اوهان سڀني دوستن جي خدمت هڪ ڏِٺ ٿي پيش ڪجي ، اميد ته هن ڏِٺ کي سڄڻ پڌري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۔ ڏِس ڪيڏي شان سان اچي ٿو محبوب پيارو مٿي تي آسمان ۽ هٿ ۾ اٿس پُڇڙ تارو
پر يار جمالي ! ٻڌو آهي ته ڏٺ ڏيڻ وارا تمام وڏيون تشبيهون ڏيندا هيا، پر هت ته؛ آسمان کي کارو ۽ پڇڙ تاري کي ٻهارو شان وارو محبوب، ڀنگياڻي۔۔۔۔ لڳي ٿو اڃان بچيل آهي ۔۔۔۔ مٿي تي آسمان ۽ هٿ ۾ پڇڙ تارو ۔۔۔؟؟؟؟ مونکي الائجي ڇو جواب سوچ ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۔۔۔۔ خئير اوهان بهتر ڄاڻو ٿا ۔۔۔۔