سلام آهي ان عورت کي جيڪا پنهنجي عصمت ۽ جسم جي بجا محنت ڪري پيٽ پالي ٿي، يا وري ٻين جي آڏو هٿ ڦهلائڻ جي نسبت محنت ڪري ٿي
جهنمي آهي آها رياست ۽ انجا اڳواڻ جيڪي ناڻي جي ورڇ جو انصاف نٿا ڪري سگهن ۽ غريبن تائين انهن جو حق نٿو رسي ۔۔۔
پاڪستان ملڪ جو مثال آهي ۔۔۔ ” نالو وڏو ديهه ويران“ ايٽماڪ پاور ۽ ڪم لوسين وارا ۔۔۔۔
اهڙي ملڪ کي ٻنهي هٿن جو گهروڙي ڏجي ۔۔۔
علامه اقبال جا لفظ ڪجهه ياد ٿا اچن ته:
جنهن زمين جي پئداور مان هاري کي ڪڻۡڪ جو داڻو نه ملي ان فصل جي ڪک پن کي ساڙي ڇڏيو۔
مونکي برطانيا جي شهر ايڊِنبرگ ۾ جوتو ٺهرائڻو هو، هڪ ٻه ڏينهن ڏسندو رهيس ته روڊ تي ڪو اهڙو کوکو يا ڪو ماڻهون نظر اچي ته جوتو ٺهرايا، خئير! مونکي نظر نه آيو ته مون دوست کان پڇيو ته اهو ڪم ڪيئن ٿيندو، ان ڏس ڏنو ته ليٿ واڪ روڊ تي فلان جڳه تي پوسٽ آفيس ۽ پبلڪ سرورس لکيل دڪان ۾ گهري وڃان ۔۔۔ آ ويس ته هڪ عاليشان دڪان هڪ پاسي هڪ ڪيبن نمان ڪمرو پوسٽ آفيس جو ٻي پاسي ڪيبن نمان شيشي سان جڙيل ڊِاڪٽر فار شوز ۽ ٻي پاسي کان اخبارون ۽ رسالا ۽ پريان ڪنِڊ ۾ فاسٽ فوِڊ جي ڪيبن هئي ۔۔۔ سمورو ماحول ايترو ته سهڻو جو ڏسي دل خوش ٿي وئي ۽ مزي جي ڳالهه ته سڀني دڪانن تي خدمتگار مايون هيون سوا هڪ اڌ مرد جي۔ آ جوتي ٺهرائڻ واري ڊاڪٽر واري ڪيبن ڏانهن ويس جنهن جي اندر يونيفار ۾ ملبوس مايون، عاليشان مشينون لڳل ۽ انهن ۾ سهڻا ترتيبوار ڪٻٽ لڳل جن ۾ جوتن جو ضروري سامان ترتيب سان پيو هو۔
مونکان جوتو وٺي پرچي ڏني وئي، ٻي ڏينهن تي کڻي وڃڻ جو چيو ويو ۽ ٻي ڏينهن تي جوتو جهڙوڪ نئون۔
سلام ترقي يافته قومون ۔۔۔۔ قومن وٽ هر شئي جو هڪ معيار مقدار ۽ طريقه ڪار آهي ۔۔۔ ائين ناهي جئين پاڪستان ۾ ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊِو الله يار۔