عرس پريو
سينيئر رڪن
ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ ڏينهن وتايي فقير کي هڪ سپاهيءَ سڏ ڪيو ۽ چيو فقير، هيءَ صندوق ٿاڻي تائين کڻائي هل. وتايي صندوق ۾ هٿ وڌو ته هلڪڙي لڳس. سپاهيءَ کي چيائين ته تون مون کان وڌيڪ ٿلهو متارو لڳو پيو آهين، هيترو بار نٿو کنيو ٿيئي؟ سپاهي چيو ته آءٌ سرڪاري ماڻهو آهيان. پاڻ بار نه کڻندو آهيان، پر ٻيو ڪو ماڻهو هٿ ڪري، ان کان کڻائيندو آهيان، جي ڪو اشرافت سان ڪونه کڻندو آهي ته ڏنڊي جي زور تي کڻائيندو آهيانس. وتايي چيو ته هت ته ڏنڊي جي زور تي کڻائي سگهو ٿا، پوءِ ڀلا آخرت ۾ توهان جو بار ڪير کڻندو؟ جتي توهين ۽ اسين سڀئي هڪڙي ئي حالت ۾ هونداسين ۔۔۔ وتايو فقير