سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۽ محمد خان غني ادبي تنظيم پاران عبدالستار آڪاش ٽکڙائي جي شاعري جي ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جي مهورترپورٽ نثاراحمدناز تصويرون : رحمان مصطفى سمون سنڌ سلامت جا دوستو گُذريل ڇنڇر بتاريخ 17 جون 2012 تي سنڌ جي نوجوان شاعر عبدالستار آڪاش ٽکڙائي جي ڪتاب ”چنڊ بنا آڪاش اڌورو “ جي مهورت جي تقريب سنڌ جي ڀلوڙ شاعر محترم امداد حُسيني جي صدارت ۾ ٿي گُذري جڏهن ته هن مهورت جي تقريب جي مهمان خاص نامياري شاعري آپا زيب نظاماڻي صاحبه هُئي اعزازي مهمانن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري، سنڌ سلامت جو جهونو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري نثاراحمدناز ، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جو سابق سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، مشڪور ڦلڪارو، ناري تحريڪ ترقي پسند پارٽي جي ضلع ٽنڊو محمدخان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي ، محمد خان غني ادبي تنظيم جي نائب صدر حافظ محمد هاشم ، محترم حفيظ الله ڳنڀير هُئا، جڏهن ته ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جو سرجڻهار عبدالستار آڪاش ٽکڙائي هن هن مهورت واري تقريب جي محفل جو مور هو۔ پنهنجي آجياڻي واري تقرير ۾ محمد خان ادبي تنظيم جي صدر محترم تاج ٽکڙائي چيو ته محمد خان غني ادبي تنظيم ٽنڊو محمدخان ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان سدائين سنڌي ٻولي، سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ سدائين پيش پيش رهيا آهن اهو ئي سبب آهي ته محترم آڪاش ٽکڙائي جي ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جي تقريب رونمائي شهر جي ٻنهي تنظيمن مشترڪا طور تي ڪئي آهي ، هن سڀني شريڪ ٿيندڙ خاص ڪري هن مهورت واري تقريب جي صدارت ڪندڙ مهان شاعر محترم امداد حُسيني ۽ مهمان خاص محترما زيب نظاماڻي جا ٿورا مڃيا جو هنن هن مهورت واري تقريب ۾ شرڪت ڪري سموري محفل کي چار چنڊ لڳايا آهن هن تقريب جي باري ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمدنوناري چيو ته هو شاعري ڪونهي پر ايتري خبر اٿم ته سنڌ ڌرتي جو هر هڪ شاعر سنڌي ٻولي ۽ جيجل سنڌ جي خدمت ڪرڻ کي ئي پنهنجو نصب العين سمجهندو آهي آڪاش ٽکڙائي به پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي جاين تي سنڌ ڌرتي سان انيائن ۽ ويساهه گهاتين جو پردو چاڪ ڪيو آهي هن آڪاش ٽکڙائي کي سندس ڪتاب چنڊ بنا آڪاش جي مهورت تي دل جي گهرائين سان واڌايون ڏنيون، سنڌ سلامت جي جهوني ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان جي سيڪريٽري پنهنجي لکيل مقالي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪجهه هن ريت ڪيو چنڊ جهڙو خوبصورت شاعر آڪاش ٽکڙائياز : نثاراحمدناز سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخانڪوڙين ڪايائون، لِکن لَکَ هزارَجِيءُ سڀڪنهن جِيءُ سين دَرسن ڌارُون ڌارَپريم تُنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪيئن چوان السلام عليڪم، جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻولي: سڀ کان پهرين ته آئون خوبصورت جذبن جي مالڪ شاعر محترم آڪاش ٽکڙائي کي دل جي گهرائين سان سندس ڪتاب ”چنڊ بِنا آڪاش اڌورو“ جي هن شانائتي مهورت تي پنهنجي پاران ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان جي سموري سٿ پاران ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي سموري سٿ پاران واڌايون ڏيان ٿو منهنجاعبدالستار آڪاش ٽکڙائي سان ناتا رشتا صديون پرُاڻا آهن ، ڇو ته پاڻ ڀلوڙ شاعر آهي ان مٿان ڏات جي ديوي سدائين مهربان رهي آهي ۽ آئون شاعريءَ جي دريا جي ڪپر تي ٿاڦوڙا هڻندڙ هڪ سيکڙاٽ ۽ معمولي شاعر آهيان ۽ مونسان ڏات جي ديوي سدائين جهيڙا ڪندي آهي پر وري به شاعر آهيان، ۽ شاعري جي ڪُٽنب جو هڪڙو ڀاتي آهيان ۽ جڏهن شاعرن جا روح خلقيا ويا هوندا ته يقينن انهن کي عالم الارواح ۾ هڪڙي هند گڏي ويهاريو ويو هوندو ، ۽ اتي ادا آڪاش ٽکڙائي جو روح جي پهرين صف ۾ ويٺل هوندو ته منهنجو روح آخري صف ۾ سهي پر ويٺل ضرور هوندو انهي حساب سان ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته منهنجا ناتا رشتا شاعر جي حيثيت سان محترم آڪاش ٽکڙائي سان جُڳن جُڳن ۽ صدين جا آهن .منهنجي ادا آڪاش سان ملاقات تمام گهٽ ٿيندي آهي ، پر جڏهن به هن سان مليو هوندس ته ٻکين پئجي ويندو آهي بهارن جي جهونڪي جهڙي مسڪراهٽ سندس چهري تي سدائين موجود هوندي آهي، خنده پيشانيءَ سان ملندو آهي، مُرڪي ملندو آهي، شال سندس چهري تي سنڌ جي تازن گلابن جهڙيون مُرڪون سدائين قائم ۽ دائم رهن . شال سدائين ويران وير وڌ هُجي . شال سدائين جُڙيو هُجي اها منهنجي دعابه آهي ته آرزو به آهي شڪرالحمد الله اڄ آڪاش ڪتاب ڌڻي ٿي ويو، جيڪي ڪتاب ڌڻي هوندا آهن اهي هزارين سال جيئندا آهن جڏهن جڏهن ۽ جنهن جنهن زماني ۾ تاريخ جو مؤرخ سنڌ جي ڏات ڌڻين جو ذڪر ڪندو ان ۾ آڪاش جو ذڪر به لازمي لازمي هوندو ته ها! آڪاش به سنڌ جي موڀي پُٽ جي حيثيت سان پنهنجون رچنائون پنهنجون ڪويتائون سنڌي قوم کي ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جي صورت ۾ ارپيون هيون. مُنهنجا سائين شاعر قوم جي تهذيبن جا رکوالا ، ثقافتن جا امين، هوندا آهن ، ۽ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته دنيا جي ٻين شخصن جي مقابلي ۾ شاعر کي قدرت طرفان ڪي اهڙيون خاصيتون عطا ڪيون وينديون آهن جن جي ڪري شاعر جو وجود عام انسانن کان مختلف ۽ ممتاز نظر اچي ٿو. جڏهن به ڌرتيءَ جي ڪنهن حصي تي قدرتي ٻوڏون، زلزلا، طوفان، موتَ ، ناگهاني آفتون ، انسانيت کي موت جي ابدي ننڊ سمهارينديون آهن ۽ پنهنجن پراون طرفان وحشتون ، زلالتون ، ويساهه گهاتيون جيءَکي جهورينديون آهن ته صرف شاعر ئي پنهنجي شاعري ذريعي انهي دک درد کي ننديندو نظر ايندو آهي جيئن آڪاش ٽکڙائي پنهنجي ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌوري جي صفحي نمبر تي پنهنجي نظم جي هڪڙي بند ۾ لکي ٿو ته : رهزني ءَ جو رقص آخر ڪيستائين،هِي چنگيزي عڪس آخر ڪيستائينچند دهشتگرد ٽولن جي اڳيانحُڪمران بيوس آخر ڪيستائينصرف شاعر ئي پنهنجي فهم ۽ فڪر ذريعي پرسان حال انسانيت کي خلوص نيت سان پنهنجا پيار ونڊيندو نظر ايندو آهي. دوستو صرف گُل جي ڪومائجڻ تي به شاعر جي دانهن ڇڏايو وڃي، ڌرتي جي چمن جي ساواڻ جي پائمالي تي شاعر جي اکين مان ڳوڙها جاري ٿيو وڃن، دوستو شاعر جي دل ته الله سائين اهڙي بنائي آهي جو ڀنڀرڪي ويلي گُلن جي نرم ۽نازڪ پنن تي جڏهن ماڪ جا ڦڙا سج جي ڪرڻن جي زور تي چُرن پُرن ٿا تڏهن شاعر جي دل بيقرار ٿيو وڃي، بلبل جي آه و زاريءَ تي شاعر جو جگر ڦاٽيو پوي، مطلب ته ڪائنات جي هر ڪنهن ذري جي بربادي۽ تباهي تي شاعرڏُک ۽ غم جي تصوير بنجيو وڃي، جيئن آڪاش ٽکڙائي هن ڪتاب ۾ کُلي عام لکي ٿو ته: اڃان تائين هي ماڻهو درد جو فرياد ڏسجن ٿااڃان تائين نظارا ڳوٺ جا برباد ڏسجن ٿااڃان تائين وڏيرن جي اُهائي حُڪمراني آاڃان تائين هتي جا رهنما صياد ڏسجن ٿااڃان تائين اها ئي مُفلسي پئي جهوپڙي جهورياڃان تائين اميرن جا محل آباد ڏسجن ٿادوستو اها مڃيل حقيقت آهي ته شاعر تي شاعري الهام جي صورت ۾ عيان ٿيندي آهي ۽ تڏهن ته انهيءَ الهام جي سرمستيءَ ۾ سرمست تاريخي شخصيت حضرت مولانا رومي بي اختيار پُڪاري فرمايو ته شاعري جزويست از پيغمبري ، جڏهن قوم غفلت جي مجرماڻي ننڍ ۾ ستل هوندي آهي ، ڪافي درد مند صلاحون ڏيندڙ انهي ستل قوم کي لوڏي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ليڪن قوم اگهور ننڊ مان جاڳي به نه ٿي، شعله بيان واعظ ڪندڙ سمهندڙ قوم جي ڪنن تي واعظ جا ڳاٽي ڀڳا نغارا وڄائن ٿا پر قوم نڀاڳ جي ننڊ مان سُجاڳ نٿي ٿئي. جڏهن قوم کي سُجاڳ ڪرڻ جو سموريون ڪوششون ۽ ترغيبون بيڪار ٿي وڃن ٿيون، تڏهن شاعر اُٿي ٿو، نڀاڳ جي ننڊ ۾ سُتل قوم جي رڳن ۾ پنهنجي شعرن جا نشتر وهائي ٿو ۽ انهن شعرن جي نشتر جي اثر کان قوم رڳو بيدار نٿي ٿئي پر عمل ۽ تحرڪ جو اڻ موٽ جوش کڻي اُٿي ٿي، ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جي چوٽِيءَ تي پهچي ساهه کڻي ٿي. جيئن محترم عبدالستار آڪاش ٽکڙائي پنهنجي ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جي صُفحي نمبر 175 پنهنجي نظم ۾ اميد ۽ اُتساهه جو عظيم پيغام ڏيندي لکي ٿو ته : دهشت جو اُهڃاڻ بڻيل تن تاجن کي ڪيرايو ويندوڏاڍَ جبر تي قائم اهڙن تختن کي اُٿلايو ويندومظلومن تي قابض اهڙن محلن کي ميساريو ويندوماڳ منهنجي ۾ اٿندو نعرو جاڳ ڀٽائي گهوٽقهر جا ڪارا ڪنگرا ڪرندا، ڪرندا ڪارا ڪوٽنيٺ حقيقت بڻبي يارو لفظن جي هِي اوٽتاريخ ۾ اهڙا سوين مثال موجود آهن ته شاعرن پنهنجي جادو بياني سان ماڻهن جي دلين تي فتح حاصل ڪئي آهي ڪن وقتن تي ته شاعر جو ڪلام عام ماڻهن جي دلين تي اهڙو ته جادوئي اثر ڄمائي ٿو جو شاعر جي هرهڪ شيءَ بلڪه سندس عيب به ماڻهن جي نظر ۾ هُنر معلوم ٿين ٿا. يورپ وارا ته آڳاٽي وقت کان شاعر ۽ شاعري کي قوم ۾ جوش ۽ جذبي ڏيارڻ جو هڪ زبردست آواز سمجهندا آيا آهن ، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل پنهنجي ڪتاب سنڌي شاعري ۽ علم عروض جي باب چوٿون جي صفحي نمبر 31 ۾ لکي ٿو ته ڪنهن دور ۾ ايٿنز ۽ مگارا وارن قومن ۾ سيلمس ٻيٽ جي مالڪيءَ تان لڙائي لڳي، ۽ انهي مامري تان مگارا وارن کان ايٿنزوارن ايتريون ته شڪستون کاڌيون جو بيدل ٿي سيلمس ٻيٽ جي مالڪي تان هٿ کڻي ويا ۽ بزدل ٿي ماڳهون اهو قانون پاس ڪيائون ته جيڪو به انهيءَ جنگ بابت ذڪر ڪندو ۽ ٻيهر ويڙهه ڪرڻ جو چوندو تنهن کي قتل ڪيو ويندو. ان وقت ايٿنز جو مشهور شاعر سولن جيئرو هو ، تنهن کي ڏاڍي غيرت آئي، هو بناوتي ڪوڙو چريو ٿي پيو ۽ شعر لکي شهر جي ماڻهن کي پڙهي ٻُڌائڻ لڳو، نتيجو اهو نڪتو جو ماڻهن ۾ ايترو جوش جاڳي پيو جو هو گڏ ٿِي وري دشمن سان وڙهيا ۽ سيلمس ٻيٽ فتح ڪري ورتائون. دوستو اسان جي سنڌ ڌرتيءَ کي اهو اعزاز حاصل آهي جو لاکيڻي لطيف کان وٺي شيخ اياز تائين ۽ شيخ اياز کان وٺي اسان جي هن محفل جي مور شاعر آڪاش ٽکڙائي تائين مسلسل سنڌ قوم جي اهنجن ايذائن سنڌي قوم سان ٿيل ويساهه گهاتين جو ڪچو چٺو پنهنجي شاعري ۾ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي بيان ڪندا اچن پر ڪنهن شاعر جي هن خوبصورت نظم جي سٽ جي مصداق ته مسجد ۾آئي ٻانگ ، ديبل ۾ وڳا گهنڊ ، اسان جي قوم کي اها ننڊ رڳو ننڊ خبر ناهي اهو شعر مون سهي پڙهيو آهي يا غلط پر اسان جي سنڌي قوم ڪڏهن آخر ڪڏهن ڪڏهن هن موت جهڙي ننڍ مان جاڳندي، ۽ پنهنجي وسيلن، پنهنجي جاگرافيائي حدن ، پنهنجي علمي سگهن تي لڳندڙ راتاهن ۽ ڌاڙن جي خلاف اٿي کڙي ٿيندي، ۽ ظالمن ڦورو لٽيرن کان وڏي ويڙهاند ڪري پنهنجا حق ڦري وٺندي، شاعر پنهنجا فرض مسلسل پنهنجا شعر، پنهنجون رچنائون لکي پورو ڪري رهيا آهن پر اسان جي سنڌي قوم الائي ڇو پنهنجي فرضن کان غفلت جهڙي لاپرواهي اختيار ڪري قومي سستيءَ جو مظاهرو پئي ڪري پر وري به اسان مايوس ڪونه آهيون جيستائين سنڌ ڌرتيء تي سنڌ جا سپوت شاعر پٽ سنڌ جون سپوت شاعره نياڻيون سنڌ جا دودا هوشو هيمون ويڙهو پُٽ سنڌ جون ٻاگهيون ، بختاورون ۽ غزالا بتول صديقي جهڙيون نياڻيون ور ور جنم وٺي سنڌ جيجل لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏينديون رهنديون يقين ڇا پر پڪ آهي ته اسان جي سنڌي قوم غفلت جي ننڊ مان ضرور جاڳندي، ڌارين غاصبن ڦورو ۽ غدارن سان مهاڏو ضرور اٽڪائيندي . آخر ۾ محترم آڪاش ٽکڙائي جي هن خوبصورت سانيٽ تي پنهنجي هن مقالي جي پُڄاڻي ڪندس ته حُسن کي تون روشن حقيقت چوين ٿومون شعلن ۾ شبنم کي جلندي ڏٺو آغزل حُسن تي تون هزارين لکين ٿومون رسمن اندر حُسن ٻرندي ڏٺو آتو جوڀن جوانِيءَ جا قصا ٻُڌايامون جوڀن کي ڪوٽن ۾ ڊهندي ڏٺو آاڃان جنهن مٿان ڏينهن جوڀن جا آيااتي سج جوڀن جو لهندي ڏٺو آتون سهڻن لبن تي ڪرين شاعري ٿولبن کان پري فلسفو کولي ڏس تونحُسن ۽ جواني سڏين زندگي ٿومگر زيست جو جو ٺيڪ گس ڳولهي ڏس تونحقيقت سان ٻُڌ اهلِ محفل جون ڳالهيونتڏهن سمجهه ۾ اينديون دل جون ڳالهيونهن ڪتاب جي عنوان ۾ هڪڙي پوشيد ه ڳالهه نظر آئي هن ڪتاب جو عنوان آهي چنڊَ بنا آڪاش اڌورو هاڻي رڳو اسان چنڊ بِنا آڪاش اڌورو لکون مطلب چنڊ آڪاش کانسواءِ اڌورو آهي ، ڇو ته آڪاش وشال آهي آڪاش ۾ سوين ڪائناتون آهن آڪاش ۾ سوين چنڊ آهن آئون ته چوندس ته اسان جي شاعر آڪاش بنا به چنڊ اڌورو آهي چنڊ کي چنڊ به اسان شاعرن بنايو آهي ان ڪري چنڊَ بنا آڪاش اڌورو ڪونهي پر چنڊ بنا آڪاش جي اڌورو آهي آڪاش آهي ته چنڊ آهي آڪاش نه هُجي ها ته چنڊ جو تصور ، سج جو تصور ، تارن جو تصور گرهن جو تصور ممڪن ئي نه هُجي ها. منهنجي ناقص راءِ مطابق ته چنڊ ئي آڪاش بنا اڌورو آهي نه ڪي چنڊَ بنا آڪاش اڌورو . وري به هن محفل ۾ سنڌ جا ڏاها ويٺا آهن فيصلو انهن کي ڪرڻو آهي ته ڪير ڪنهنجي بنا اڌورو آهي چنڊ يا آڪاش. توهان سڀني جا ٿورا الله سائين توهان سڀني جو حامي ۽ ناصر ائين چئي آئون پنهنجي جاءِ وٺندس. آڪاش ٽکڙائي جي ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌوروجي باري ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي مشهور ليکڪه شاعره زيب نظاماڻي چيو ته شاعري تخليق ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي ، شاعر جڏهن پنهنجون تخليقون جنم ڏيندي ڪريئشن جي عمل مان گُذرندو آهي ته دنيا جهان جون رونقون سندس منتظر هونديون آهن ۽ يقينن آڪاش ٽکڙائي به اهي منظر اهي رونقون هن ڪتاب جي تخليق جي عمل دوران مشاهدي هيٺ ضرور آنديون هونديون، هن آڪاش ٽکڙائي کي ڪتاب جي مهورت جي مُبارڪون ڏنيون هن مهورت جي تقريب جي صدارت ڪندڙ سنڌ مشهور شاعر محترم امداد حُسيني چيو ته لک مُبارڪون عبدالستار آڪاش ٽکڙائي کي هُجن جو هو ڪتاب ڌڻي ٿي ويو امداد حُسيني صاحب وڌيڪ چيو ته ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جو سمورو مهاڳ تمام خوشيءَ سان هن ئي لکيو آهي، سندس دعا آهي ته عبدالستار آڪاش ٽکڙائي اڃان به وڌيڪ لکي ۽ وڌيڪ ڪتاب سنڌي قوم کي ارپي۔، پنهنجي ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جي مهورت جي موقعي تي ڪتاب جي سرجڻهار محترم آڪاش ٽکڙائي چيو ته شڪرالحمد الله اڄ پنهنجي هن ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جي مهورت کانپوءِ تاريخي لحاظ کان ڪتاب ڌڻي جي حيثيت سان ڄاتو ۽ سُڃاتو ويندس، هو اڄ ڏاڍو خوش آهي هن محمد خان غني ادبي تنظيم ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جو ٿورو مڃيندي چيو ته منهنجي هن ڪتاب جي مهورت ڪرائي انهن کيس بي انتها خوشي پهچائي آهي ان کان پوءِ محفل مشاعرو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ شهر ۽ ڀرپاسي جي شاعرن جن ۾ مشڪور ڦلڪارو، رفيق آس لغاري، نوشاد ڀٽي، حاجي حسين ڀٽي ، شرف نظاماڻي، سڪرنڊ کان ڪهي آيل سنڌ مشهور شاعر خيال سنڌي ، انعام ٽکڙائي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر نثاراحمد ناز، تاج ٽکڙائي ، محمد سومار ملهار ، عبدالستار آڪاش ٽکڙائي محترما زيب نظاماڻي صاحبه ۽ سنڌ مشهور شاعر امداد حُسيني ڀرپور حصو ورتو۔ ۔ هاڻي پيش آهن هن مهورت واري تقريب جو چند تصويري جهلڪيون ) مجبوري آهي ته هن نئين فورو ايڊيٽر ۾ مونکان تصويرون نٿيون لڳن پوءِ به ڪوشش ڪريان ٿو سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان پاران آڪاش ٽکڙائي کي واڌايون ۽ مهمانن کي ڀليڪار وارو بينر لڳايو ويوسنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پاران مهمانن کي ڀليڪار وارو خير مقدمي بينر لڳايو ويو پاسي ۾ سنڌ سلامت جو فوٽو گرافر رحمان مصطفى سمون بيٺو آهيڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جي مهورت ٿي رهي آهي سنڌ مشهور شاعر محترم امداد حُسيني سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سابق سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمدنوناري ڪتاب هٿن ۾ کڻيو بيٺا آهنسنڌ مشهور ليکڪه شاعره محترما زيب نظاماڻي ۽ سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ جي ضلع ٽنڊومحمدخان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جي مهورت ڪندي ڪتاب هٿن ۾ کڻيو بيٺيون آهن جڏهن ته سندن پاسي ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جون ميمبرياڻيون محترما امبر شاهه ۽ محترما فرزانه شاهه بيٺيون آهنسنڌ سلامت جو جهونو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري نثاراحمدناز ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ميمبرن ڀينرن محترما شهنيلا نظاماڻي محترما فرزانه شاهه محترما امبر شاهه سان گڏ ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جي مهورت ڪري رهيو آهي جڏهن ته سندن پاسي ۾ سنڌ مشهور شاعره آپا زيب نظاماڻي ڪتاب چنڊ بنا آڪاش هٿن ۾ کڻيو بيٺي آهيمحترم ڊاڪٽر احمد نوناري ، ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جو سرجڻهار محترم عبدالستار آڪاش ٽکڙائي ۽ محمد خان غني ادبي تنظيم جو سينئر نائب صدر محترم حاجي محمد هاشم حافظ ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جي مهورت ڪري رهيا آهن ڪتاب جي مهورت جون ڪجهه وڌيڪ تصويرون
اڃان تائين هي ماڻهو درد جو فرياد ڏسجن ٿااڃان تائين نظارا ڳوٺ جا برباد ڏسجن ٿااڃان تائين وڏيرن جي اُهائي حُڪمراني آاڃان تائين هتي جا رهنما صياد ڏسجن ٿااڃان تائين اها ئي مُفلسي پئي جهوپڙي جهورياڃان تائين اميرن جا محل آباد ڏسجن ٿاجڙيا هجو شال ۔۔۔ سهڻو ڪم ، ٽنڊي محمد خان جي قلمڪارن کي سلام، جي سچ ۽ حق جو ساٿ نڀائيندا اچن ۔۔۔ سنڌ سلامت جو سلام
محترم آڪاش ٽکڙائي صاحب کي سندس ڪتاب جي مهورت تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ سندس هي ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي ڇو ته هتي پيش ڪيل چونڊ شاعري لاجواب آهي۔ سائين نثار ناز به جس لهڻي جنهن هيڏي خوبصورت رپورٽ پيش ڪئي ۽ ان سان گڏ سنڌ سلامت جي لوگو واري مائيڪ ذريعي سنڌ سلامت جي پرچارڪ به ڪيائون۔ ان سان گڏ اسان جي نوجوان ڀاء رحمان مصطفيٰ جا به ٿورا جنهن خوبصورت تصوير نگاري ڪئي۔ اميد ته هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ملندي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي زينت بنبي۔
محترم ڀا نثارابڙو جون مهربانيون جو پاڻ منهنجي هن غريباڻي ڪاوش کي شرف مشاهدو بخشيائون ۽ منهنجي همت افزائي ڪيائون سندن لکين قرب ۔
مهرباني ادا محمد سليمان وساڻ جو توهان محترم آڪاش ٽکڙائي جي ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جي مهورت واري تقريب جو احوال پسند ڪرڻ فرمايو ادا ڪوشش ۾ لڳو پيو آهيان ته محترم عبدالستار آڪاش ٽکڙائي جي ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ملي سگهي جو ان کي اسان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ وشال اڱڻ جي ڪتابي سلسلي جي زينت بنائي سگهون توهان جا ٿورا۔