AZAM AFZAL
سينيئر رڪن
آءُ تسليم ٿو ڪريان ت اڄ جو دور سائنٽيفڪ ۽ ٽيڪنالوجي دور آ هزارن ميلن جي ڪلڪيوليشن چند سيڪنڊن ۾ ٿي ٿئي سو ميلن جو پنڌ چند منٽن ۾ طءٌ ٿيو پوي ڪمپيوٽر ۽ روبوٽ ٺاهي ڪري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي پر انهي سان گڏو گڏ ايف 16 ۽ مگ 18 ٺاهي ڪري انسانيت جي تبهائي جا سنباه ڪيا ويا آهن 10 ڪروڙن جو بارود وٺي ڪري 10 ڏينهن ۾ هن دنيا جي حسين وادين کي تباهي جي ڪنڌي تائي پهچائيڻ ۾ مصروف عمل آهن يونيسيف جي تازن فيڪس فگر مطابق دنيا ۾ روزانو5000 عوتون ڊليوري ڪيس ۾ مري ٿيون وڃن 500،000 ٻار پرائمري تعليم کان محروم آهن جيڪڏهن هڪ ايف 16 جي قيمت جو اندازو لگائجي ت 50 اسڪول ۽ 50 اسپتالون ٺھي سگھن ٿيون ان بارود جو خرچ انسانن جي ڀلائي لءِ ڪتب آندو وڃي ت دنيا ۾ ڪو ب انسان بکيو ڏکيو ۽ انگ اگھاڙو ن رھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ت اڄ ب انسانيت جو قتل جاري وساري آ جيڪو ھٽلر کان مسولونئي تائين چنگيزخان کا ھلاڪو تائين چين کان سحراءِ ٿر تائين انسانيت بک وگھي بيماري ۾ تڙپي ۽ مري رھي آهي جن کي ظالمن پهنجي لانگ بوٽن ھيٺان لتاڙيو آهي ھن آڪاش جي وسعت مان ٽمندڙ رت انسانن جي ڇاتي مان وھي رھيو آهي جن کي ظالمن ھٿرادوڇرا ھڻي ڦٽي وڌو آهي انھي ڏاڍ جبر۽ ظلم خلاف برک مرحوم شاعر افضل قادري ھن ريت چيو آهي ت انساني قدرن جا قاتل چنگيزي چوڏئھين سن جا جابر ۽ عامر ھلاڪو امن اڄ اوھان کان تقاضا ڪري ٿو ت توبن کي روڪيو ۽ ٽئنڪن کي روڪيو تشدد ن گھرجي تشدد کي روڪيو۔ پوکي پوک جيڪا اوھان جي وزيرن پڪل پوک تن جي اوھان ئي ت لوڻندو غريبن جي مارڻ کان بھتر اھو ٿوءَ ت پيرن ۽ ميرن کي ڳوليون ھڻايو سمورن وزيرن کي ڳوليون ھڻايو اوھان جن کي طاقت جو سرچشمو سمجھو اھي اڄ اوھان کان ٿا انصاف طلبن ت توبن کي روڪيو ۽ ٽئنڪن کي روڪيو تشدد ن گھرجي تشدد کي روڪيو۔