جج جي مشڪلات هڪ بادشاهه پنهنجي هڪ صالح ۽ ديندار عالم کي قاضي القضاة جي جليل القدر عهدي تي فائز ڪيو. اهو ٻڌي عالم زار زار روئڻ لڳو، ان تي نائب قاضي چوڻ لڳس ته، هي ته خوشي جو موقعو آهي، جو اوهان کي ايڏو عهدو مليو آهي، روئو ڇو ٿا؟ جيڪڏهن اوهان ديانت سان ڪم ڪري ماڻهن جي داد رسي ڪندا رهندا ته، بادشاهه جون عنايتون هڪ طرف ٿينديون ۽ الله وٽان اجر عظيم ٻئي طرف ملندو. قاضي صاحب چيو ته افسوس ! جو توهان قضا جي مشڪلات جو علم رکندي به همدرديءَ جو اظهار نٿا ڪريو، مدعي ۽ مدعا عليه منهنجي روبرو ايندا، هر هڪ پاڻ کي سچو ڪرڻ لاءِ زور ڏيندو، هر هڪ سچائيءَ جا ثبوت ڏيندو، مون کي اصل واقعي جي ڪهڙي خبر؟ غيب دان ته مولا سائين آهي. جڏهن دارومدار ئي شهادتن تي هوندو، تڏهن ٻڌاءِ ته مان ڪهڙي نه مشڪلات ۾ هوندس! ته فتويٰ ڪنهن جي فائدي ۾ ڏيان. الله جي مخلوق جي جان ۽ مال جو فيصلو پنهنجي قياس مطابق ڏيڻ وڏو خوفناڪ ڪم آهي. نائب چيو ته جيڪي اوهان فرمايو سو سڀ سچ آهي، مدعي ۽ مدعا عليه کي حرص ته انڌو ڪيو هوندو مگر خدا جي فضل سان اوهان جون امانت ۽ ديانت جون اکيون روشن هونديون توهان جيڪڏهن انصاف ڪندا رهندؤ ته پوءِ ڪهڙو خوف آهي؟ مگر جيڪڏهن ڪنهن جو خيال ڪيوَ ته، هنن ٻن انڌن ۾ توهان ٽيان انڌا ٿي پوندا. راشي جج فيصلو انصاف سان نه ڪري سگهندو آهي. ياد رک دل تي سدا قول نبي ويندا دوزخ ۾ راشي ۽ مرتشي ڪي رشوت نه وٺندا آهن، مگر سفارش ٻڌي، انصاف جو خون ڪندا آهن، ڪي وري مذهبي تعصب سبب عدل نه ڪندا آهن. ڪي دوستي ۽ مٽيءَ جو خيال رکندا آهن، ڪي وري پاڻ کي مشهور ڪرائڻ لاءِ رشتيدارن خواه عزيزن جي خلاف فيصلو ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو سچ پچ ته رشوتين کان به بدتر آهن، ڇو ته راشي پنهنجو ڀڀ ڀري ايمان ضايع ڪري ٿو، مگر هو ته مفت ۾ ايمان ضايع ڪن ٿا. وٺ نه رشوت ۽ رسائي، لاڳ لاپو آنڪي سون چاندي جي سڪن لئي قوم جو قاتل مَ ٿيءُ! ڪتاب روميءَ جون رهاڻيون تان ورتل
بس سائين ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪيو۔۔۔ پراڻي دور جي عدالتن کي ڏسجي ته پوءِ هاڻوڪي عدالتن مان انصاف جي اميد ۽ آسرو ٻٻرن کان ٻير گهرڻ مثل آهي، هر شئي هتي ڪرپشن ۾ ٻڏل آهي، هتي چيف جسٽس کي پڇاڻي کان مٿانهون ٿو سمجهيو وڃي۔۔۔