• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي يار سڄڻ! گيدي کيسي ۾ تنهنجي، ڪجهه به نه هوندوء! _جوکيو شفيق

جوکيو شفيق احمد

سينيئر رڪن
اي يار سڄڻ!
گيدي کيسي ۾ تنهنجي، ڪجهه به نه هوندوء!
ته هر هڪ انسان، رتُ مِٽُ مائٽ توکان ٽهندو رهوندوء!
ڪير به ڪونه تنهنجي ويجهو، ۽ پڻ پاڇولو ئي هوندوء!
يار سڄڻ دوستُ، ته توکان لڪندو گم رهندوء!
پر رتُ مٽَ مائٽ به، ڪين توکي پنهنجو سمجهندوء!
اي يار سڄڻ!
گيدي کيسي ۾ تنهنجي، ڪجهه به نه هوندوء!
واٽهڙو؛ ڏسي توکي، واٽ گس پيچرو مٽائيندوء!
پر ڄاڻو سڃاڻو ماڻهو به توکان، پڻ خائف رهندوء!
پيءُ ماءُ؛ به عاق ٿو ڪريان، وصيت نامون لکندوء!
پر اولاد پٽ پوٽاڻ نياڻي ڏوهٽاڻ، توکي امان ابو نه چوندوء!
اي يار سڄڻ!
گيدي کيسي ۾ تنهنجي، ڪجهه به نه هوندوء!
غير محرمُ ته؛ توکي خر کر به ڪين ڪندوء!
پر ننگُ انگُ به، تنهنجو ننگُ نه رهندوء!
اي يار سڄڻ!
گيدي کيسي ۾ تنهنجي، ڪجهه به نه هوندوءِ!
امير ڪبير توکي نفرت سان ڏسندو ته هوندوء!
پر سُڃو سکڻو بکيو به توسان سينو ساهيندوءِ!
اي يار سڄڻ!
گيدي کيسي ۾ تنهنجي، ڪجهه به نه هوندوءِ!
پوء ٽيمپريچر؛ به تنهنجو هاء نه لوءِ رهندوءِ!
جي گيدي ۾ تنهنجي، نه ڪو ٽڪو پيسو روپيو هوندوءِ!
يو، جاز، ٽيلينور، وارد، زونگ وارو بيلنسُ نه موڪليندوءِ!
اي يار سڄڻ!
گيدي کيسي ۾ تنهنجي، ڪجهه به نه هوندو!
دين ڌرم جو علمبردار؛ توکي انسان ئي نه چوندوءِ
ملان پنڊت برهمڻ پوپ پير مرشد، ڪير به نه تنهنجو ٿيندوءِ!
بي ڪفن، نماز-جنازه ۽ در گور، لاش تنهنجو ٿيندوءِ!
اي يار سڄڻ!
گيدي کيسي ۾ تنهنجي، ڪجهه به نه هوندوءِ!
اي يار سڄڻ گيدي ۾ تنهنجي، ڪجهه به نه هوندوءِ!
مڳزُ به تنهنجو ڪين ڪو ڪم قراري ڪري سگهندوءِ؟
ڦڦڙن ۾ رڳو سهڪو ئي، سهڪو رهندو ۽ هلو پيو لڳندوءِ!
هيئين ۽ دل چريءَ؛ جي رت جو دورو ڦيرو بند رهندوءِ!
اي يار سڄڻ!
کيسي گيدي ۾ تنهنجي، ڪجهه به نه هوندوءِ!
جيرو جگر لوَرُ سڄيل يا سُڪَلُ، ستائيندو رهندوءِ!
ڪاري ڪامڻ ۽ لوَرُ سهروسسُ، توکي ٿي چڪو هوندوءِ!
جسم جو هر لطيفو روح، سر، نفس، خفا ۽ اخفا، بي شعور هوندوءِ!
نفس تنهنجو سرڪش نه، پر مايوس ٿي مرتد ٿي چڪو هوندوءِ!
۽ پڻ رب جي ياد ذڪر اذڪار کان غافل ٿي چڪو هوندوءِ!
اي يار سڄڻ!
گيدي کيسي ۾ تنهنجي، ڪجهه به نه هوندوءِ!
اي يار سڄڻ جوکيا شفيق!
اهڙِي من جي ماجرا وقت ڇا ڪرڻو پوندوءِ!؟
جي ها! وقت ان مهل، عادلاڻه منصفانه سسٽم لاء توکي اٿڻو پوندو!
زماني ۾ مسڪينن سان ٿيندڙ ڏکن اهنجن جي عڪاسي ۽ دل تي تري آيل سور پور جيڪي ڏيهاڙي ڏسي مشاهدو ڪندي روئي ڳوڙها ڳاڙي ٿا پئون. !!!
مسڪين
جوکيو شفيق احمد
 
هي شاعري نه پر هڪ اهڙو سچ آهي، جيڪو معاشري ۾ دوستن يارن ۽ مِٽَن مائٽَن کان ٿيندڙ ڦٽڪار ملامت، ڪنهن مسڪين انسان کي پلءِ پوندي رهندي ٿي۔
هتي شاعري جي اصول صنف بحر وزن ڪافيه رديف وائي جو سهارو ناهي ورتو ويو، پر هي دل جو اهو ڏکُ صدمه اکرن جي آڙ وٺي اوٻر وانگر جيان چپن تي چري سنڌ سلامت تي چٽجي پيو۔
مسڪين جوکيو شفيق
ڪنهن زماني ۾ گيدو خالي هو۔
 
اسان جو شفيق سائين جوکيو شفيق احمد ۔۔۔۔۔۔۔ سدا خوش هجي۔

وقت ۽ حالتون هڪجهڙيون ناهن رهنديون، زندگيء ۾ مخلتف تبديليون ۽ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن۔ مشڪلن سان منهن ڏئي زندگي گهارڻ ئي اصل زندگي آهي۔ اوهان ڏکين حالتن مان گذريا آهيو ۽ وقت جي ويرين سان وڙهندي اوهان کي ڪي محبتي ماڻهو به ملندا ته اتي نفرت ڪندڙ به ملندا، ڪڏهن کيسو خالي هوندو ته ڪڏهن ڀريل ۔۔۔۔ پوء به پختي ايمان سان ۽ اصولن تي هلي ڄمي مقابلو ڪرڻ وارن کي سلام ۔۔۔۔ اوهان جا خيال، اوهان جون سٽون اوهان جا احساس، اوهان جو درد سمجهجي سگهجي ٿو ۔۔۔۔۔ شال سکيا هجو۔

اي يار سڄڻ
تون غم نه ڪر
هي دنيا سک به ڏيندي ته غم به ڏيندين
محبتي ماڻهن سان ملي هنن جي ڀاڪر ۾ پيار ڏس
تنهنجا ڏکڙا ڏور ٿي ويندا

اي يار سڄڻ شفيق
تون محبتون ورهاء
نفرتون پنهنجو پاڻ مري وينديون
 
Back
Top