• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جادوئي بٽڻ سان گڏ نئون ٽچ اسڪرين... هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
جيڪڏهن ائين چئجي ته هي ٽچ اسڪرين جو دور آهي۔۔ ته ڳالهه غلط نه هوندي۔۔۔ جيتوڻيڪ اڃان تائين مختلف موبائيل ڪمپنيون بٽڻ وارا سيٽ بنائي رهيون آهن۔۔ ان باوجود به هن وقت سڀ کان مهنگا ۽ جديد فيچرس تي مشتمل سيٽ بغير بٽڻن جي ئي آهن۔۔۔
اڪثر ماڻهون ٽچ اسڪرين سيٽن کي ئي پسند ڪرڻ لڳا آهن۔۔ ان هوندي به اڃا تائين اڪثريت بٽڻ وارا سيٽ ئي استعمال ڪري رهي آهي۔۔۔ ڇو ته اهي استعمال ۾ وڌيڪ آسان آهن۔۔۔ ان ڳالهه کي ڏسندي ڏسندي سائنسدانن ان جو به حل پيش ڪري ڇڏيو۔۔۔ Tactus Technology طرفان هڪ اهڙي ٽچ اسڪرين تي ڪم هلي رهيو آهي ۔۔ جنهن ۾ ضرورت جي وقت پاڻمرادو بٽڻ ظاهر ٿي پوندا۔۔۔ جنهن کي توهان محسوس به ڪري سگهندو ۽ عام بٽڻن وانگر زور لڳائي دٻائي به سگهندو ۔۔ ۽ جڏهن انهن جي ضرورت نه هوندي ته اهي اسڪرين جي اندر ئي جذب ٿي ويندا۔۔ بلڪل هنن تصويرن وانگر۔۔۔

slide_remote-700x320.jpg
gsmarena_001.jpg
اڙي يارو۔۔! توهان کي يقين نه ٿو اچي ڇا۔۔۔؟ ته پوءِ ٻڌو۔۔ Tactus اسڪرين دراصل Microfluidic ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي آهي۔۔ جنهن سان هي بٽڻ روايتي ڪيبورڊ وانگر جڳهه ڪونه والارين۔۔۔ بلڪه جڏهن توهان کي ڪيبورڊ استعمال ڪرڻو هجي ته اهي هڪ سيال مادي جي تهه بڻجي بٽڻن جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويندا آهن۔۔
هن ٽيڪنلاجي جي مدد سان نه صرف موبائيل فون جي بٽڻ جو خاتمو ممڪن آهي پر ٽيبليٽ ڪمپيوٽرس، ٽي وي ريموٽ، وڊيو گيمز ۽ اهي سموريون ڊيوائيسز جيڪي بٽڻن جو استعمال ڪنديون آهن انهن کي هاڻي ٽچ اسڪرين سان سينگاري سگهجي ٿو۔۔۔
Tactus Technology جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جي مطابق هي ٽيڪنالاجي سال 2013 تائين مارڪيٽ ۾ موجود هوندي ۔۔ هن حيرت ۾ وجهندڙ ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ حاضر آهي هڪ ڪارائتي وڊيو۔۔۔

 
يار لڳي ٿو اڃان خرچا وڌائيندين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بهترين شيئرنگ آهي، يقين ئي نه ٿو اچي، حيرت انگيز
 
بلڪل ادا پر اسان هن وقت تائين لوڊشيڊنگ مان ئي جان اجي نه ڪرائي سگهيا آهيون

لاجواب ونڊ ادا
 
Back
Top