سنڌ جي البيلي ۽ دلين تي نقش ڇڏيندڙ شاعر حسن درس جي ورسيء تي سنڌ سلامت سٿ پاران کيس سلام پيش ڪيون ٿا۔
__________
نوجوان دلين جي ترجمان حسن درس جي ياد
محمد سليمان وساڻ
اهو 16 جون 2011 جو صبح هو ، مان جيئن ئي اٿي موبائل چارچ لڳائڻ لڳس ته موبائل تي آيل ميسيج ڏسي عجيب ڏک واري ڪيفيت مان گذرندي اکين مان لڙڪ وهي نڪتا. دوستن جا ميسيج آيل هئا ته حسن درس روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو آهي.
سندس جدائي جو ڏک مون سميت سموري سنڌ کي ايترو ته گهرو رسيو جو ڪيترائي ڏينهن اخبارن ۾ سندس بابت لکڻيون ڇپجنديون رهيون. هو جيڪو عشق، سونهن، سنڌ، رومانس ۽ انقلاب جي سنگم جو شاعر هو سو ڦوهه جواني ۾ اسان کان وڇڙي ويو.
سندس جنم 5 سيپٽمبر 1966ع ۾ ٽنڊوالهيار تعلقي جي ڳوٺ مشائخ هوتيءَ ۾ ٿيو. سندس اصل نالو محمد حسن ۽ قلمي نالو حسن درس هو. پاڻ مينهون غلام رسول جو فرزند هو، هن پنهنجي پرائمري تعليم مشائخ هوتي ۽ باقي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي.
حسن درس جي شاعري نوجوانن ۾ گهڻو مقبول هئي، ڄڻ ته هو نوجوانن جو شاعر هو. نه صرف اهو پر هو خوبصورت آواز جو مالڪ هجڻ سبب سندس شاعري جو انداز بيان به دلڪش هو.
ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
جيڪو جَرَ تي جاڳي ٿو
ٿڌ وَسي ٿي واريءَ تي
ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو
هڪڙو خواب سهانو جيڪو
روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو
حسن درس جي شاعري پڙهندو آهيان ته وليم ورڊس ورٿ ياد ايندو آهي. ٻئي فطرت جي سونهن تي لکڻ وارا آهن. هو سنڌ جي واهڻن، وستين، ڍنڍن ۽ سونهن تي لکندو هو. هو رومانس تي خوب شاعري ڪندو هو.
زندگي ڀلي اهڙي
ٽڪ تي رليءَ جهڙي
آئون وڇايان، تون نه ويهين
ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان
حسن تون سدائين ياد رهندين، شاعر جي سٽن ۾، راڳين جي آواز ۾، وڻ جي ڇانو ۾، پنهنجن جي پيار ۾، دوستن جي سڪ ۾. دوستن ۽ سنڌ واسين جي دلين تي راڄ ڪندڙ تون پاڻ ئي ته ته چئي ويو هئين
”هي حسن آواراه گرد آدمي
ڇا ڏٺو آ تو هن رولاڪ ۾“
۽ پوء اها گرهڻ واري رات ڄڻ ته سنڌ جي چنڊ کي وڪوڙي وئي ۽ سنڌ جو چنڊ ان گرهڻ جو شڪار ٿي ويو.
”عمر جي آڱرين مان ڏس
ڦلن وانگر ڇڻون ٿا پيا
سڄڻ سگريٽ سستي جيئن
سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو
اوهين مرڪي ملي آخر
هليا ويا شهر پنهنجي ڏي
اسان جي ياد جي ڳل تان
اڃا ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو“