سنڌ جو سودو، چين ۾؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2012۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    محسن ٻٻر ـ
    پاڪستان، چين جي مختلف ڪمپنين سان سنڌ ۾ ذوالفقار آباد جي اڏاوت، اسلام آباد کي تربيلا ڊيم مان سنڌ جي مخالفت باوجود پاڻي ڏيڻ ۽ سنڌ جي ڪئنالن ۽ بئراجن جي کاٽي لاءِ ٽي مختلف سمجهوتي جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
    انهن سمجهوتن تي صحيحون، اڄ چين جي شهر بيجنگ ۾ صدر آصف علي زرداري آڏو ڪيون ويون. ذوالفقار آباد ۾ خاص اقتصادي زون اڏڻ واري رٿا بابت سمجهوتي تي ذوالفقار آباد ڊيولپمنٽ اٿارٽي جي سربراهه جنرل ريٽائرڊ سيد افتخار حسين شاهه ۽ سچوائان هونتونگ سيڙپڪاري واري ڪمپني جي چيئرمين يانگ يونگ وچ۾ صحيحون ڪيون ويون.
    سنڌ ۾ ڪئنالن جي کاٽي جي حوالي سان سمجهوتي تي سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين سليم مانڊي والا ۽ چائنا هاربر انجنيئرنگ ڪمپني جي صدر وچ ۾ صحيحون ڪيون ويون.
    ٽيون سمجهوتو ڪئپيٽل (اسلام آباد) ڊولپمنٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي چيئرمين فرخند اقبال ۽ چائنا مشينري انجنيرنگ ڪمپني (سي ايم سي) جي صدر زانگ چُن جي وچ۾ ٿيو. اها ڪمپني تربيلا ڊيم کان اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي پاڻي جي فراهمي لاءِ هڪ ڪئنال جي اڏاوت ڪندي. سي ڊي اي هڪ ٻي ڪمپني سان اسلام آباد جي آءِ 15 سيڪٽر ۾ 6000 فليٽ تعمير ڪرڻ جي هڪ ٻي سمجهوتي تي به صحيحون ڪيون.
    واضح رهي ته تربيلا ڊيم کان اسلام آباد کي پاڻي فراهم ڪرڻ واري رٿا تي سنڌ حڪومت سخت اعتراض واريل آهن ۽ ارسا پاران به اهڙي رٿا جي اجازت نه ڏني ويئي آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل به اهڙي رٿا جي اڃا منظوري ناهي ڏني. پر تنهن جي باوجود به وفاقي حڪومت صدر زرداري جي اڳواڻي ۾ انهي رٿا متعلق هڪ سمهجهوتي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
    اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته انهن سمجهوتن ( ايم او يوز) جي اهميت قانوني ناهي هوندي پر رڳو ايتري هوندي آهي ته ڪمپنيون اهو اصولي انجام پاڙينديون آهن ته اهي ان ڏس ۾ سيڙپڪاري ڪنديون. پاڪستان ۾ ڪيئي ايترا سمجهوتا موجود آهن، جن تي ڪڏهن به عمل درآمد ناهي ٿي سگهيو.
    انهي ٺاهه متعلق سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ سسئي پليجو به اعتراض واريا ويا هئا ته انهي سمجهوتي متعلق تفصيل فراهم ڪيا وڃن پر اهي تفصيل فراهم ڪرڻ بدران سسئي کي به فارغ ڪيو ويو ۽ اهڙي سمجهوتي تي صحيحون اڄ چين ۾ ڪيون ويون آهن.
    ذوالفقار آباد متعلق سمجهوتي تي صحيحون ڪرڻ مهل ٻين عملدارن ۾ ڪوبه سنڌي ڳالهائيندڙ موجود نه هو. بظاهر سنڌ حڪومت جو به ڪوبه نمائندو نظر نٿو اچي. ان موقعي تي تيل ۽ گئس جو وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين، ايوان صدر جو سيڪريٽري جنرل سلمان فاروقي، صدر جو توانائي متعلق صلاحڪار ڪمال مجيدالله، پرڏيهي معاملن جو وفاقي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين سليم مانڊي والا ۽ صدراتي ترجمان سينيٽر فرحت الله بابر موجود هئا. انهي سمجهوتي جي مسودي جي منظوري سنڌ ڪابينا گذريل هفتي پنهنجي گڏجاڻي ۾ ڏني ۽ سسئي پليجو کانسواءِ ڪنهن به وزير ڪو اعتراض نه واريو.
    صدارتي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب صدر زرداري چين جي سيڙپڪارن سان گڏجاڻيون پڻ ڪيون ۽ انهن تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ پاڻي، بجلي جي مختلف رٿائن سميت ٿر جي ڪوئلي وارين رٿائن تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪئي.
    صدر زرداري، چين جي يونائيٽڊ انرجي گروپ ۽ اوريئنٽ گروپ کي آچ ڪئي ته اهي ڪراچي ۾ بندرگاهه تي تيل کي صاف ڪرڻ جو ڪارخانو (آئيل ريفائنري) جي رٿا هڻن. سائنوميڪ ڪمپني کي چيو ويو ته اهي پاڪستان ۾ صنعتي مشين سازي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ ٽئڪنالاجي جي منتقلي تي به غور ڪن. ان ڏس ۾ نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي مشينري ۽ ٻين رٿائن ۾ سيڙپڪاري لاءِ غور ڪرڻ لاءِ چيو ويو. چين جي سي ايم اي سي ڪمپني کي آچ ڪئي ويئي ته اهي ريلوي ۽ رستن جي تعمير ۾ سيڙپڪاري ڪن. انهي ساڳي ڪمپني کي ذوالفقار آباد ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي ويئي ۽ چيوويو ته ڪمپنين کي پاڪستان ۾ تمام گهڻيون سهولتون ۽ مراعتون ڏنيون وينديون.
    ٿري گورجز پراجيڪٽ ڪاپوريشن کي بنجي، ڪوهالا، ڪروٽ، ديامير باشا ڊيمن ۽ ٿرڪول جي رٿائن ۾ سيڙپڪاري لاءِ چيو ويو.
    آزاد ماهرن ذوالفقار آباد رٿا ۾ چين جي سيڙپڪارن جي خاص دلچسپي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته گوادر بعد سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ چين جي دلچسپي سان هن خطي ۾ آمريڪا ۽ چين وچ۾ جاري مفادن جي ويڙهه خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿي، جنهن جا سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال تي منفي اثر پئجي سگهن ٿا.
    هڪ ماهر چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته گوادر ۾ چين جي دلچسپي وڌڻ بعد بلوچستان ۾ امان امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿيل آهي ۽ پاڪستان جي گرم پاڻين، بندرگاهن ۾ آمريڪا ۽ چين جي مفادن سبب سنڌ جي مفادن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي. هن سنڌ جي سياسي، سماجي ڌرين، سول سوسائٽي ۽ فردن کي اڳواٽ تياري ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته اهي ذوالفقار آباد رٿا جو ويجهي کان جائزو وٺن.
    واضح رهي ته ذوالفقار آباد رٿا تي سنڌ جي قومپرست ڌريون سخت احتجاج ڪري رهيو آهن. سندن موقف آهي ته هي رٿا سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي هڪ سازش آهي، جنهن ذريعي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويندو.
    روزاني ڪاوش ۾ اختيار کوکر جي 5 جون 2012ع تي چپيل مضمون موجب ”ذوالفقار آباد ترقياتي اداري ٺٽي ضلعي ۾ نئين شهر جي اڏاوت جو ماسٽر پلان جوڙڻ کان پهرين بنيادي ڍانچي جي اڏاوت شروع ڪري ڇڏي آهي. اداري سنڌو درياهه تي ڌانڌاريءَ واري هنڌ چئن لاٽن واري روڊ واري 6 ڪلوميٽر ڊگهي پل جي اڏاوت لاءِ پوڻا چار ارب رپين جو ٺيڪو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سوا چار ارب رپين جي ايڪسپريس وي جي اڏاوت لاءِ پڻ ٺيڪو ڏيڻ وارو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي.“
    ”سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن رٿا جو اڃا ماسٽر پلان ئي ناهي جڙيو ته 8 ارب رپين جا اڏاوتي ٺيڪا ڪيئن ڏنا پيا وڃن؟ ٻيو اهو ته دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ان شهر جي بنيادي ڍانچي کي اڏڻ لاءِ چيني ڪمپني سيڙپڪاري ڪندي. جيڪڏهن چيني ڪمپني کي سيڙپ ڪرڻي آهي ته پوءِ سنڌ جي خزاني مان رٿا جو بنيادي ڍانچو ڇو پيو جوڙيو وڃي ۽ جيڪڏهن بنيادي ڍانچي جي اڏاوت صوبائي خزاني مان ٿيڻي آهي ته پوءِ چيني ڪمپنيءَ کي گڏيل ڀائيواري وارا حق ۽ اختيار ڪيئن پيا ڏنا وڃن؟“
    ”سنڌ ڪابينا چيني ڪمپنيءَ سان جنهن يادداشت واري ٺاهه (ايم او يو) تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ان جي مسودي ۾ صاف چيل آهي ته ٺاهه ٿيڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت ۽ ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو پابند هوندا ته ان رٿا بابت ڪنهن به ٽئين ڌر سان ڪابه ڏيتي ليتي ۽ ڪو ٺاهه چيني ڪمپنيءَ جي اجازت کانسواءِ نه ڪندا. ٺاهه جي مسودي ۾ اهڙي ڪابه شق شامل ڪانهي ته علائقي جي مقامي ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو، يا صدين کان آباد ماڻهن کي پنهنجي اباڻن ڪکن تان نه لڏايو ويندو، يا سندن روزگار جا وسيلا ڪنهن به طرح نئين شهر جي اڏاوت سان متاثر نه ٿيندا، يا نئين شهر جي اڏاوت ۽ آبادڪاريءَ ۾ مقامي ماڻهن کي خاص ترجيح ڏني ويندي، ان کانسواءِ سڀ کان وڌيڪ ڳڻتيءَ جهڙو ڪم اهو پيو ٿئي جو ذوالفقار آباد ترقياتي اداري کي ترقياتي رٿائن جي تياري ۽ منظوريءَ جي معاملن ۾ حڪومت جي لاڳو قاعدن ۽ پاليسين کان مٿانهون قرار ڏنو ويو آهي.“
    اختيارکوکر موجب ”وفاقي پلاننگ ڪميشن پاران لاڳو ڪيل قاعدن موجب، سرڪاري فنڊنگ سان هلندڙ رٿائن جي تياري ۽ منظوريءَ جو هڪ پورو طريقو ڏنو ويو آهي، جنهن موجب صوبائي حڪومت جون 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ لاڳت واريون سموريون رٿائون رٿابندي ۽ ترقيءَ واري کاتي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ مان منظور ٿيڻ کانپوءِ رٿائن جي منظوريءَ واري اعليٰ صوبائي فورم صوبائي ترقياتي ورڪنگ پارٽيءَ مان منظور ٿينديون. جنهن کانپوءِ رٿابندي کاتو رٿا لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي ايڊوائيز جاري ڪندو، جنهن جي بنياد تي لاڳاپيل صوبائي کاتو ناڻي کاتي کي فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ ايڊمنسٽريٽو اپروول (ڊبل اي) اماڻيندو ۽ ناڻو کاتو فنڊ جاري ڪندو. پر سنڌ حڪومت جي خزاني مان ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي تعمير ٿيندڙ رٿائن لاءِ رٿائن جي منظوريءَ وارن انهن قاعدن ۽ پاليسين کي لتاڙيو پيو وڃي.“ اختيار کوکر جي مضمون جا ڪجهه حصو هيٺ ڏجي ٿو.
    ”سنڌ حڪومت وڏي وزير جي منظوريءَ سان ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي ايم ڊي جي سربراهيءَ م هڪ ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جوڙي اربين رپين جي رٿائن جي تياري ۽ منظوريءَ جا ان کي اختيار ڏئي ڇڏيا آهن. سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽريءَ کي ان جو ميمبر بڻايو ويو آهي. اهم ڳالهه اها به آهي ته سنڌ اسيمبليءَ مان زيڊ ڊي اي جي منظور ٿيل ايڪٽ ۾ اهڙي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو ڪوبه ذڪر ڪونهي.“
    ”ذوالفقار آباد ترقياتي اداري کي رٿائن جي منظوريءَ لاءِ لاڳو قاعدن کان غير قانوني طور تي آجو ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو زيڊ ڊي اي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي اهڙيون رٿائون منظور ڪري انهن جي اڏاوت شروع ڪري ڇڏي آهي، جن کي ماهر فني حوالي سان ناقص ۽ تمام گهڻيون مهانگيون قرار ڏئي رهيا آهن. جنهن جو وڏو مثال زيڊ ڊي اي پاران سنڌو درياهه تي ڌانڌاريءَ واري هنڌ 6 ڪلوميٽر ڊگهي پل جي اڏاوت واري شروع ڪيل پهرين رٿا جو آهي. ان رٿا جي ڊزائن تيار ڪندڙ ماهر انجنيئر جو چوڻ آهي ته کانئس رٿا جي ڊزائن هڪ چيني ڪمپنيءَ تيار ڪرائي. ماهرن تجويز ڪيل ڊزائن تي اعتراض ڪيو ته سنڌو درياهه جي ان هنڌ تي پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽ هوندو آهي. ان ڪري 6 ڪلوميٽرن بدران هڪ ڪلوميٽر پل اڏي مالي وسيلا بچائي سگهجن ٿا. پر ماهرن کي حڪم ٿيو ته 6 ڪلوميٽر ڊگهي پل جي ڊيزائن تيار ڪرڻي آهي.“
    ”سنڌ جنرل جي ٿورن سان“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو