڪي ۾ شاعري ڪرڻ سان گڏوگڏ سوين مضمون ۽ مقالا لکي سنڌي نثر جي ميدان جي به آبياري ڪيائين. سنڌي لغات نويسي به سندس شوق ۾ شامل هئي ۽ کيس انهي علم تي به دسترس هوندي هئي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”ويجها ٿيا وصال کي“ سندس لاڏاڻي کان پوءِ ڇپجي نروار ٿيڻ کانپوءِ به هي ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن:
    وساريان نه وسرن (متروڪ سنڌي لفظن جي لغات)
    رتن ڪڻا ريت جا ( سياست، تاريخ، ثقافت بابت مضمون)
    ساڻيهه جني ساريو (شاعري)
    سِيرَسَوَلي تن کي (آتم ڪٿا)
    ڀلو چُڻايو ڀاٽيين....! (جنجهي (ڀاٽي) قبيلي جو شجرو)
    علم جي مُتلاشي غلام محمد جنجهي سياست ۾ تمام سرگرميءَ سان حصو ورتو.آزاديءَ جي تحريڪ دوران ڪانگريس جي ساٿ ۾ ڪم ڪيائين. سرڳواسي پنهون مل گوڙهيار وارو ۽ ڀاڳچند ڪوٽڪ مٺيءَ وارو سندس خاص دوست هوندا هئا. تنهن کانپوءِ پنهنجي مرشد ۽ خلافت تحريڪ جي مشهور رهنما پير غلام مجدد سرهندي مٽياريءَ واري جي هدايتن تي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ کيس ضلعي ٿرپارڪر ۾ ذميواري سونپي وئي، جنهن دوران پاڻ مسلم ليگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي جستجو ۽ جاکوڙ سان ڪم ڪيائين. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ 60 جي ڏهاڪي ۾ سندس ويجهڙائي جماعت اسلامي سان ٿي، ڇاڪاڻ ته هو حيدرآباد دکن جي عثمانيه يونيورسٽي کان وٺي مولانا ابوالاعلى مودودي کي ٻڌندو ۽ پڙهندو رهيو هو. جماعت سان انهي هم آهنگي ۽ وابستگي جو پيچ اهڙو ته پيو جو وڪڙيي جهڙي ڏورانهين ڳوٺ، سندس اوطاق تي جماعت جا ڪيترا ئي اهم رهنما پڻ ڪهي ايندا هئا.
    مقامي سياست ۾ ارباب خاندان سان وابستگي ۽ مرحوم ارباب امير حسن سان ويجهڙائي جو تعلق هجڻ جي ڪري سدائين ارباب گروپ جي حمايت ڪندو هو ۽ پنهنجي اختلاف راءَ جو اظهار پڻ واضح لفظن ۾ ڪندو رهندو هو. تنقيد براءِ تعمير سندس دلپسند مشغولي هوندي هئي. سياست جي اٽڪل بازين، چالاڪين، مالي مفادن ميڙڻ کان پري، غلام محمد جنجهي سچو، کرو ۽ بي باڪ سماجي ڪارڪن هو جنهن هر وقت پاڻ کان ڏاڍي کي سچ چئي ڏنو پوءِ ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي. ان سچ جي عيوض کيس ڪيڏي وڏي قيمت ڇو نه چڪائڻي پئي هجي. سياست جي ڪارزار کان سواءِ هو حڪمت به ڄاڻندو هو ۽ سندس هٿان ڪيترائي لاعلاج مريض شفاياب ٿيا.
    ٿرپارڪر سان عشق جي حد تائين لڳاءُ رکندڙ، هيڻن جو حامي غلام محمد جنجهي انسان شناسي، تاريخ، جاگرافي ۽ ثقافت جي اٿاهه ڄاڻ رکندڙ شخص هو. ٿر ۾ رهندڙ ذاتين، انهن جي ريتن رسمن ۽ رهڻي ڪهڻي جي سمورن پهلوئن بابت سندس ڄاڻ وڏي کاڻ هئي، جنهن مان هر ڪچهري ڪندڙ پنهنجي حال آهر کوٽائي ڪري املهه هيرا هٿ ڪيا هوندا پر غلام محمد جنجهي جي ڄاڻ جي اٿاهه سمنڊ جو ٻيو ڪنارو نظر نه ايندو هو. جن به ساڻس ڪچهريون ڪيون هونديون اهي ئي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيئي سگهن ٿا. طبيعت ۾ انتهائي نهٺو، بهادر، غيور ۽ ڪارونجهر وانگر هن اڏول شخص ڪڏهن به اسٽيجي زندگيءَ جي مشهوريءَ جي نه خواهش ڪئي، نه وري ڪوشش ڪئي. هو عالمن ۽ بادشاهن سان به ڪلا ڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪري سگهندو هو ته هاريءَ سان به اُن جي ڄاڻ مطابق احوال اوريندو هو. هر هڪ کيس پنهنجي طبقي جو شخص سمجهندو هو.
    سنڌي، اردو،فارسي، هندي، گجراتي ۽ انگريزي زبانن جي ڄاڻ رکندڙ هن شخص جي زبانداني ته سندس شاعري ۽ نثر مان نروار آهي. جنهن ساڻس اندر اور ۾ حصو ورتو هوندو کيس خبر هوندي ته غلام محمد جنجهي جي علمي ائپروچ ڪيڏي نه اتاهين هئي.
    سماج سڌارڻ جي ايترو ته کيس لگن هوندي هئي جو هو ٿرپارڪر جي اجتماعي مسئلن تي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ وقت جي حڪومتن کي خط لکي آگاهه ڪندو رهند هو. جنهن سان ڪيترائي مسئلا حل ٿيا يا حل ٿيڻ طرف وڌيا، اٽڪل ڏهه ڏهاڪا ڀرپور زندگي گذارڻ دوران غلام محمد جنجهي برصغير جي تمام نامور هستين کي ويجهي کان ڏٺو، تن ۾ قائداعظم محمد علي جناح، گانڌي، بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي، پير غلام مجدد سرهندي، سيد ابوالاعلى مودودي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙيون ناليريون شخصيتون شامل آهن. ٿرپارڪر جي هن شاعر، دانشور، منجم ۽ ماهر سماجيات 16 جون 2010 تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

    143 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    Tanweer Ahmed، رضوان علياڻي، (deleted member) ۽ 2 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    مرحوم جهونو غلام محمد جنجهي رح صاحب جن اسان پياري پيشي ڀائي پروفيسر نور احمد جنجهي جو پيءُ والد گرامي قدر آهي سندن پيء پيارو پرين سنڌ جي مها ڏاهن انسان منجهان آهي جنهن جي عام سنڌي ماڻهن کي ڪابه خبر ناهي وري لک شابشيون سندن پٽ کي ڏجن ٿيون جنهن پنهنجي پيء جي ادبي نثري شاعري خدمتن کي اسان تائين پهچائي احسان عظيم ڪيو آهي۔ جوکيو شفيق سنڌي قوم جو سڄڻ خادم
     
    Tanweer Ahmed هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    آئون وساڻ سليمان کي هٿ ٻڌي التجاء ڪندس ته پاڻ پروفيسر نور احمد جنجهي کي ريهي ريبي سنڌ سلامت تي اچڻ جي دعوت ڏين باقي تعارف ڪرائڻ ڪم اسان جو آهي۔ جوکيو شفيق
     
    Tanweer Ahmed هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    پيارا وساڻ پرين هن مضمون سان ميان غلام محمد جنجهي جو ڦوٽو نه لڳائي سگهيس سو ڪئن ٿيندو ؟
     
    Tanweer Ahmed هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين شفيق جوکيو اسان جو مهربان ۽ رهنما آهي۔ پاڻ هي ليک موڪلي سچ ته اسان جي ڄاڻ ۾ به سٺو اضافو ڪيو اٿن۔ سنڌ جي هن سڄاڻ شخصيت بابت پڙهي خوشي محسوس ٿي۔ سنڌي، اردو،فارسي، هندي، گجراتي ۽ انگريزي زبانن جي ڄاڻو هن شخصيت مرحوم غلام محمد جنجهي جا اڻ ڇپيل ڪتاب ڇپجڻ گهرجن۔
     
    Tanweer Ahmed هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    منهنجي سنڌ جي ڌرتي تي ڪيئي موتي مڻيا دار لائق ، ڏاها انسان پيدا ٿيا آهن، اسان وٽ ايترو قيمتي سرمايو موجود آهي جو اسان جيترو فخر ڪيون گهٽ آهي۔ اسان جي اها خوشنصيبي آهي جو سنڌ سلامت جي وسيلي وقتن به وقتن اهڙن ڏاهن ، سچن سنڌ ڌرتي جي ماڻڪن بابت ڄاڻ حاصل ڪندا رهون ٿا، ۽ اوهان جهڙن دوستن جي مهرباني جو اهڙن ڏاهن بابت ڄاڻ ڏيو ٿا، هوند اسان اڻ ڄاڻ ئي رهجي وڃون۔۔سدائين گڏ
     
    Tanweer Ahmed هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو