لنڊن ٽائيمس ۾ ڪامن سينس (لوڪ سمجه) جي لاڏاڻي تي لکيل تعزيتنامو۔ باب چندر (لاس ويگاس) جو مٿين موضوع تي لکيل ليک سنڌيڪار محترم ڊاڪٽر ايوب شيخ جي مهربانين سان ڪاوش دنيا جي شماري 17 جون 2012 ۾ ڇپيو آهي،باب چندر جيڪي ڳالهيون ڪامن سينس جي وڇوڙي جو سبب ڄاڻايون آهن،اهئي ساڳيون حالتون مان اسان سڀ اڄڪله گذري رهيا آهيون ۽ ايئن لڳي رهيو آهي ته ڪامن سينس نه رڳو انگريزن جي ملڪ ۾ رهندڙ کان پر اسان کان به هميشه لاء موڪلائي ويو آهي۔انڪري هن ليک کي تجه واري نظر سان پڙهڻ جي ضرورت آهي ،ٿي سگهي ٿو ته اسان ڪامن سينس کي واپس گهرائي سگهون،چوندا آهن ته ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪو مضاحقو نه آهي۔ ”اڄ اسان پنهنجي پياري دوست ڪامن سينس (لوڪ سمجه) جي لاڏاڻي تي ڏک ڪرڻ لاء گڏ ٿيا آهيون، جيڪو اسان سان ورهين سان گڏ هيو۔اسان کي اها خبر ته نه آهي ته ان جي اصل ڄمار ڪيتري هئي،ڇوته گهڻا زمانا اڳي ،ان جي ڄم جو ريڪارڊ ۽ ان جوپورووچورڪامورڪي سستي جي ور چڙهي ويو هيوان کانپوء ڪامورن ۽ ٻين ڪامن سينس جي ويڳن ڀائرن وانگر ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هيو۔ڪامن سينس اسان سان ساڻ نه هوندي به اهو اسان کي هر گهڙيء هيٺين ڳالهين جي ڪري ياد رهندو،هن اسان کي سيکاريوهيو ته :_ ” تيز برسات مان ڪهڙي وقت نڪري اچجي ؟“ ”صبح جو جاڳندڙپرجوش ۽ سرگرم ڇو هوندو آهن؟“ ”زندگي هميشه مهربان نه هوندي آهي ۽ ”ممڪن آهي ان ۾ منهنجي غلطي هجئي“ ڪامن سينس ،جيڪوسادگيء سان رهندوهيو،تنهن جي عام معاشي پاليسي اها هئي ته ”پنهنجي سوڙ آهر پير ڊگهيڙڻ گهرجن“ ۽ هن جي زبردست حڪمت عملي هئي ته ”ٻار نه پر وڏا ذميدار آهن“ هن جي صحت تڏهن تيزي سان خراب ٿيڻ لڳي ، جڏهن شعوري طوراسان وڏا وڏا قانون ٺاهي ڇڏياسين۔ڇهن ورهين جي ٻارجڏهن هم ڪلاسيء کي چمي ڏني ته اسان هن مٿان ”هراس“ جو فرياد داخل ڪيو،نوجوان اسڪول مان تڏهن ڪڍي ڇڏياسي،جڏهن هنن ٻنپهرن جي مانيء کانپوء پنهنجو وات صاف ڪيو،۽ ماستر کي نوڪريء مان تڏهن نيڪالي ڏني ويئي،جڏهن هن نافرمان ٻار کي دڙڪو ڏنو هيو۔ ڪامن سينس ان وقت ڪاوڙجي پيو هيو،جڏهن والدين پنهنجي نافرمان ٻارکي سڌارڻ بدران ان جي ڪسر ماسترن مان ڪڍڻ شروع ڪئي هئي۔ڳاله اڃان به خراب ٿيندي ويئي،جڏهن اسڪول انتظاميه سج جي تپش کان بچڻ جي ڪريم ٻارن کي لڳائڻ لاء انهن جي والدين کان ته اجازت گهري هئي ،پران وقت والدين کي اهواطلاع نه ڪيوهيو ته سندن نينگري حمل سان ٿي پئي آهي ۽ سندس حمل ڪيرائڻ جي گهرج آهي۔ ڪامن سينس ان گهڙيء پنهنجي ارادن کي ڪمزور محسوس ڪيوهيو،جڏهن گرجا گهر بزنس ڪرڻ لڳا هياء ۽ ڏوهارين کي فريادين کان وڌيڪ عزت ملڻ شروع ٿئي هئي۔ ڪامن سينس کي اها ڳاله بنه هضم نه ٿئي هئي،جڏهن گهرڌڻي،ڦورن ۽ ڪاٽڪن اڳيان بي وس بڻجي ويا ۽ الٽو ڦوروء جو اهو فرياد ٻڌو ويو ته ،”هن تي گهر ڌڻين حملو ڪيو هيو“ ڪامن سينس ان گهڙي ته بلڪل هوش وڃائي ويٺوهو،جڏهن ڪنهن عورت کي اهو احساس به نه ٿيو هيو ته ،سندس هٿ ۾ موجود ڪافي جو ڪوپ تمام گهڻو گرم آهي ۔جڏهن هن کان ڪجه ڪافي سندس هنج ۾ هارجي پئي ته مٿس ڏنڊ وڏو ويو۔ ڪامن سينس پنهنجي پونئيرن ۾ پنهنجا وڏڙا(سچ ۽ اعتبار)۔سندس زال(مرضي) سندس نياڻي(ذميداري)،۽ سندس پٽ (سبب) ڇڏي ويو۔ هن جي پونئرن ۾ چارويڳا ڀائر پڻ موجود آهن جيڪي هي آهن :_ (1) مونکي خبر آهي، (2) مون جيڪو چيو،اهو هينئر ٿيڻ گهرجي، (3) پنهنجي غلطي جو الزام ٻئي تي هڻجي، (4) مان بي قصور آهيان۔