ابتو سبتوويزا جِي نيڻن کي ناهي ضرورت!وسعت الله خانورهاڱي کان وٺي هيستائين شايد ئي ڪو اهڙو سال هجي، جڏهن منٽو جو افسانو ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه“ ياد نه آيو هجي. چاهي فنونِ لطيفه هجي يا ادب جي زبان، سياست هجي يا تاريخ – هر شئي ٽوبه ٽيڪ سنگهه وانگر وڻ تي چڙهي ويهي رهي. مگر سرڪاري بابوئن ان کي گڏيل ميراث واري وڻ تي به آرام سان ويهڻ نه ڏنو. هر ناقابلِ تقسيم شئي اهڙي ته اڍنگي انداز ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، جو اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو ته ماڻهو روئي يا کلي. جڏهن ورهاڱو ٿيو ته، ”ديره دون“ جي فوجي اڪيڊميءَ ۾ تربيت وٺندڙ ڪيڊٽن کي اهو آپشن ڏنو ويو ته اهي هندوستاني يا پاڪستاني فوج ۾ شموليت جو رضاڪاراڻو فيصلو ڪن، ته مسلمان ڪيڊٽن پاڪستان وڃڻ جو فيصلو ڪيو، پوءِ وري ”ديره دون“ جي لائبريريءَ جي ورهاست جو مسئلو پيدا ٿي ويو. طئي اهو ٿيو ته، لائبريري ٽيهه ۽ ستر جي تناسب سان هندوستان ۽ پاڪستان ۾ ورهائي وڃي. پر معاملو انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا تي اچي اٽڪي پيو ته ان جي 24 جلدن کي ڪيئن ورهايو وڃي! ان تي هڪ ڪيڊٽ ٽڪا خان اها سهڻي صلاح ڏني ته، انسائيڪلو پيڊيا جا 8 جلد پاڪستان کي ۽ 16 جلد هندوستان کي ڏنا وڃن. ان تجويز تي سمورن ڪيڊٽن ڏندين آڱريون اچي ويون پر پوءِ وري ٽهڪن ڇپر ڦاڙي ڇڏيو. مون کي لڳي ٿو ته ڀارت ۽ پاڪستان سمورو تهذيبي اثاثو ان ئي اصول تحت ورهايو. جيئن محمد بن قاسم ديبل تي لهڻ ڪري پاڪستاني آهي، پر موهن جو دڙو هندو تهذيب جي علامت آهي (حالانڪه هندو مذهب موهن جي دڙي کان پوءِ وجود ۾ آيو). مير، غالب ۽ اقبال توڙي جو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ جا ڪردار آهن، پر مسلمان هجڻ جي ناتي کين پاڪستان جي اعزازي شهريت حاصل آهي. پر پنجهٺ واري جنگ کانپوءِ فراق گورکپوريءَ جا غزل ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيڻ بند ٿي ويا، ڇو ته فراق نه صرف هندو هو، پر سيالڪوٽ ۾ به پيدا نه ٿيو هو. شڪر آهي جو مير کي آگره ۽ غالب کي دهليءَ ۾ پيدا ٿيڻ ۽ اتي ئي مرڻ جي باوجود ريڊيو پاڪستان تان نيڪالي نه ملي، ۽ حفيظ کي به پنهنجي نالي سان ”جالنڌري“ لڳائڻ کان نه روڪيو ويو. ٽيپو سلطان اڄ کان ويهارو کن سال اڳ تائين پاڪستان جي درسي ڪتاب ۾مسلمانن جو هيرو هو، پر جڏهن کان ڀارت ان کي قومپرست سامراج دشمن مجاهد جو درجو ڏنو، پاڪستاني درسي ڪتابن ۾ ٽيپو جو قد گهٽجندو ويو. 1857ع جي جنگِ آزاديءَ جون ڏيڍ سئو سالا تقريبون ڀارت ۾ شانائتي طريقي سان ملهايون ويون، پر پاڪستان ۾ اها 150 هين سالگرهه ماٺ ميٺ ۾ گذري ويئي. ڀڳت سنگهه توڙي جو هن ئي علائقي ۾ پيدا ٿيو، جيڪو علائقو پوءِ پاڪستاني پنجاب سڏيو ويو، کيس ڦاسي به لاهور ۾ ملي، پر ڀڳت سنگهه جو نالو جيئن ته غازي علم دين نه هو، ان ڪري ڀڳت سنگهه کي ايتري اهميت به نه ملي سگهي، جيتري سياچن گليشيئر کي ملي. شڪر آهي جو هاڻي اها ذهنيت آهستي آهستي تبديل ٿي رهي آهي. اهو به هڪ زمانو هو جو شترو گهن سنها هر سال جنرل ضياءَ جي گهر اچي ترسندو هو، پر هڪ عام پاڪستاني جيڪڏهن دهليءَ ڪنهن مهيني هڪ بدران ٻه فون ڪري وٺندو هو، ته سادن ڪپڙن وارا کانئس پڇاڻو ڪندا هئا ته، خير ته آهي..؟!! مرار جي ڊيسائيءَ کي ڀارت پدم ڀوشن ۽ پاڪستان نشانِ پاڪستان ايوارڊ ڏنو، پر علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جو ڪو پروفيسر پاڪستان ۾ ڪنهن ڪانفرنس ۾ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڪو ڊيليگيشن اڀياسي دوري تي ان ڪري دهليءَ نه وڃي سگهندو هو، ڇو ته سيڪيورٽي ايجنسين جي ڪليئرنس تاريخ گذرڻ کان ٻه مهينا پوءِ ملندي هئي. اهو به زمانو هو جڏهن لاهورين امرتسر ٽي وي تان فلم ”مغلِ اعظم“ ڏسڻ لاءِ گهر جا سمورا ٿانوَ ٿڦا ٽي وي اينٽينا تي هڻي ڇڏيا هئا، ته جيئن نشرياتي سگنل ڪليئر اچن. پوليس وي سي آر تي ڀارتي فلمون ڏسندڙن کي گرفتار ڪري وٺندي هئي. دهلي ۽ سري نگر ۾ ماڻهو لڪ ڇپ ۾ ريڊيو پاڪستان ٻڌندا هئا. پاڪستان جا ٽي وي ڊراما ۽ رهبر واٽر ڪولر ڀارت ۾ بهشتي سوکڙيون سمجهيون وينديون هيون. پر هاڻي ڀارتي فلمن جون سي ڊيز، ڀارتي ٽي وي ڊراما سيريلز ۽ ايف ايم ريڊيو تي ڀارتي گانا ٽَڪي ٽوڪريءَ واري ملهه تي دستياب آهن. پاڪستاني نصرت فتح علي خان ڀارتي سنگيت جي ديوتائن ۾ شامل آهي ۽ سندس ڀائيٽي راحت فتح علي خان کان وٺي اداڪار علي ظفر ۽ وينا ملڪ تائين گڏيل ميراث آهن. استاد بَڙي غلام علي خان ۽ قرت العين حيدر ٻنهي ملڪن جا شهري تسليم ٿي چڪا آهن. ڳچ عرصي کان ڪنهن سياسي مخالف کي پاڪستان ۾ ڀارتي ايجنٽ ۽ ڪنهن ڀارتي سياستدان کي پاڪستاني ايجنٽ جو خطاب نه مليو آهي. هاڻي ته خان عبدالغفار خان کي به سرحدي گانڌي نٿو لکيو وڃي (پر ان سهولت کان بلوچستان، سنڌ ۽ ڀارتي ڪشمير اڄ به محروم آهن.) مگر پاڪستاني ٻوڙ ۾ ڀارتي ٽماٽا استعمال ٿي رهيا آهن ۽ ڀارتي رڌڻي مان پاڪستاني باسمتي جي هٻڪار اچي رهي آهي. نصير الدين شاهه لاهور ۾ فلم جو تربيتي ورڪشاپ ڪرائي رهيو آهي ۽ پاڪستاني شاگرد دهليءَ جي سارڪ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيا آهن. مهيش ڀٽ هر هفتي فون ڪري گلوڪاره ريشمان جي چڱڀلائيءَ بابت پڇا ڪري رهيو آهي ۽ راجسٿان جي وزير اعليٰ، مهدي حسن جي لاڏاڻي کان پهرين، علاج لاءِ ايمبولنس ذريعي جئپور آڻڻ جي آڇ ڪئي هئي. مهدي حسن جي سوڳ جو تڏو ڪراچيءَ جي گلبرگ ۾ به وڇايل آهي ۽ راجسٿان ۾ سندس اباڻي ڳوٺ لونا ۾ به ماڻهو هڪ ٻئي کي ڳراٺڙي پائي تعزيت ڪري رهيا. من موهن سنگهه به ڏکارو آهي ته آصف علي زرداري به. 2009ع ۾ مهدي حسن جيڪو گيت پنهنجي ئي ڪمپوزيشن ۾ ڳايو هو، اهو هو: ۽ پوءِ 2010ع ۾ ان ئي ڪمپوزيشن کي لتا منگيشڪر ڳايو ۽ ايم ايڇ وي پنهنجي فلم ”سرحدين-ميوزڪ بيانڊ بارڊرز“ ۾ ٻنهي عظيم آوازن کي مِڪس ڪري لتا ۽ مهدي جو پهريون ۽ آخري ڊوئٽ سانگ رليز ڪري ڇڏيو. (هڪ دوست ڪالهه ئي فيس بُڪ تي گلزار جو هي تازو نظم پوسٽ ڪيو آهي) ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته، پاڪستان جي هلالِ امتياز، ڀارت جي سهگل ايوارڊ يافته الله جي ٻانهي ۽ ڀڳوان جي آواز مهدي حسن کي ڪراچيءَ جي بدران واهگا يا کوکرا پار بارڊر جي نومينز لينڊ ۾ دفن ڪيو وڃي ها، پر پوءِ آئون سوچيان ٿو ته، دفاعِ پاڪستان ڪائونسل ۽ شِو سينا وارا ڇا سوچيندا!! wusatkhan@gmail.com (ليکڪ ڪجهه عرصو پهرين ڪاوش ۾ ”ابتو سبتو“ جي عنوان سان هفتيوار ڪالم لکندو رهيو هو. وقت جي وٿيءَ کانپوءِ اهو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي. هاڻي اوهان هر ڇنڇر تي وسعت الله خان جو ڪالم ”ابتو سبتو“ پڙهي سگهندا.) The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
وسعت الله خان جو قلم سچايون ۽ کريون ڳالهيون لکڻ جو پابند رهيو آهي۔ ٻوڏ هجي يا موسيقي، سياست هجي يا مذهب هو مسلسل لکندو رهي ٿو ۽ بي بي سي تي پنهنجون رپورٽون به پيش ڪندو رهي ٿو۔ بهترين لکڻي