چوريءَ چوريءَ ڪنهن سان ڪوئي، نيڻ ملائي ويٺو آ

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هن غزل جا ٻه بند سرمد سنڌي جي ڳايل ڪنهن گيت ۾ ڏوهيڙي طور ڳائيندي ٻڌا هيم ۽ اهي ٻئي بند فيسبوڪ تي شيئر ڪندي دوستن کان شاعر بابت پڇا ڪيم۔ اسان جي مانواري دوست گلبهار باغائي ٻڌايو ته اهي سٽون عبدالحڪيم ارشد جي غزل مان ورتل آهن۔ مان ان وقت ئي کين اهو غزل موڪلڻ عرض ڪيو هوم۔ ڪالهه گلبهار سائين اهو غزل موڪليو جيڪو پيش آهي۔ هي غزل سچ ته هڪ لاجواب غزل آهي جنهن ۾ سادي ۽ سولي ٻولي استعمال ڪيل آهي۔


    غزل: عبدالحڪيم ارشد
    چوريءَ چوريءَ ڪنهن سان ڪوئي، نيڻ ملائي ويٺو آ
    هيڏيءَ ساريءَ محفل ۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ.
    اڏري آئي ديوي دل تي، جنهن جو ڪوئي ديس نه ويس،
    مورک ماڻهو ان سان پنهنجو انگ اڙائي ويٺو آ.
    پوڻيءَ وانگر پرزا ٿي وئي، پٿر جهڙي کهري دل،
    غم جو ماريل شاعر اهڙو نغمو ڳائي ويٺو آ.
    ٽمڪي پئي لاٽ وفا جي، ڪاريءَ ڪاريءَ واٽ مٿي،
    طوفانن ۾ اڄ ڀي ڪوئي، جوت جلائي ويٺو آ.
    واهڻ جو هڪ سادو ماڻهو، جنهن جي دل ۾ مير نه هو،
    شهر جي سياڻن واپارين کان، پاڻ ڦرائي ويٺو آ.
    شوق مجهان جا مورت ٺاهيئين، ڪاريگر سان الجهي پيئي،
    پنهنجي هٿ سان پنهنجي گهر کي، باهه لڳائي ويٺو آ.
    واهڻ جي او چنچل، ڀوري، ڇوري ! پنهنجو پاڻ سنڀال،
    هر ڪو ڇورو تنهنجي واٽ تي، ڄار وڇائي ويٺو آ.
    بستيءَ بستيءَ توکي ڳوليم، جوڳين وانگر جوءِ ڇڏي،
    ماڻـهن ليــکي ارشـد صــاحب، واٽ وڃــائي ويـٺو آ.
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پاڻ وڃائڻ واري ريت به عجيب آهي ۔۔۔

    سهڻو غزل، جنهن ۾ مجاز، محبت ۽ سماجي جي عڪسبندي آهي ۔۔۔ اوهانکي ته خبر آهي ته عشقيه شعر مون پڙهڻ گهٽ ڪري ڇڏيا آهن، سبب به اوهانکي خبر آهي ۔۔۔ انڪري بس گهڻي سوچڻ جي ضرورت ناهي ۔۔۔۔ ههههههههه
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    واه واه لاجواب خوبصورت زبردست بهترين ونڊ
     
  4. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    تمام بهترين غزل آهي سائين
    لک ٿورا
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ساڳيو غزل ۽ سرمد سنڌي جو سدا امر رهندڙ آواز
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهربانيون سائين پسند ڪرڻ جون
     
  7. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    بستيءَ بستيءَ توکي ڳوليم، جوڳين وانگر جوءِ ڇڏي،
    ماڻـهن ليــکي ارشـد صــاحب، واٽ وڃــائي ويـٺو آ.

    سنڌ جي بهترين شاعر سائين عبدالحڪيم ارشد جي تمام بهترين شاعري
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو