نثارناز
سينيئر رڪن
ڪافي ڏينهن کانپوءِ هي اڌو لاڙو غزل جنهن ۾ هڪ اڌ جاءِ تي فني ويساهه گهاتي ڪئي اٿم پر سئو فيصد رڌم جي رنگ ۾ رنگيل هي خيال توهان سڀني دوستن سان ونڊيان پيو، دوستو مونسان مجبوري اها آهي ته ڪافي سارين مصروفيتن جي ڪري نه هيڏانهن جو رهيو آهيان نه هوڏانهن جو رهيو آهيان ، مُنهنجو هي غزل هونئن ته سڀني دوستن کي بي لوث محبتن سان ارپيان پيو پر هڪڙي دل واري دوست کي خصوصي طور شيئر ڪريان ٿو، جيڪو ننڍين ننڍين ڳالهي...ن کي وٺي مونسان ڪاوڙبو آهي ۽ پرچڻ جو نالو ئي ڪونه وٺندو آهي الله سائين کيس پنهنجي پيارن سان آباد رکي
غزل
نثاراحمدناز
جُدائِيءَ جا جانان ڪڙا ڍُڪَ پِيُون
کٽي يار قسمت مَرُون يا جِيُون
ڀليڪارَ دردن ڀَرِي شامَ کي
اسان دل جلا ڀِي ٿا مُرڪي ڏِيُون
ڪريو راند دل سان سدا خُوش هُجو
ڪڍي ڏيون توهان کي هٿن سان هنيُون
پيو خوب نِکرِي اڱڻ دل سندو
تُنهنجي پيارَ جُون بارَشُون بَرِسِيُون
وڇوڙي جِي ويلا ڀري ڀاڪرين
نٿيون مور وسرن ڏنيون تو چُميون
پرين ”ناز“ پرچِي ۽ ڪاوڙ ڇڏي،
ورِي کنڊ بڻجي اچو کيرٿِيون