سنڌي محمد حسين
سينيئر رڪن
دوستن کي عرض آهي سائين جي ايم سيد جو ڪتاب رهبر پي ڊي ايف ۾ گهرجي جنهن دوست وٽ آهي مهرباني ڪري هت اپلوڊ ڪري يا لنڪ آهي ته سينڊ ڪري۔
مان اوهان سان سهمت آهيان۔۔۔ اسان منجهان جيڪو دوست ڪمپيوٽر تي سنڌي ٽائپنگ ڪري سگهي ٿو اهو سنڌ جو وڏو اثاثو آهي۔۔مونکي ڏک ٿيندو آهي جڏهن سيد جا چاهيندڙ ۽ سندس پوئلڳ سندس پويان سياست جي آڙ ۾ فائدا ته گهڻا وٺندا آهن پر پر سائين جي ايم سيد جو پيغام نه ته دنيا تائين پهچائن ٿا ۽ نه ئي وري ڪتابي صورت ۾ ڦهلاين ٿا۔ ڇا جيئي سنڌ جي ڪنهن به ڌڙي کان اهو ڪم ڪونه ٿو ٿي سگهي ؟ جيڏڪهن سندس نالي سان سياست ڪندڙ هر ڌڙو صرف ڪتاب به ڪمپوز ڪرائي نيٽ تي لڳائي ته جيڪر سڀ ڪتاب ڪمپوز ٿي وڃن۔
اڄ به مان دوستن کي اها دعوت ٿو ڏيان ته اچو ته گڏجي سنڌ جي ادب کي سهيڙيون ۽ گڏجي ڪتاب ڪمپوز ڪيون۔ هر دوست سال ۾ هڪ ڪتاب ڪمپوز ڪري ته به جيڪر اسان وٽ اڻ کُٽ ڪتاب ٿي وڃن۔ پر سائين اسان ڳالهيون ڪندڙن مان آهيون ۔۔۔۔ !!!!