ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم۔سائين اصغر خان جو ڪيس اڃا تائين ٻڌڻي جي هيٺ آهي ،ان ۾ ڪو فيصلو اڃا تائين نه آيو آهي،باقي رينڪل ڪماري جو ڪيس معذرت سان جيڪڏهن اوهان پنهنجي اکين تان جذبات جي پٽي لاهيندي ۽ ڏاهپ واري نظر سان ڏسندا ته اهو فيصلو اسلامي ؤ ملڪي قانون تحت صحيحي ڪيو ويو آهي،رينڪل ڪماري هڪ بالغ ڇوڪري پنهنجو بيان سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار وٽ ريڪارڊ ڪرائيندي اوٿ (قسم) تي چيو هو ته هن پنهنجي مرضي سان اسلام قبول ڪيو آهي،ان کي ڪنهن به برغلايو نه آهي ۽ پنهنجي رضا خوشي سان هن شادي ڪئي آهي ۽ هو پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ ٿئي چاهي۔جيڪڏهن اهو بيان اوهان جي سامهون هڪ منصف جي طور تي آندو وڃي هان ته اوهان جو ڇا فيصلو هجئي هان ؟توهان مسلم رينڪل ڪماري کي مسلم مڙس جي حوالي ڪيوهان يا هنڌو مائٽن جي ۔ڇا هڪ هنڌو ڇوڪري جيڪي پنهنجي رضا خوشي سان بغيرڪنهن دٻاء جي اسلام قبول ڪيو هجئي ان کي ان جي مرضي جي بغير زبردستي هنڌو مائٽن جي حوالي ڪري سگهجي ٿو؟ ان جو جواب آهي بلڪل به نه ۔قانون جي مطابق هڪ بالغ ڇوڪري کي ان جي مرضي جي خلاف ڪنهن سان به رهڻ جي اجازت نه ٿئي ڏئي سگهجي۔