ڪيئن به ڪري پر آوازن کي جاڳايو، ماڻهن سان نه ته ڳلين سان ئي ڳالهايو. خاموشيءَ جي مُهر لڳي ڇو محفل کي، نغما، ناهن نوحا ئي پر ڳارايو. صبر متان ٿي سڪتو پئي ۽ سڪتو موت، ڪنهن به طريقي ساٿي تن کي تڙپايو! تحريڪون نه ته تدبيرون، نه ته تجويزون، ڪجهه ته بکارين تاريخين کي کارايو! شعلا شعلا وَتي ٿو ورڇيندو، اونداهه آ استاد بخاري آڻايو.