ڇا اڄ جو انسان ماضي جي انسان کان بهتر آهي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ AZAM AFZAL طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2012۔

  1. AZAM AFZAL

    AZAM AFZAL
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2012
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    249
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    لآڙڪآڻو
    آءُ تسليم ٿو ڪريان ت اڄ جو دور سائنٽيفڪ ۽ ٽيڪنالوجي دور آ هزارن ميلن جي ڪلڪيوليشن چند سيڪنڊن ۾ ٿي ٿئي سو ميلن جو پنڌ چند منٽن ۾ طءٌ ٿيو پوي ڪمپيوٽر ۽ روبوٽ ٺاهي ڪري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي پر انهي سان گڏو گڏ ايف 16 ۽ مگ 18 ٺاهي ڪري انسانيت جي تبهائي جا سنباه ڪيا ويا آهن 10 ڪروڙن جو بارود وٺي ڪري 10 ڏينهن ۾ هن دنيا جي حسين وادين کي تباهي جي ڪنڌي تائي پهچائيڻ ۾ مصروف عمل آهن يونيسيف جي تازن فيڪس فگر مطابق دنيا ۾ روزانو5000 عوتون ڊليوري ڪيس ۾ مري ٿيون وڃن 500،000 ٻار پرائمري تعليم کان محروم آهن جيڪڏهن هڪ ايف 16 جي قيمت جو اندازو لگائجي ت 50 اسڪول ۽ 50 اسپتالون ٺھي سگھن ٿيون ان بارود جو خرچ انسانن جي ڀلائي لءِ ڪتب آندو وڃي ت دنيا ۾ ڪو ب انسان بکيو ڏکيو ۽ انگ اگھاڙو ن رھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ت اڄ ب انسانيت جو قتل جاري وساري آ جيڪو ھٽلر کان مسولونئي تائين چنگيزخان کا ھلاڪو تائين چين کان سحراءِ ٿر تائين انسانيت بک وگھي بيماري ۾ تڙپي ۽ مري رھي آهي جن کي ظالمن پهنجي لانگ بوٽن ھيٺان لتاڙيو آهي ھن آڪاش جي وسعت مان ٽمندڙ رت انسانن جي ڇاتي مان وھي رھيو آهي جن کي ظالمن ھٿرادوڇرا ھڻي ڦٽي وڌو آهي انھي ڏاڍ جبر۽ ظلم خلاف برک مرحوم شاعر افضل قادري ھن ريت چيو آهي ت انساني قدرن جا قاتل چنگيزي چوڏئھين سن جا جابر ۽ عامر ھلاڪو امن اڄ اوھان کان تقاضا ڪري ٿو ت توبن کي روڪيو ۽ ٽئنڪن کي روڪيو تشدد ن گھرجي تشدد کي روڪيو۔ پوکي پوک جيڪا اوھان جي وزيرن پڪل پوک تن جي اوھان ئي ت لوڻندو غريبن جي مارڻ کان بھتر اھو ٿوءَ ت پيرن ۽ ميرن کي ڳوليون ھڻايو سمورن وزيرن کي ڳوليون ھڻايو اوھان جن کي طاقت جو سرچشمو سمجھو اھي اڄ اوھان کان ٿا انصاف طلبن ت توبن کي روڪيو ۽ ٽئنڪن کي روڪيو تشدد ن گھرجي تشدد کي روڪيو۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سهڻا سائين اوهانجو سوال به سهڻو ته جواب به ڀلو ۔۔۔
    سهڻي سوال جو جواب ته؛ ماڻهون شروع کان رحمان ۽ شيطان جي سرحدن ۾ رهيو آهي ۔۔۔
    اڳ به ته هاڻ به؛ اڳ تلوار سان ڪاسائي هو ۽ اڄ بندوق وارو ظالم۔
    ڪالهه به انسانيت جي خدمت ڪندڙ نوح هو ته اڄ به لطيف ۔۔۔

    هر زمان سان تعلق رکندڙ لطيف جو هي بيت؛
    ماڻهون سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجه، اچي بوءِ بهار جي۔

    اوهانجي ونڊ ڪيل ليک سهڻو ۽ سبق آموز آهي۔
    لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. وزير علي سومرو

    وزير علي سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جنوري 2012
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مان سول هاسپيٽل خيرپور جي ليبارٽري ۾ ليبارٽري اسسٽ
    ماڳ:
    ٺري ميرواهه ضلعو خيرپور ڊويزن سکر
    اصل حقيڪت مان ٿو ٻڌايان اڳ ۾ ڇا اهو ته هر ڪو شخص غريب هيو هن وٽ ايترو پئسو نه هيو ته هو ڪو روبوٽ ، ڪمپيوٽر ، وغيره وغيره شيون وٺي سگهي ، پو جيئن جيئن وقت گذرندو ويو دنيا سان گڏ انسان به مٽبو ويو اڳ واري دور ۾ ڪنهن به ماڻهون وٽ هڪ سو روپيه هوندو هو ته هو پنهنجو پاڻ کي الائي ڇا سمجهندو هو ۽ هاڻي اکين جي اڳيان هڪ ڪروڙ به ان انسان کي ڪون پيو نظر اچي اڳ ۾ سڀ ڪو هڪ وقت جي ماني کائي الله تعاليى جي آسري تي سمهين پوندو هو ۽ هاڻي پنج پنج سڪون جون گوريون ٿا کائن ته به ننڊ ڪان ٿي اچين منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اڳ وارو دور صحيح هيو ايترا ٽينشن ۽ پريشانيون نه هيون ۽ ڪو به انسان دل جو بيمار نه هو ۽ هاڻي جنهن وٽ سبزي جو دڪان آهي ان کي به پريشانين جي ڪري دل جو مريض ٿي ٿو وڃي ۔ بس الله سائين پيو هلائي باقي ڪنهنجي هتي جا ڪانهين خدا حافظ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين اوهان هڪ سٺو موضوع ڇيڙيو آهي۔

    اصل ۾ اسان جون ترجيحون ۽ لاڙا تبديل ٿيا آهن۔ اسان علم ۽ امن ۽ صحت بجاء ٻين اهڙين شين تي وڌيڪ خرچ ڪيون ٿا ۽ انسان جي قدر جو خيال ڪونه ٿا ڪيون۔ تڏهن ئي سسٽم ۾ خرابيون پيدا ٿيون آهن۔ اسان جون ڊفينس بجيٽ الائي ڪٿي پهتيون آهن پر پوء به جيڪ چاهي ٿو ته اندر داخل ٿي سڀ ڪجهه ڪري وڃي ٿو۔

    دوست اسان کي ترجيحون مٽائڻيون آهن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو