نه ڪم نبريو نه غم نبريو ... استاد بخاري

'استاد بخاري' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2012۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    نه ڪم نبريو نه غم نبريو، جو نبري ويو سو دم هوندو.
    جو نِکري پيو سو سچ سمجهو، جو وِکري ويو وهم هوندو

    تکوگهوڙو ڊُڪي ڪيڏو، نظر هَسوار جي اڳتي،
    زمانو تيز تنهن کان تيز تر، پنهنجو قدم هوندو.

    اسان جي شاعري کي انقلابي دور ۾ کڻجو،
    جڏهن هر لفظ پرچم، هر غزل اونچو عَلم هوندو.

    ”تَشا“ واري لِڪل تقدير، نه تو سمجهي نه مون سمجهي،
    جي ڪجهه سمجهي ته هي سمجهي؛ عمل اَحسن اُتم هوندو.

    ڪا ڪِٿ ليلا ڪو ڪِٿ مجنون، ڪو ڪِٿ گهرجي ڪو ڪِٿ گهربل
    ڪا ڪنهن جي لئه اهم هوندي، ڪو ڪنهن جي لئه اهم هوندو.

    بخاريءَ کي اوهان سڀني کان، يارو مان گهڻو ڄاڻان،
    ڀلو جي ڀائرن سمجهو ته، رهجي ويو ڀرم هوندو.

    (استاد بخاري)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان جي شاعري کي انقلابي دور ۾ کڻجو،
    جڏهن هر لفظ پرچم، هر غزل اونچو عَلم هوندو.


    استاد جي تمام خوبصورت شاعري۔ اوهان جي بهترين شيئرنگ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ديد، دل، دلدار، کي ٽئي دوکو نه چئو،
    زندگي ساڀيان اٿئي سپنو نه چئو۔
    ڪائنات گنج ۾ سڀ ڪجهه ته آ،
    خير، شر جي کاڻ کي کوکو نه چئو۔
    سونهن پوڄا جو سليقو سک، نظر،
    سهڻو سهڻو، ڪوجهي کي ڪوجهو نه چئو

    استاد بخاري
    استاد جي خوبصورت شاعري بهترين ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو