سنڌ جا سڄڻ سنڌي انقلابي علماء ڪرام ۽ اانهن سان اسان جو ورتاء ڪهڙو آ ؟ جوکيو شفيق احمد

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جوکيو شفيق احمد طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2012۔

  1. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    جيڪي دوست اهو ٿا چون سمجهن ته ملان جي حاڪميت سرڪار يا اقتدار قائم ٿيندو ته کجيء جي ٽوپي پارائي مسجد ۾ ويهاري پِنَ جي ماني کارائڻ تي مجبور ڪندا؛ انگ اگهاڙو ڪندا، اجهي گهر مڪان کان به محروم ڪري ڇڏيندا.
    جواب: اسان کي ته خبر ناهي ته اهي ڪهڙا ملان هوندا!
    ليڪن اسان جن علماء ڪرام راني لاهوتي ٿيوسافيء ٿيولاجي ۽ سوشيالاجي، اڪانومڪس پوليٽڪس، انجنئرنگ، ٽيڪنالاجي، ميڊڪل سائينس، ايگريڪلچرل سائنيس جي ماهرن (جن کي عرف عام ملان چيو ويندو آهي، اهي ته اسان کي اهو سيکاري رهيا هئا ۽ اڄ به اها تعليم ڏئي رهيا آهن ته:
    سنڌي قوم علم (ايجوڪيشن) پرائي جنهن ۾ بعد دنياوي علم پڻ پرائي يعني انگريزي عربي سنڌي ٻوليون ۽ سوشيالاجي، اڪانومڪس پوليٽڪس، انجنئرنگ، ٽيڪنالاجي، ميڊڪل سائنس، ايگريڪلچرل سائنس، جاگرافي، جيولاجي ، جنگي فن، اوشينوگرافي، معدنيات نيچرل رسورس، تيل گيس جو علم حاصل ڪري پنهنجي حياتي کي سولو سهنجو گهاري پوء ان معبود رب ڌڻي جي پوڄا ڪري جيڪو اصل مقصود آهي.
    ان کان سواء امام انقلاب عبيد الله سنڌي، مولانا محمد صادق کڏي وارا وغيره ته سوٽ پينٽ ۽ يورپي لباس ڪپڙي لٽي جو به حامي هو ان جو ثبوب سندس ترڪيء ۾ رهڻ دوران ٿري پيس سوٽ جنهن کي شرٽ ڪوٽ ۽ پينٽ چون ٿا پهري عملي ثبوت ڏنو.
    پوء سُڌ ناهي ته اسان جي ڪجهه دوستن کي اهڙن رباني عالمن کان ڇو ٿو ڀوءُ لڳي جو ملان ملان ڪري آسمان تي ٿُڪ اڇلائڻ برابر آهي، جيڪا آسمان تي ته نه ٿي رسي سگهي البت پاڻ کي ٿا وائکو ڪن ۽ سڄڻن جا دشمن ٿي پنهنجي پير تي ڪهاڙو ڪيرائڻ جي مترادف (برابر) آهي. افسوس.
    نوٽ:- اسان جا رباني عالم ڪرام عظام هندو-مسلم ٻن قومن جي نظريه گهڙاوت جعلسازي جا به قائل نه هئا. نه سنڌ جي غلاميء جا قائل هئا نه ئي سنڌ کي هن هٿ ٺوڪئي غير فطري ملڪ سان سلهاڙڻ ۾ انهن جو هٿ هيو.
    جن هن سنڌ کي اهي وڻ ڏيکاريا اهي اسان جي هيرو ٿي ويا ۽ امام انقلاب عبيد الله سنڌي ۽ جرنيل اعظم سنڌ مولانا محمد صادق کڏي وارا ۽ سورهيه بادشاه زيرو ٿي ويا واه جو انصاف ٿا ڪن اسان جا سڄڻ پرين ڀائر؟
    جوکيو شفيق
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري جي تحريڪ ۽ ڪم لاء ڪنهن جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي۔ هو عظيم رهبر هيا۔ ڪنهن جي ذاتي تنقيد سڀني جي تنقيد نه سمجهڻ گهرجي۔ اڄ به مون سميت ڪيئي سنڌي هنن عطيم شخصيتن کي سلام پيش ڪن ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو