چاچي رنجيت رامرکيا ”ساحل“هوءَ جا هميشه بهارن وانگر ٽڙندي رهندي هئي. اڄ ان چهري تي عجيب قسم جي اجهاميل کل جو احساس ٿيو. هوءَ جڏهن ڳالهائيندي هئي ته ايئن لڳندو هو سندس وات مان لفظ نه پر ڪنهن اونهي عميق مان موتي پيا نڪرن، اڄ سندس آواز ۾ سمنڊ جي ڇولين جو گوڙ نه پر سڏڪن جو پڙلاءُ ٻُڌڻ پئي آيو. هوءَ اسان جي گهر جي ڀرسان رهندي هئي. رنگ ۾ سهڻي، قدبت ۾ پوري ساري ۽ سرير ۾ پاڻ کي ٿُلهو سمجهندي هئي پر هُوءَ ٿُلهي نه هئي. سندس مائٽ کيس سپنا جي نالي سان پُڪاريندا هئا پر مان کيس چاچي ڪري سڏيندو هوس. منهنجي تمام ويجهو هئي ان جو سبب شايد هوءَ منهنجي هم عمر هئي يا وري منهنجين اُلٽين سڌين حرڪتن کان چڱي نموني واقف هئي. هن سان يا هن جي پريوار سان گڏ مون صرف ٽي سال گذاريا تنهن بعد اسين سنڌ ڇڏي اچي هند وساڻا ٿياسين. ان مختصر عرصي ۾ هوءَ منهنجي ايترو ته ويجهو اچي وئي جو مان ساڻس پنهنجي هر ڳالهه چاهي اها بُري هجي يا ڀلي شيئر ڪندو هوس. هوءَ منهنجون ڳالهيون ٻڌي لطف اندوز ٿيندي هئي، ايئن ئي هڪ ڏينهن مان پنهنجو هڪ ڪارنامو ٻڌايو ۽ هوءَ کل ۾ اصل ٻوٽجي وئي ۽ پنهنجي کل روڪي چيائين ”جيڪڏهن تون پنهنجون اهي ڳالهيون ڪنهن ڇوڪريءَ کي ٻڌائيندين ته هن جو نينهن توسان جلدي اڙجي ويندو“ مون کيس چوڻ جي ڪوشش ڪئي پر چئي نه سگهيس ۽ منهنجي ڳالهه دل ۾ ئي رهجي وئي ته ” ڇا هوءَ ڇوڪري نه هئي“. چاچيءَ ۽ منهنجو پاڻ ۾ اٽوٽ رشتو هو ڪيترن ئي ماڻهن اسان جي رشتي تي گلا، جا غيبي پٿر اڇلايا ۽ اسان ٻئي هر ڪنهن جي پٿرن جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏيندا رهياسين چاچيءَ جي وڏي ڀيڻ جي شاديءَ کان پوءِ چاچي ڄڻ وسامي وئي هئي. سندس چهري تي اها مُرڪ ۽ اها رونق نه رهي هئي جا پسڻ سان من مخمور ٿي پوندو هو، ان جو سبب اهو ته چاچيءَ پنهنجي لاءِ جنهن ڀيڻوئي جي اميد رچائي هئي سا بيڪار وئي. سپنا جي ڀيڻ ڪنهن جي طرح گهٽ ڪونه هئي، سدا ملوڪ، سهڻي، ٻين ڇوڪرين وانگر کٽي ڀاڄيءَ جي شوقين ۽ چانهه جي موالڻ.مونسان ڄڻ ڇٽيهن جو آڪڙو هجيس، سدائين جهيڙو ڪندي رهندي هئي. چوندا آهن ته جتي جهيڙو هوندو آهي اتي پيار به اوترو ئي وڌيڪ هوندو آهي، هتي به ڪجهه اهڙو ئي حساب هو. مونکي تمام گهڻو ڀائيندي به هئي، جيڪا به شيءَ پاڻ کائيندي هئي ان مان ڪجهه حصو منهنجي لاءِ به ضرور ڪڍندي هئي. گهر ۾ لاڏلي هئي. چاچي مونکي ”چريو“ ڪري ڪوٺيندي هئي. شايد منهنجو حرڪتون جهڙوڪ، هاف پينٽ پائي گهمڻ، رات جو دير تائين چمڙي جي آڪهه وانگر رلڻ، مهمان ڏسي ٿورو اوور اسٽائيل ٿيڻ وغيره. کيس لڳندو هو ته مان چريو آهيان ۽ مونکي جلد ئي حيدرآباد واري گدوبندر ۾ داخل ٿيڻ گهرجي سنڌ ۾ گهاريل آخري ڏهه راتيون، جيڪي مان دير تائين جاڳي پنهنجي دوستن جي سنڌ جي سرد ۽ مٺڙين راتين کان موڪلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو هوس تڏهن به مان چاچيءَ جي باري ۾ ئي سوچيندو هوس ته مان چاچيءَ کان سواءِ ڪيئن گذاري سگهندس. هاڻي چاچيءَ کان ڌار ٿئي 10 مهينا گذري چڪا آهن تڏهن به چاچي مونسان هر وقت ساڻ آهي. چاچيءَ جو ڪٽنب جڏهن خيرپور کان لقمان لڏي آيو ته پهرين ڏينهن مون چاچيءَ کي غور سان ڏٺو هو. ڇا ته سونهن هئي. چاچيءَ جي نڪ جي ڦلي ڪمال جي هئي جيڪا هن بعد ۾ لاهي ڇڏي هئي شايد کيس ڊپ ٿيڻ لڳو هو ته ماڻهو سندس سونهن تي موهت نه ٿي پون. هونئن به مون هڪ اسٽيج شو ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ سان مخاطب ٿيندو چيو هو ته ”لقمان جي ماڻهن کان بچجان ڪُنڊي هڻڻ جا ماهر اٿئي“. چاچي منهنجي هر ڳالهه کي دل ۾ رکندي هئي ۽ منهنجي ڏنل صلاح تي عمل به ڪندي هئي. هڪ دفعي ڏياريءَ جي ڏينهن تي چاچي پنهنجو پاڻ کي ميڪ اپ ڪري رهي هئي. مون سندس لبن جي سرخي ڏسي چيو هو ته ” تنهنجي لبن جي اها سرخيءَ جي لالاڻ ايئن پيو لڳي ڄڻ تو ڪنهن جو رت پيتو آهي“ تنهن وقت ته چاچيءَ منهنجي ڳالهه کي نظر انداز ڪيو پر ٿوري وقت بعد مون کيس ڏٺو ته هوءَ پنهنجن گلابي لبڙن تان سرخيءَ جي لالاڻ کي لاهي رهي هئي ۽ مونکي يڪدم چاچي جا اهي لفظ ياد آيا جيڪي هن منهنجي ڳالهه کي نظر انداز ڪرڻ وقت چيا هئا ”هل چريا توکي ڪهڙي خبر ميڪ اپ جي. توهان ته بس ڏاڙهي لاهي تيار ٿي ٿا وٺو“ تڏهن مون کيس چيو هو ته بيوٽي پارلر جي ڇوڪرين جي حسن تي خرچو پنج ڇهه هزار ايندو آ. مردن جي شان ڏس ٻي رپئي جي بليڊ ۾ خوبصورت ٿي ويندو آ مون ٻهپهري جو ڪيترائي دفعا چاچيءَ جي ننڊ خراب ڪئي کيس منجهند جو وڃي چوندو هوس ته مونکي ماني پچائي ڏي ته مان پنهنجن دوستن سان گڏ وڃي سندن اوطاق تي کاوان.چاچي ويچاري مونکي جواب ڏئي نه سگهندي هئي ۽ مجبورن مونکي ماني ۽ پاپڙ پچائي ڏيندي هئي. جيڪي مان دوستن سان گڏ ڪڏهن سندن اوطاق تي يا ڪڏهن ٽيوب ويل تي وڃي کائيندو هوس. پنهنجي ڀيڻ جي شاديءَ کان پوءَ چاچيءَ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ماءُ کي چيو ته ” مون توکان ڪجهه به ڪونه گهريو آهي بس ايترو واعدو ڪر ته جيستائين مان نه چاهيان تيستائين تون منهنجي شادي نه ڪرائيندينء“ امڙ کيس ڪو جوڳو جواب ڏئي نه سگهندي هئي. هڪ نه پر ڪيترائي ڀيرا جڏهن مون چاچيءَ سان شادي جي ڳالهه ڇيڙي ته چاچي ڳالهه ئي مٽائي ڇڏيندي هئي. چاچي سان مون واعدو ڪيو هو ته جنهن شهر ۾ سندس شادي ٿيندي مان به ان ئي شهر مان شادي ڪندس ۽ سندس مڙس کي پنهنجو گهاٽو دوست بڻائي ڇڏيندس ۔ جيڪو واعدو مان نڀائي ڪونه سگهيس!. چاچيءَ جي مڱڻيءَ جي خبر ٻڌي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي پر ٻئي پاسي چاچيءَ سان ڪيل واعدا منهنجي اردگرد گُهمڻ لڳا ۽ چاچيءَ جي آواز جو پڙاڏو منهنجا ڪن ڦاڙڻ لڳو ” مان شادي نه ٿي ڪرڻ چاهيان، مان پنهنجي ماءُ کي اڪيلو نه ٿي ڇڏڻ چاهيان. ”هيلو“ چاچيءَ جو فون تي آواز منهنجي ۽ سندس خيالن جي وچ ۾ تسلسل ٽوڙي ٿو. ”هيلو چاچي ڪيئن آهين، مون پڇو ”مان ٺيڪ آهيان“ سندس ڪڙڪ آواز منهنجي دل ۾ شڪ جا بارود ڦوڙڻ لڳو ”ڇا توکي خبر آهي يا مان توکي ٻڌايان“، مون دوستاڻي انداز ۾ پڇيو ”نه ڪوئي ضرور ڪونهي“ ۽ هن فون بند ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ چاچيءَ ڪڏهن به مونسان ان بي رخيءَ واري انداز ۾ ڪونه ڳالهايو هو. سندس آواز ۾ مون کي هڪ عجيب خوف محسوس ٿيو. رواجي طرح سان ڇوڪريون پنهنجي شاديءَ جو ٻڌي خوش ٿينديون آهي پر چاچيءَ جي آواز مان ايئن پئي لڳو ته سندس مٿان صدمو نه صدمن جو پهاڙ ٽُٽو هجي. اڄ چاچيءَ کي ڏسڻ جي لاءِ سندس ساهري گهر مان ٻه ڇوڪريون آيون هونديون جن چاچيءَ جي سٺي نموني جاچ پڙتال ڪئي هوندي ۽ بعد ۾ چيو هوندائون ته ”اسان توهان کي پڪ ڪجهه ڏينهنن ۾ ڏينداسين“ چاچي جيڪا پنهنجي ئي گهر ۾ ڪجهه ئي ڏينهن جي مهمان آهي. کيس پنهنجي ان گهر کي ڇڏڻو آهي جنهن ۾ رهندڙ گهر ڀاتين سان هوءَ چڱي نموني واقف آهي سندن پسند ناپسند جي سٺي نموني ڄاڻ آهي. چاچيءَ کي پنهنجو گهر ڇڏي هڪ اهڙي گهر ۾ وڃڻو آهي، جتان جي رسمن رواجن کان هوءَ بلڪل اڻڄاڻ آهي، جتي کيس پنهنجي سس جا مهڻا ۽ نڻانن جا نخرا سَهڻا آهن پر تنهن هوندي به هوءَ پنهنجي پريتم جو پيار پائي چپ رهندي هڪ گونگي گانِ وانگر......
پر يار هن جي ٽائٽل ۾ توهان گونگي لفظ ڪهڙي حساب سان استعمال ڪيو آهي۔۔ توهان جي هي ڪهاڻي تمام زبردست آهي۔۔ پنهنجي لکڻين کي جاري رکجو۔۔۔۔