• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آسان سوال جو جواب ڏيو ۽ کٽيو نوڪيا جو خاص سيٽ لوميا 900 ...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
nokia-lumia-900-the-dark-knight-rises-edition-batman-phones-4u-1.jpg

جيڪڏهن توهان هالي ووڊ فلمن ڏسڻ جا شوقين آهيو ته توهان کي يقينن اها خبر هوندي ته بيٽ مين فلم سيريز جي ايندڙ فلم The Dark Knight Rises کي ايندڙ مهيني نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو۔۔۔ ان حوالي سان نوڪيا جي طرفان پنهنجي نئين موبائيل فون نوڪيا لوميا 900 جو هڪ خصوصي ماڊل تيار ڪيو ويو آهي۔۔۔ جنهن ۾ بيٽ مين جو خصوصي لوگو پڻ لڳايو ويو آهي۔۔ ۽ رڳو ايترو ئي نه پر ان فون ۾ بيٽ مين فلم جا وال پيپر، گيمز ۽ ايپليڪيشنس پڻ شامل ڪيو ويون آهن۔۔۔
نوڪيا طرفان پنهنجي فيس بوڪ فين پيج تي اعلان ڪيو آهي ته ڪمپني طرفان فيس بوڪ تي بيٽ مين فلم جو هڪ آسان سوال جو جواب ڏيندڙ پنجن خوش نصيب ماڻهن کي هي خصوصي موبائيل فون انعام ۾ ڏيندي۔۔۔ هن مقابلي ۾ پوري دنيا ۾ هر ڪو شخص حصو وٺي سگهي ٿو۔۔ مقابلي ۾ حصو وٺڻ جي قانون ۽ قائدن ۽ سوال جي جواب لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
نوڪيا طرفان بيٽ مين سيريز جي ايندڙ فلم جو ٽريلر پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔ دوستن جي دلچسپي خاطر اهو به لڳائجي ٿو۔۔۔

 
ادا ذيشان ونڊ ته توهان ڀلي ڪئي آهي۔
پر جيستائين اسان تائين اها فلم پهچندي تيستائين اهي انعام به ورهائجي چڪا هوندا۔
جنهن دوست جو نصيب
 
Back
Top