• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ثقافت جا دشمن او اجرڪ جا ويري

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ AZAM AFZAL
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

AZAM AFZAL

سينيئر رڪن
ثقافت جا دشمن او اجرڪ جا ويري
پوءَي پير ڪاريءَ مرئي ماءُ تنهنجي
تخيل جي اۡۡونهن سمونڍن مان اُڪري
وري ٻيڙو ٻيهر تون ٻوڙڻ ٿو چاهين
وڃي پهنجن ڏاڏن جي قبرن کي کوٽ
ڪفن جيڪي اجرڪ جا پائي ستا هن
وڃي لاھ اجرڪ انهن کان تون پڇ
گهٽا ڏئي ڳچن ۾ انهن کان تون پڇ
اجرڪ ۽ عزت ۾ ڪهڙو فرق آ
زالن ۽ مائرن ۾ ڪهڙو فرق آ
اڙي او شرابي ٻڌي ڇڏ ٻڌي ڇڏ
تون سنڌو جي اجرڪ کي ساڙي نه سگهندئن
قديمي ثقافت جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندئي
جڏهين قوم آڏو تهنجو لاش ايندو
مٿان تهنجي ڪوئي به اجرڪ نه وجهندو
ڪتا لاش تهنجو چڪن سان پٽيندا
تهنجي زخمي سوچن کي ساڙي ڇڏيندا
تون زاني شرابي ۽ ڪوڙو ڪوي آ
تون پهنجو پاڻ کي اۡجاري ن سگهندئي
تون پهنجو پاڻ کي اۡجاري ن سگهندئي (افضل قادري)
 
تمام سهڻو حب الوطني سان ڀريل خيال ۔۔۔

وو وو ڪندي وت، متان وو وسارين ۔۔۔۔

اسان سڀني جي وو وو اميد ته هڪ ڏينهن سنڌ ۽ سنڌيت جو مان مٿاهون ڪندي۔

لک قرب
 
Back
Top