شهدادپور جي ضمني اليڪشن ۾ پ پ پ جي اميدوار 46341 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته عوامي تحريڪ جو اميدوار 1000 ووٽ به نه کڻي سگهيو آهي. اهو ثابت ڪري ٿو ته اسان جي قومپرست قيادت اڃان تائين عوام ۾ ڪا خاص مقبوليت ماڻي ناهي سگهي.
فيسبوڪ تي ويهي تنقيد ڪرڻ ۽ عوام ۾ وڃي انهن سان سندن ڏک سور ۾ گڏ هجڻ ۾ فرق آهي. اها ڳالهه اسان جي قومپرست قيادت کي سمجهڻي پوندي ته جدوجهد شهرن ۾ ويهي نه پر ڳوٺ ڳوٺ واهڻ واهڻ وڃي ڪرڻي آهي.. تنقيد ڪرڻ سڀني جو حق آهي پر بغير عوام ۾ وڃڻ جي سڀ نعرا کوکلا ثابت ٿين ٿا.
اچو ته ماڻهن جي ڏک سک ۾ سندن ساٿ ڏيون ۽ هنن کي اهو محسوس ڪرايون ته هو اڪيلا ناهن. پوء ڏسو ته نتيجا ڪيئن نه ٿا بدلجن. فيسبوڪ عوامي فورم ناهي ۽ نه ئي اسان فيسبوڪ تي نعرا لڳائي ڪو نظام تبديل ڪري سگهنداسون. ان لاء عملي جدوجهد جي ضرورت آهي.