مولانا محمد صادق کڏي وارو ڪراچي، سنڌ جرنيل اعظم سنڌ ۽ سنڌ جي آزاديء جو ارڏو اڳواڻ سرواڻ جوڌو جاکوڙي آف کڏو-ڪراچي، سنڌ بابته ڪتابُ:جنب گذاريمُ جن-سين ۾ _ليکڪُ سائين جيم سيد!ترتيب نمبر-16 تي سردار نور-الدين خان ولد شُڪُرُ خان مينگلُ بروهيءَ واري مضمون ۾ سڄو احوال هن سنڌي ادبي بورڊ جي لنڪ تي آن لائن اڀياس مطالعو ڪندا. جوکيو شفيق احمدhttp://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book22/Book_page18.htmlوڌيڪ منهنجي پرين سڄڻ سجاد علي يار جو لکيل هي مضمون پڻ پڙهندا. جوکيو شفيق احمدجرنيل اعظم سنڌ ۽ سنڌ جي آزاديء جو ارڏو اڳواڻ سرواڻ جوڌو جاکوڙي آف کڏو-ڪراچي، سنڌ بابته ڪتابُ:جنب گذاريمُ جن-سين ۾ _ليکڪُ سائين جيم سيد!جوکيو شفيق احمد **************************سردار نور الدين خان ولد شڪر خان مينگل بروهي(جهالا وان، بلوچستان)**************************هن ڪتاب ۾ مون گهڻو ڪري انهن صاحبن جي زندگيءَ جو احوال ڏنوآهي، جن سان منهنجي شخصي واقفيت پئي رهي آهي، يا ڪم از ڪم سندن خاندان سان تعقات رهيا آهن. هي صاحب نه ڏٺل هوم، ۽ نه وري ساڻس ڪي خانداني تعلقات هئا. هن ڪتاب ۾ سندس زندگيءَ جو مختصر احوال پيش ڪرڻ صرف سندس بي بها قومي خدمتن ۽ آزاد خياليءَ جي ڪري آهي.هي صاحب مينگل قبيلي جي بروهين مان هو. 1889ع ڌاري ڄائو هو. سندس والد جي انتقال بعد کيس پنهنجي مينگل قبيلي جي سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي ويئي.مينگل قبيلو، بلوچن جو هڪ همت وارو قبيلو آهي، جنهن جا ماڻهو اٽڪل سٺ هزار کن ٿيندا. هي اڪثر سرڪشي، آزاد خيالي ۽ بهادريءَ ڪري مشهور پئي رهيا آهن. اهي ڪيترن آزاد خيال پٺاڻ قبيلن وانگر، ٿوريءَ به بي عزتيءَ تي مشتعل ٿيڻ جا عادي هئا. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ وقت، جرمن ۽ ترڪ وغيره هڪ طرف ٿيا ۽ انگريزن فرينچن، روسين وغيره ٻئي طرف ٿي جنگ ڪئي. هندستاني حڪومت، انگريزن جي ماتحت هئڻ ڪري، انگريزن طرفان جنگ ۾ گهڙڻ جو اعلان ڪيو.انهيءَ وقت هندستان ۾ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد پڻ جاري هئي. هتي جا مسلمان ٻن گروهن ۾ ورهايل هئا: هڪڙا عليڳڙهه ۾ هئا ۽ ٻيا ديوبند گروهه جا سڏيا ٿي، پهريون گروهه جنگ ۾ انگريزن جي حمايت جو طرفدار هو، ۽ ٻيو گروهه موقعي مان فائدو وٺي، انگريزي حڪومت کان آزادي حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هو. ڪيترن يو. پيءَ جي جاگيردارن ۽ پنجاب جي مکيه مسلمانن انگريزي فوج اندر گهڻي تعداد ۾ ڀرتي ڪرائي، ترڪن سان لڙڻ لاءِ سپاهي موڪليا، ٻئي طرف، مولانا محمود الحسن ديوبنديءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ، هڪ گروهه مخالفت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. سنڌ مان مولانا عبيدالله سنڌي، چند سنڌي دوستن سان، انهيءَ مقصد جي تڪميل لاءِ افغانستان هليو ويو. مولانا محمد صادق کڏي وارو، پنهنجي مدرسي جي پڙهيل عالمن ذريعي، بلوچستان ۾ بغاوت کڙي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو.سردار نور الدين خان پهريون بلوچي سردار هو، جنهن ان وقت انگريزي حڪومت خلاف بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو. هن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ انگريزن خلاف هلچل هلائي. ان وقت انگريزن جو هڪ جنرل ٽائون شيڊ نالي، عراق ۾ هندستاني لشڪر سان ترڪن خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي ويل هو، جتي ڪوت العمارا ۾ هن جو لشڪر ترڪي فوج جي گهيري هيٺ اچي ويو. ان وقت هندستان مان وڌيڪ فوجي ڪمڪ هن جي مدد لاءِ وڃڻ واري هئي، پر مڪاني طرح بلوچن جي بغاوت ڪري، گهڻي لشڪر کي هتي روڪڻو پيو، جنهن ڪري جنرل ٽائون شيڊ کي، وقت سر مدد نه ملڻ جي حالت ۾، ترڪن اڳيان پيش ٿيڻو پيو. ان طرح، ترڪي حڪومت کي اڻ سڌيءَ مدد ۾؛ بلوچي بغاوت جو وڏو دخل هو ۽ ان جو سهرو سردار نور الدين خان جي سر تي هو. جنهن پنهنجن مکيه دوستن ۽ مددگارن، نواب خان محمد خان زرڪزئي (موجوده سردار نوروز خان جو ڀاءُ) ، سردار شهباز خان گرگناري ۽ سندس فرزند مير شير علي خان، مير رسول بخش خان ساسولي ۽ مولوي شفيع محمد جي مدد سان، اها خدمت سرانجام ڪئي هئي. انهن ڳالهين سبب، انگريزن مولانا محمد صادق کي گرفتار ڪري، ڪاروار جيل ۾ موڪلي ڇڏيو ۽ سردار نور الدين خان کي به سندس سؤٽ رحيم خان جي غداريءَ ڪري گرفتار ڪري ورتو. انهيءَ خدمت جي عيوض، انگريزن رحيم خان کي سردار بڻايو، ۽ ”خانبهادريءَ“ جو خطاب ڏنو. مينگل غيرت وارو قبيلو هو، انهن اها ڳالهه برداشت نه ڪئي، ۽ ٻن ٽن سالن ۾ ان کي قتل ڪري ڇڏيو. سرڪار وري سندس پٽ رسول بخش خان کي سردار مقرر ڪيو، پر مينگلن جي وڏي تعداد کيس سردار تسليم نه ڪيو، ان ڪري هو اتان لڏي اچي ڪراچيءَ جي ڀر ۾، منگهي پير وٽ رهڻ لڳو.سردار نورالدين خان کي گرفتار ڪرڻ بعد، مٿس ليفٽيننٽ ڪرنل ڊيو، پوليٽيڪل ايجنٽ بلوچستان، وٽ ڪيس هلايو ويو، جتي مٿس هيٺيان ڏوهه ثابت ٿيا:1. مينگل قبيلي ۾ انگريزن خلاف بغاوت پيدا ڪرائڻ، نوري ۽ جنگوءَ کي ڌاڙن هڻڻ لاءِ همٿائڻ ۽ مدد ڪرڻ، مير رسول بخش خان ساسوليءَ کي روپوش ڪرائڻ.2. ايران جي حد مان نوان هٿيار گڏ ڪري، انگريزن جي تڪليف وڌائڻ لاءِ قبيلي ۾ ورهائڻ؛3. جرمن سان انگريزي حڪومت خلاف سازباز ڪرڻ؛ ۽4. جهالاوان ۾ هٿيار ڪٺا ڪرڻ.انهن ڏوهن ڪري، کيس سرداريءَ تان لاهي، سندس متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيت ضبط ڪري، 12 سال جيل جي سزا ڏني ويئي، انهن ڏينهن ۾ ايران ذريعي سردار نور الدين خان جنهن طريقي سان هٿيار پئي گڏ ڪيا، تنهن ملڪ ۾ چوٻول پيدا ڪري ڇڏيو هو. انگريزن ايراني سرحد تي سخت پهرا بيهاريا هئا، پر باوجود ان جي، راتيون جاڳي، بکون ڪاٽي، مصيبتن جو مقابلو ڪري، هو ايران مان هٿيار آڻي رهيا هئا. ان سلسلي ۾، سردر شهباز خان گرگناريءَ کي به سرداريءَ تان لاهي. سندس ملڪيت ضبط ڪئي ويئي، ۽ سندس فرزند، مير شير علي خان گرگناري ۽ سندس ڀاءُ خان محمد خان کي ٻارهن سالن لاءِ جيل موڪليو ويو.نورو خان مينگل جا ڌاڙا مشهور ٿي ويا هئا، جنهن سن جي ڀر ۾، لاکن جي ڳوٺ ۾ به ڌاڙو هنيو هو، جتي ڪم آندل لفظ اسين ننڍي هوندي اسڪول ۾ اچاريندا هئاسون: ”شابي، نورو! شابي، جنگو!“سردار نورالدين خان سندس سزا جو گهڻو حصو ڪاٽڻ بعد، باقي عرصي لاءِ ڪراچيءَ جي آسپاس، سرڪاري نظرداريءَ هيٺ رهڻ لڳو. سردار رسول بخش خان جڏهن منگهي پير ۾ رهڻ لڳو ۽ انگريز وڃڻ وارا هئا ته پوئتي مينگلن وري نورالدين خان کي سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي، پر پاڪستان سرڪار جي ڪارندن پنهنجي آقا انگريز جي حڪم کي رد ڪرڻ مناسب نه سمجهيو، ۽ هن جي سرداري تسليم نه ڪئي. هو ملڪ جي آزاديءَ خاطر 1916ع ۾ جيل ويو هو.پنجٽيهه ورهين گذرڻ بعد، به انگريزي حڪومت جي نمڪخوارن هن کي نه سَٺو ۽ سُک سمهڻ نه ڏنو. آخر 8 جون 1952ع تي، موٽر جي حادثي ۾ وفات ڪري ويو. جيئن ته کيس اولاد ڪو نه هو، تنهن ڪري مينگل قبيلي پنهنجي غيرت جي تقاضا طور، وري به رسول بخش خان کي سردار ڪري مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ سمجهوتي طور، سندس فرزند عطاءُ الله خان کي سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي. هو ڪو وقت مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر هو، جتي ساڻس گڏجڻ پيو ٿيندو هو. پاڻ هڪ آزاد خيال ۽ بيباڪ اڳواڻ آهي، مارشل لا ٿيڻ کان پوءِ، ماٺ ۾ رهيو. وري جڏهن چونڊون ٿيون ته پاڪستان نيشنل اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو ۽ مخالف گروهه ۾ داخل ٿي، بلوچستان ۾ شامل لا جي دؤر ۾ ٿيل ظلمن جي اُپٽآر ڪرڻ لڳو. اهڙي قسم جي کلئي پرچار ڪرڻ تي، سندس ساٿين، سردار غوث بخش خان بزنجي، شير محمد خان مري ۽ ٻين کي جيل ۾ موڪليو ويو. کيس به سرداريءَ تان لاهي، ملڪيت ضبط ڪري، سندس جاءِ تي ڪرم خان کي سردار مقرر ڪيو ويو ۽ بغاوت جي ڏوهه ۾ کيس جيل موڪليو ويو. ليڪن غيرتمند مينگل قبيلي، سرڪاري مقرر ڪيل هٿرادو سردار کي قتل ڪري ڇڏيو. انهيءَ پاداش ۾، سرڪار کيس ۽ سندس والد کي قتل جي مقدمي ۾ اڙائي، جيل موڪلي ڇڏيو. پاڻ سردار نورالدين خان جون سڪون لاهي ٿو. هي جمهوريت جي دشمنن ۽ ننڍن صوبن جي مخالفن لاءِ اگهاڙي تلوار آهي. خدا کيس عمر دراز ڏئي!*****************************سائين شفيق احمد جي ٿورن سانسجاد علي فيس بوڪ وارو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book22/Book_page18.htmlSajjad Ali & Jokhio Avais Shafique Ahmed Jokhio