دوستؤ! هن تصوير کي ٿورو غور سان ڏسو...! ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو...؟ ادا عدنان ڪٽپر ۽ ادا ابوزين جهڙا فوٽوشاپ جا ماهر ته متان چَوَنِ ته اهو فوٽوشاپ جو ڪمال آهي. ممڪن آهي ائين به هجي...! پر اها هڪ حقيقت آهي ته هيءَ تصوير بلڪل حقيقي آهي. اهي ٻَڪريون شمالي آفريڪا جي ملڪ مَراڪش ۾ موجود آهن، جيڪي نهايت سهڻي ۽ انوکي طريقي سان جابلو وڻن تي ويهنديون آهن ۽ انهن پَنن منجهان ئي پنهنجي پيٽ جي آگ اُجهائينديون آهن.