يوفون طرفان تازو هڪ نئين آفر متعارف ڪرائي پئي وڃي جنهن تحت سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ايران، بحرين، ڪويت، قطر، انڊيا ۽ بنگلاديش ۾ سستي ڪال ڪري سگهبي۔۔۔ آفر جي تفيصلن مطابق سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ ايران ۾ لڳ ڀڳ 3 روپيه في 20 سيڪنڊ اهڙي طرح بحرين ۽ ڪويت ۾ 2 روپيه في 20 سيڪنڊ، قطر 4 روپيه في 20 سيڪنڊ ۽ انڊيا و بنگلاديش هڪ روپيه في 20 سيڪنڊن ۾ ڪال ڪري سگهبي۔۔۔ آفر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي يوفون نمبر تان #226* ملايو جنهن سان روزانو 3 روپيه علاوه ٽيڪس ڪاٽيو ويندو۔۔۔ ياد رهي ته آفر هر رات 12 بجي تائين هوندي ۽ انٽرنيشنل ڪال ڪنهن به موبائيل نمبر يا لينڊ لائين نمبر تي ڪري سگهبي۔۔۔
يو فون وارا جيڪڏهن هي ايڊ ڏسن ته سنڌ سلامت سان ياري رکن ۔۔۔ واه واه ۔۔۔۔ پر اضافي ۽ لڪل چارجز کانپو اهو منٽ وڃي الائي ڪيترن روپين ۾ پوندو ۔۔۔ ؟ پر اهي ڏينهن به ياد آهن جڏهن 20 روپيا هلو هلو ۾ پورا ٿي ويندا هيا۔۔۔ ضرورت وقت ماڻهون ڪٿي ٿو ڏسي پيڪيج وغيره۔ وقت کي سلام۔
ادا ذيشان رشيد صاحب....چوندا آهن ته هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ وارا ٻيا ته کائڻ وارا وري ٻيا هوندا آهن..... انهيءَ ڪري سائين منهنجي خيال ۾ اعتبار ڪرڻ!!!!! .... منهنجي لاءِ ته سائين ناممڪن آهي...... هي حد کان به وڌيڪ ڪوڙا آهن ۽ معصوم ماڻهن منجهان رُڳو پيا ٿا پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪن...... باقي سڀ هنن جو ڪُوڙ آهي سائين......
السلام عليڪم ادا ذيشان رشيد مان هتان قطر مان پاڪستان گهڻي عرصي کان فون ڪندو آهيان جنهنجي چارجز في منٽ پاڪستاني هڪ روپئي کان به گهٽ هوندي آهي