عرس پريو
سينيئر رڪن
ساهه صدقو ڪيو دل فدا ٿا ڪيون،
پوء به تون ٿو چڙين توکي ڇا ٿا ڪيون۔
پيار اهڙي طرح ٿا ڪيون تون ء مان ،
ڄڻ ته تبديل آب هوا ٿا ڪيون،
دل جي زخمن جي ڪهڙي ٿا حالت پڇو،
بس توهان جي اکين کي دعا ٿا ڪيون۔
پنهنجي چاهت کي چاڙهي صليبن مٿان،
تنهنجي احسان جو حق ادا ٿا ڪيون۔
پيار ڏئي وري پيار جي گهر ڪري،
پيار جي فلسفي کي فنا ٿي ڪيون۔
ڪوئي مجنون رهيو نه آهي جڳ ۾ وفا،
ڪنهن به ليلي1 کي ناحق خفا ٿا ڪيون۔
وفا ناٿن شاهي