• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سوڪوٽرا جزيرا : هڪ الڳ دنيا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سوڪوٽرا جا جزيرا آفريڪا جا اهي جزيرا آهن جيڪي هڪ الڳ دنيا جو ڏيک ڏين ٿا۔ چئن جزيرن تي مشتمل هي دنيا گهڻو عرصو دنيا کان ته الڳ هئي پر آفريڪا کان به ڪٽيل هئي۔ پر هاڻي هي هڪ خوبصورت جنت جو ڏيک ڏين ٿا۔ هتي ڪجهه اهڙا به وڻ ۽ ٻوٽا به ملن ٿا جيڪي عجيب ۽ غريب هجڻ سان گڏ دنيا ۾ ٻئي هنڌ نه ٿا ملن۔ انهن مان ڪجهه کنڀي نما ٻوٽا ۽ ٻيا ٿلهي ٿڙ وارا ٻوٽا ڪنهن عجوبي کان گهٽ ناهن۔

هتان جي موسم سخت گرم ۽ خشڪ رهندي آهي۔ جبلن جي اوچائي 1525 ميٽرن تائين آهي۔ 40هزار آبادي وارا هي علائقا روڊن رستن کان واجهيل آهن پر تازو يمن جي حڪومت ۽ يونيسڪو پاران ڪجهه ڪم ٿيو آهي ۽ جيپ يا چار ويل گاڏين جا قافلا جيڪي گهڻو ڪري سياحن تي مشتمل آهن هتي اچن ٿا۔ هتي 140 کان وڌيڪ قسمن جا پکي ملن ٿا جن مان ڪجهه ته دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ موجود ناهن۔ اچو ته هن عجيب ۽ غريب دنيا جون تصويرون ڏسون۔


iXV9nlrAiVY5K.png
iG1PSqeHkXtZ8.png
i6ki8PQbfmPo8.png
ijdLbD6rOuG7V.png
isO74BaIhYl2r.png
ikqnaxZ19LS1w.png
 
Back
Top