• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنقيد

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄڪلهه اهو نوٽ ڪيو اٿم ته تنقيد جي نالي تي گهڻو ڪري ذاتي تذليل وارو عمل وڌي رهيو آهي۔ جيڪو اسان جي نوجوانن لاء گهڻو نقصاندهه آهي۔ ڪنهن ۾ ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي سڪت ناهي ته وري ڪي تنقيد جي نالي تي پٽڪا لاهي ٿا ڇڏين۔ تنقيد ضروري آهي ڇو ته تنقيد کانسواء اصلاح ڪانه ٿيندي۔ پر اها تنقيد اصلاح واري هجي۔ ان سلسلي ۾ سائين علي نواز وفائي جون تنقيد بابت ڪجهه سٽون پيش آهن۔

تنقيد

تنقيد پنهنجي مٿي هڪ وڏو فن آهي. انهيءَ فن تي صرف اُهي اديب ۽ عالم قلم کڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جن جو گهڻو ڪري سمورن علمن تي عبور حاصل هوندو آهي. ان فن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وسيع مطالعي ۽ مشاهدي سان گڏ تجربي ۽ آزمودي جي به ضرورت هوندي آهي. دنيا جي سمورن ادبن ۾ صحيح ۽ سچو، معياري ۽ معلوماتي، تنقيد جو ئي فن هوندو آهي. هر هڪ علم نواز ۽ ادب پرور وڏي چاهه سان انهيءَ فن جو مطالعو ڪندي پنهنجي محدود معلومات ۾ اضافو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. علمي ۽ ادبي دنيا ۾ تنقيد تي تنقيد ٿينديون رهنديون آهن، جنهن ڪري نقادن کي پنهنجي علمي ۽ ادبي قابليت ۽ لياقت ظاهر ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿيندو رهندو آهي.

معلوم نه آهي ته اسان جا اديب ۽ اهل قلم محنت، مشقت ۽ مطالعي کان پرڀرو ۽ پاسيرو رهڻ جي ڪوشش ڇو ڪندا رهندا آهن؟ اسان جي ادب جو دامن تنقيدي فن کان ڪافي خالي رهندو اچي ٿو. هونئن ته سنڌ ۾ وڏا وڏا اديب ۽ عالم، محقق موجود آهن، جيڪي پنهنجي لياقت ۽ طاقت آهر، پنهنجي ادب جي خدمت ڪندا، اڳتي وڌندا رهن ٿا، مگر تنقيد جي طرف گهٽ توجه ڏنو وڃي ٿو. ان جي باوجود به سنڌي علم ادب ۾ ڪافي نقاد آهن، مگر اهي صاحب اڄڪلهه پنهنجي فن تي گهٽ قلم کڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

تنقيد جي فن جو پهريون اصول اهو هوندو آهي، ته تنقيد ڪندڙ، تنقيد ڪرڻ واري تي ذاتي ۽ شخصي، مسئلن ۽ معاملن کي ڪڏهن به پنهنجي قلم جي زبان سان ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي. تنقيد جو مقصد، خالص علمي ۽ ادبي هوندو آهي، جنهن ڪري ان ۾ ڪنهن به قسم جي ملاوٽ ڪرڻ، گويا انهيءَ فن جي توهين ڪرڻي آهي. جڏهن نقاد ڪنهن به نثر۽ نظم تي قلم هٿ ۾ کڻي تنقيد ڪرڻ ويهندو آهي، تڏهن نثر ۽ نظم جي لکندڙن جي شخصيت، ۽ ان جي تحقيقي مقالن ۽ مضمونن جي تاريخي پس منظرن جي پوري پروڙ هجڻ هن لاءِ تمام ضروري هوندي آهي. نه ته هو، هوا ۾ لٺيون هڻندو رهندو، ۽ تنقيد جي صحيح فن جي صحت کي برقرار رکي نه سگهندو.


علي نواز وفائي جي ڪتاب رتيء جي رهاڻ تان ورتل
 
اڄڪلهه اهو نوٽ ڪيو اٿم ته تنقيد جي نالي تي گهڻو ڪري ذاتي تذليل وارو عمل وڌي رهيو آهي۔ جيڪو اسان جي نوجوانن لاء گهڻو نقصاندهه آهي۔ ڪنهن ۾ ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي سڪت ناهي ته وري ڪي تنقيد جي نالي تي پٽڪا لاهي ٿا ڇڏين۔ تنقيد ضروري آهي ڇو ته تنقيد کانسواء اصلاح ڪانه ٿيندي۔ پر اها تنقيد اصلاح واري هجي۔ ان سلسلي ۾ سائين علي نواز وفائي جون تنقيد بابت ڪجهه سٽون پيش آهن۔

توهان جي مٿين ڳالهه درست آهي پر اسان ۾ شايد سچ ٻڌڻ جي سگهه ڪان آهي، اسان پنهنجي انا پرستي ۾ پاڻ کي گهٽ ڪرڻ ڪون چاهيندا آهين جيڪا اسان لاء نقصانڪار آهي۔

تنقيد براء تنقيد نه پر تنقيد براء اصلاح هجڻ گهرجي، انداز ء رويئي جو به وڏو اثر هوندو آهي ان جو به خيال رکيو وڃي۔

 
سچ جي بنياد تي ۽ خلوص سان ڪيل تنقيد ، ادب، معاشري ۽ فڪر لاءِ لازم آهي، تنقيد جو مقصد آهي هڪ اهڙي ڇاڻي گڏ رکڻ جنهن مان ڪارائتي شئي حاصل ڪرڻ ۽ بيڪار شئي ڪڍي ڦٽي ڪرڻ ...

سٺي کي سٺو چوڻ ۽ خراب کي خراب چوڻ تنقيد آهي ... ماڻهون سمجهندا آهن ته ڪنهنجي برائي ڪرڻ يا ڪنهن مان ڪيئان ڪڍڻ تنقيد آهي ... نه بلڪل غلط .... ڪنهن جي سٺائي ۽ ڀلائي بيان ڪرڻ ۽ ڪنهنجي اصلاح ڪرڻ تنقيد آهي ...

ادبي تنقيد کي سوناري جي ڪسوٽيءَ سان ڀيٽيو ويندو آهي، جيئن سونارو سون کي پٿر تي گسائي ان مان سون ۽ ڦيٽ جو مقدار ڪڍندو آهي، بلڪل تيئن هڪ تنقيد نگار ڪنهن ليک يا ڪنهن فڪر مان سون ۽ ڦيٽ الڳ الڳ ڪندو آهي ...

خوشي ان ڳالهه جي آهي ته سليمان وساڻ تمام ڪارائتا ونڊ ڪرڻ لڳو آهي ... لک قرب دوست!
 
تنقيد برءِ اصلاح هجي۔ ادا سليمان اسين پڻ اهو محسوس ڪيو آ ته رايا ڏيندي ڏيندي دوست ذاتي زندگي تي پهچن ٿا۔ جيڪو عمل ٻئي دوست جي دل آزاري جو سبب بڻجي ٿو ۽ اخلاقن به اهو سٺو عمل ناهي۔
 
فيسبڪ تي ساڳي تحرير پوسٽ ڪيم ۽ دوستن جا مختلف رايا آيا آهن۔ جيڪي هت ونڊ ڪرڻ چاهيان ٿو۔

جيئي لطيف سائين ذوالفقار قادري جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:


لکڻ جي ڏات مان ناجائز فائدو وٺي، ٻين جون پڳڙيون اڇلائڻ ، هنن کي ذليل ڪرڻ، ڪوڙ، بهتان ۽ الزام تراشي ڪرڻ هڪ اهڙو گندو ڪم آهي، جنهن تي خالق توڙي مخلوق ناراض ٿين ٿا۔ فصاحت ۽ بلاغت الله تعالىٰ جي امانت آهي ۽ ان ۾ خيانت ڪرڻ ڪنهن به اديب يا ليکڪ کي هرگز نه جڳائي۔فصاحت جو استعمال اهڙي طريقي سان ڪجي جو خالص ۽ روحاني طور به مضبوط ڏسڻ ۾ اچي۔جيئن مشهور انگريز شاعر پوپ جو چوڻ آهي ته:


"Pour the full tide of eloquence along,Serenely Pure and yet divinely strong"


 
سجاد علي لکي ٿو :


وقت سر مضمون جي چونڊ ڪئي... اوهان جو دوستن / لاڳاپيل ماڻهن کي ٽيگ ڪرڻ جو اسٽائيل وڻيو...

اسان وٽ وري مسئلو هي به آهي ته ڪنهن کي تنقيد ڪرڻ جو فن نه ٿو اچي.. ساڳي طرح وري تعريف ڪرڻ جو ڏانء به گهٽ ماڻهن ۾ آهي.. جي تعريف ڪندا ته زمين آسمان ملائي ڇڏيندا .. ۽ جي وري تنقيد ڪرڻي هوندي آهي ته مورڳو ئي سموري ڪم کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيندا... اسان کي پنهنجي روين جو جائزو وٺڻو پوندو.

 
متارو سنڌي لکي ٿو :


سائين سليمان! پيار سان ڪيل تنقيد به اکين ته ۽ اندر ۾ ڪس هجي ته پيار به ڪوڙو لڳندو آهي ... ڪنهن جو روئڻ راحت ته ڪنهنجو کلڻ خواري ... مٺڙا سائين ... جن جي دل وڏي هوندي آهي سي تنقيد به برداشت ڪري ويندا آهن ۽ جن جي دل ننڍڙي هوندي آهي سي پيار به پالي ناهن سگهندا ... سٺو لکيو اٿوَ ...

 
سجاد مهر لکيو آهي :

سائين تنقيد سائنس آھي ۽ اھا تجربن ۽ مشاھدن جي ڳوڙھي اڀياس کان پوءِ ئي حاصل ٿئي ٿي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھتي تنقيد اھي پيا ڪن جيڪي پاڻ علم کان عاري آھن ھونئن نه ته تنقيد اصلاح آھي، روشني آھي، جيئڻ جو گس آھي ۽ ماڻھوءَ کي پنھنجين صلاحيتن کي تپاسڻ لاءِ ھڪ آلو آھي جنھن جي مدد سان ان علم جو پد ۽ قد معلوم ٿي سگھي ٿو.... پر اسان جيڪي ٻئي جي صلاحيت کي مڃڻ يا مان ڏيڻ بجاءِ ھٿرادو حڪيم لقمان بڻجي ڏس تي علاج ڪندا آھيون اھو علاج به ڪنھن عطائي ڊاڪٽر جي ڏنل اينٽي بايوٽڪ نسخي کان گھٽ نه ھوندو آھي۔ جيڪو اڳتي ھلي ھڪ بيماري مان نڪري ٻئي ميجر بيماريءَ ۾ ڦاسي پوندو آھي۔ سو ادا سليمان تنقيد اسان جي نظر ۾ اھڙي تلوار آھي جيڪا جيڪڏھن علمي ماھر جي دسترس ۾ آھي ته پوءِ اھو سمجھو ته مياڻ ۾ محفوظ آھي پر جي ڪنھن سيکڙاٽ ۽ اڌ اکريءَ جي ھٿ ۾ آھي ته پوءِ ائين سمجھو ته اھا چمڪي تي بندوق جيان آھي ۽ اسان جي مٿان تاڻيل آھي ۽ ڪنھن مھل به ٻه ھٿياڙي لٺ جيان ڪنھن وڏ ڦڙي مينھن وانگر بنا ڪنھن وقت ٻڌائڻ جي وسي سگھي ٿي.......
 
شبير ڪنڀار لکيو آهي :


تنقيد جيڪڏهن اصلاح خاطر ڪجي تہ پوءِ جھيڙي جو سوال ئي پئدا نٿو ٿئي ڇاڪاڻ تہ نقاد ڪنهن کي رد ڪندو آهي تہ ان لاءِ دليل پيش ڪندو آهي، نہ رڳو اهو پر ان جي نعم البدل طور حل پڻ پيش ڪندو آهي جيڪو نہ فقط درست ڏِس جو ڏَس هوندو آهي بلڪ راھ جو رهنما پڻ، جنهن سان چڙ نہ پر قرب پئدا ٿيندو آهي ۽ اهڙي محسن کان بار بار صلاحن لاءِ دل چوندي آهي۔

پر ان جي ابتڙ اسان وٽ دوست رڳو ڪنهن جي موقف کي رد ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ان لاءِ ڪو دليل يا حل پيش ناهن ڪندا، جنهن سان رڳو هڪ ٻئي ۾ نفرتون ئي پئدا ٿيو پون.

دوست هڪ ٻئي لاءِ تکا مٺا جملا لکيو وڃن ۽ نٿا سوچين، تہ هي عوامي رابطي جو فورم آهي هتي اوهانکي لائڪ توڙي ڪمينٽ ڪرڻ سواءِ بہ پڙهيو پيو وڃي، جنهن کي جيڪو وڻي ٿو سو لکي ٿو، پنهنجي تشخص جو خيال رکڻ کانسواءِ ئي۔

فورم کي حمام سمجھي اگھاڙا ٿيو پون وري اندر جي باھ ڇنڊي هڪ ٻئي کي بڇڙو ڪريو پنهنجا ڪمينٽس ميساريو (ڊليٽ ڪريو) سمجھن ٿا ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي ناهي۔

افسوس اسان پنهنجي ڪهڙي سڃاڻ قائم ڪري رهيا آهيون؟

 
جبار بوزدار لکيو آهي :


اسان رڳو لکڻ ڄاڻون ٿا ... پر ان تي عمل ڪو به نه ٿو ڪري .......... هتي رڳو ياريون ... دوستيون نڀايون وڃن ٿيون ..... اگر ڪو تنقيد ڪري به ٿو ان کي جواب ڏيڻ جي بدران علط رويا استعمال ڪيا وڃن ٿا ... پر دليل نه ٿا ڏنا وڃن ..... تازو ئي مون هڪڙي دوست جي غزل تي لکيو ... ان جا قافيا هڪ ٻئي سان ملن ئي نه پيا ... ڇو ته واحد .. جمع، مونث ۽ مذڪر جو فرق اچي وڃين پيو ..... پر منهنجا دليلن وارا ڪامينٽس به ڊليٽ ڪيا ويا .. اتي ڪنهن به نه ڳالهايو .... ها پر ائين ضرور ٿيو آ ته جيڪي به فيسبوڪ جا اديب دوست آهين .. انهن ان غزل کي آسمان تي پهچايو ؟؟؟ هاڻي ڪنهن تي معيار ڏجي .... وساڻ صاحب .....اسين جاهل قوم آهيون .. ان ڳاله کي تسليم ڪريو ..... جي اڄ نه ٿا ڪريو ... ته سڀاڻي توهان ضرور مون کي ياد ڪندا ..........
 
وفا منور زئور لکيو آهي

ڪنهن به ادب ۾ تنقيد جو هجڻ هڪ مثبت عمل آهي ، شيون جڏهن به تنقيد جي سانچي مان گذري اينديون آهن ته اهي پنهنجي سڀني ڪچائين ڦڪائين کان پاڪ ٿي بلڪل تراشجي پونديون آهن۔ پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن مڪمن هوندو آهي جڏهن نقاد تنقيد جي علم کان پوري ريت واقف هجي ۽ هن وٽ تنقيد برا۽ تنقيد بدران تنقيد برا۽ اصلاح جو فن هجي ، ٻي صورت ۾ تنقيد خود تنقيد جي ور چڙهي ٿي وڃي۔

موجوده دور منهنجي نظر ۾ سنڌي ادب جي حوالي سان بحرانن جو دور آهي ادب مان تنقيد جي رجحان ۽ رواج جي زوال جي نتيجي ۾ اسان جي ادب ۾ معياري فقدان جنم ورتو ، اسان جو ادب ، معيار بدران مقدار جي ور چڙهي ويو ۔ نئين ٽهي کي سٺا نقاد نه ملي سگهيا ، جڏهن به جتي به ادبي پنڌ ۾ جيڪڏهن ڪو نقادڙو ملي به ويو ته ان يا ته اقربا پروري اختيار ڪري حاجي ۽ غازي واري روايت برقرار رکي يا ته مرڳو ئي تنقيد براء تنقيد واري اجائي روش اختيار ڪري ادب ۾ سٺين شين کي خراب شين جي لسٽ ۾ بيهاري سموري ادبي پورهي کي رد ڪري ڇڏيو۔

اسان جيڪي نوي جي ڏهاڪي کان پوء جي پيداوار آهيون اهي جڏهن ماضي جي ادبي تاريخ تي نظر ڊوڙايون ٿا ته پنهنجو پاڻ کي تمام محدود ۽ ٻوساٽيل ادبي ماحول ۾ هلندي محسوس ڪريون ٿا ،
اسان جو ماضي جو ادب تنقيد جي بٺي مان پچي نڪتل اهو ادب هو جنهن پنهنجي دور ۾ قومي تحريڪن جي اڳواڻي ڪري پنهنجي حيثيت کي مدتن تائين جاويد بڻائي ڇڏيو، پر اسان جو اڄ جو تنقيد کان بلڪل پاڪ ادب ڪٿي بيٺل آهي توڙي جو سنڌ ڌرتي جي وجود تي اڄ به ماضي جيان ناپاڪ سازشن جون تلوارون لٽڪيل آهن، پر اسان جو ادب اڄ ڪهڙين ڪهڙِن تحريڪن جي رهنمائي ڪري رهيو اهو اسان سڀني جي سامهون آهي۔

ٿي سگهي شايد مان اصل موضوع کان ٿڙي ويو هجان پر جيتري قدر منهنجي ذهن ۾ ادبي تنقيد جي حوالي سان جيڪي به ڳالهيون هيون اهي توهان جي نذر ڪيون اٿم.......
 
مجيب سنڌي لکي ٿو :


محمد سليمان وساڻ سائين جس هجي اوهان کي جو اوهان هن موضوع تي دوستن جي راءِ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔ ڪافي دوست تنقيد براءِ تنقيد ڪري ذاتي رنجشون پيدا ڪن پيا ۽ ڪي ذاتي رنجشن هجڻ جي ڪري صحي مواد کي به غلط چون پيا
ڪجھ دوست اجائي تنقيد ڪري پاڻ پڏائڻ جي ڪوشش پيا ڪن ۽ پاڻ کي وڏو تنقيد نگار پيا سمجهن ۽ سڏرائين۔


نئين ٽهي کي حوصلو ڏئي اڳتي وڌائڻ بجاءِ غلط تنقيد ڪري انهن نوجوانن کي ادبي دنيا مان ڌڪي ٻاهر پيو وڃي ، ڪي چند نالا آهن جيڪي تنقيد براءِ اصلاح ڪري رهيا آهن باقي اڪثر سيکڙاٽ ، جذباتي ۽ ٽرڙا ماڻهو اجائي واويلا ڪري پاڻ کي وڏو تنقيد نگار سمجهن پيا ۽ وڏو اديب دانشور ۽ عالم سمجهن پيا ،
 
Back
Top