ڇا بغير وضو جي ڪمپيوٽر تي..........................

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2012۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    السلام عليڪم دوستن جي خدمت ۾ هڪ سوال آهي ته ڇا بغير وضو جي ڪمپيوٽر تي قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري سگهجي ٿي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ادا عبدالغني صاحب هن مسئلي سان مان به ڪنهن وقت منجهي پيو هيس ۔ جنهن ۾ مختلف فقه جي علماءِ ڪرام سان مسئلو ونڊيندو رهيس ٿورڙي هلڪي ڦير ڦار سان باقي سڀني جي راءِ ساڳي هئي ۔ هڪ ڳاله سڀني جي مشترڪ هئي اها ته بغير وضو جي قرآن شريف جي اکرن اسماءِ حسنا تمام انبيا عليه سلام ۽ آئمه معصومين جي نالن کي اوهان ڇُهي نه ٿا سگهو ، قرآن شريف جي تلاوت جي ڏسي ڪيو ٿا ، اها نقش ٿيل ڪنهن ڪاغذ تي ديوار تي اسڪرين تي يا ڪنهن به ٻي شي تي هجي ۔ ته وضو شرط آهي ۔ پر جي ياد آهي ته بغير وضو جي پڙهي سگهو ٿا ۔ ايتريقدر جو حالت جنابت ۾ به ياد پڙهي سگهو ٿا الله سائين جي صفاتي نالن سان به مالڪ کي پُڪاري سگهو ٿا ۔ پر انبيا عليه سلام جو يا آئمه معصومين جو نالو ذِڪر نه ٿا ڪري سگهو ۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان مسئلي تي ڪنهن ڄاڻو دوست کي مدد ڪرڻ گهرجي۔ خاص ڪري مولوي رحيم بخش، افتخار چوهاڻ صاحب ۽ بشير احمد کي عرض ته حوالا ڏئي دوستن جي ۽ اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اوهانجي سوال مطابق رڳو ڪمپيوٽر تان قرآن ڏسي پڙهڻ جو ذڪر ٿيل آهي
    سو نه فقط ڪمپيوٽر تي بلڪه بنا وضو قرآن مجيد سوا پليد جاين جي جٿي ڪٿي پڙهي سگهجي ٿو ، باقي وضو جو شرط قرآن مجيد کي هٿ لائڻ سان آهي نه رڳو قرآن مجيد بلڪه جٿي به قرآن جي آيت لکيل هجي ۽ وچ ۾ حجاب نه هجي مطلب قرآن مجيد جي اکرن کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي هٿ لائڻ حرام آهي ، رهي ڳالھ ڪمپيوٽر کي هت لائڻ يا موبائيل تي يا ڪيسٽ جنهن ۾ قرآن مجيد جي تلاوت ڀريل يا وري لکيل هجي ته ان جو حڪم ڇا آهي ، جيڪر اوهان جو اهو سوال آهي ته پو جواب عنايت ڪبو انشاء الله !
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا بغير وضو جي ڪمپيوٽر تان تلاوت ڪرڻ مهل مائوس کي ته ضرور ٽچ ڪبو نه ڀلي وائر وارو مائوس هجي يا ليپ ٽاپ جو ٽچ مائوس ۔ اهو ڪرڻ جائز آهي يا نه؟
     
  6. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا وضو ڪري تلاوت ڪرڻ بهتر رهندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    لَّا یَمَسُّهٗۤ اِلَّا الْمُطَهَّرُوْنَؕ۝۷۹
    ترجمو: ان کي هٿ نه لاهيو پر با وضو جي۔ سُوره: الواقعه:۔آيت نمبر 79۔
    مسئلو:جنهن کي غسل جي حاجت هجي يا جنهن کي وضو نه هجي، يا حيض واري عورت انهن مان ڪنهن کي به قرآن مجيد کي بغير غلاف جي ڇهڻ جائز نه آهي، بي وضو واري کي ياد قرآن شريف پڙهڻ جائز آهي، پر بي غسل ۽ حيض واري کي اهو به جائز نه آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين کوڙ مفتي توهان وٽ موجود آهن جيڪڏهن اسان ڪجهه لکنداسين ته وري سوال جواب وارو سلسلو شروع ٿي ويندو ۽ ايترو وقت ڪنهن وٽ به ڪونهي جو هر سوال جو جواب ڏئي ليڪن ان جي باوجود دوستن کي عرض آهي ته ڪو به شرعي مسئلو حوالي کان سواء پيش نه ڪن ته بهتر آهي ڇوته جيڪڏهن ڪنهن ڪو پنهنجي عقل جي بنياد تي فتوى ڏئي ڇڏي ۽ اها حقيقت ۾ شرعي لحاظ سان صحيح نه آهي ته جيڪو به شخص ان جي غلط فتوى تي عمل ڪندو اهو گناه به فتوى ٻڌائيندڙ جي ذمه هوندو، جيئن محبوبن جو فرمان آهي من افتي بغير علم کان اثمه علي من افتاه ( مشڪواه شريف ص35 )۔هڪ ٻي حديث شريف آهي إن الله لايقبض العلم انتزاعا ينتزعه من الناس ولکن بقبض العلماء فإذا ذهب العلماء أتخذ الناس رءوسا جهالا فسئلوا فأفتوا بغير علم فضلوا واضلوا عن سواء السبيل (المعجم الاوسط ج6 ص277) ايضا مشڪواه شريف ص 34
    يعني علم ڪو کسجڻ جي لحاظ سان نه کسيو ويندو ليڪن عالم نه رهندا پوء ماڻهو پنهنجي جاهل رئيسن کان مسئلو پڇندا جيڪي بغير علم جي فتوي ڏيندا پوء پاڻ به گمراه ٿيندا ٻين کي به گمراه ڪندا
    اسان جا سنڌي ڀائر اڪثر ڏٺو ويو آهي ته مولوين عالمن کي ملو سڏيندا آهن انهن تي ٺٺوليون ڪندا آهن اها آهي اسان جي سنڌين جي تهذيب ۽ با اخلاق هجڻ جو ثبوت حالانڪ محبوبن جو فرمان آهي

    وإن العالم يستغفر له من في السموات ومن في الأرض والحيتان في جوف الماء وإن فضل العالم على العابد كفضل القمر ليلة البدر على سائر الكواكب وإن العلماء ورثة الأنبياء وإن الأنبياء لم يورثوا دينارا ولا درهما وإنما ورثوا العلم فمن أخذه أخذ بحظ وافر " . رواه أحمد والترمذي وأبو داود وابن ماجه والدارمي
    فضل العالم على العابد كفضلي على أدناكم " ثم قال رسول الله صلى الله عليه وسلم : " إن الله وملائكته وأهل السماوات والأرض حتى النملة في جحرها وحتى الحوت ليصلون على معلم الناس الخير " . رواه الترمذي
    فضل العالم على العابد كفضلي على أدناكم ثم تلا هذه الآية : ( إنما يخشى الله من عباده العلماء)

    وعن ابن عباس قال : قال رسول الله صلى الله عليه وسلم : " فقيه واحد أشد على الشيطان من ألف عابد " . رواه الترمذي وابن ماجه
    وعن ابن عباس قال : قال رسول الله صلى الله عليه وسلم : " من قال في القرآن برأيه فليتبوأ مقعده من النار " . وفي رواية : " من قال في القرآن بغير علم فليتبوأ مقعده من النار " رواه الترمذي

    ترجمه نه ٿو لکجي جو مضمون طويل ٿي ويندو.
    کوڙ ساريون حديثون آهن جن ۾ علماء جو شان آهي
    يا چئبو ته حديثون صحيح نه آهن استغفرالله
    يا چئبو ته اسان مسلمان به آهيون پر اسان جو پنهنجي محبوب جي فرمان تي عمل ڪونهي.
    فيصلو توهان ئي ڪيو
    علامه ثناء الله پاني پتي لکيو آهي ته الاستهزاء بالدين کفر
    يعني دين جي مسئلي کي ٺٺول بنائڻ ڪفر آهي.
    جيڪڏهن اسان مسلمان ئي پنهنجي دين سان ٺٺوليون ڪنداسين ته پوء ڇا غيرملسمان دين جي تعظيم ڪندا
    جيڪڏهن ڪو عالم ڪو غلط ڪم ڪري ته ان کي شخصي طرح غلط چئبو ڇو ته اهو به عالم هجڻ سان گڏ انسان به آهي ليڪن ان هڪ جي غلطي کي سڀني ڏانهن منسوب ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي .
    اسان وٽ عام چوڻي هوندي آهي ته حاجي ته ..............؟؟؟؟ ڇا حج ڪرڻ سان ماڻهو ۾ خراب صفتون پيدا ٿينديون آهن؟
    يعني ان جاهلانه چوڻي ته عمل ڪجي ۽ ان جي تشهيرڪجي باقي الله ۽ الله جي حبيب جي فرمان حج ڪرڻ کي ڇڏي ڏجي .

    نوٽ : هي جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي سو ڪنهن لاء به انفرادي طرح نه آهي ۽ نه ئي سارو ڪجهه هن موضوع سان وابسته آهي ليڪن ڪافي موضوع اهڙي قسم جا نظر کان گذريا انهن سڀني لآء اوهان جي خدمت ۾ هي عرض لکيو ويو آهي ته اسان سڀني کي ٻين جي غلطين جي نشاندهي ڪرڻ کان پهريان اسان پنهنجو محاسبو ڪيون. ڇوته اول اسان کان اسان جي عملن جي پڇا ٿيندي.

    مذڪوره مسئلي ۾ اسان جي دوست عبدالغني صاحب جن مسئلو پڇيو آهي ته ڇا بنا وضوء جي قرآن شريف ڪمپيوٽر تي پڙهي سگهجي ٿو يا نه؟
    ان لاء عرض ته اسان جي فقه حنفيء ۾ بنا وضوء جي قرآن شريف بنا هٿ لائڻ جي ڏسي يا ياد پڙهي سگهجي ٿو. ليڪن ان جي باوجود وضوء سان پڙهجي ته بهتر ٿيندو.
    اهڙي طرح ڪپڙي ۾ هٿ ويڙهي قرآن شريف بنا وضوء جي کڻي به سگهجي ٿو ليڪن اهو سڀ ڪجهه ضرورت جي وقت فقط جائز آهي ورنه هر صورت ۾ باوضو ٿي قرآن کي هٿ لائجي يا پڙهجي.
    ڪمپيوٽر هن دور جي ايجاد آهي ان ڪري ان مسئلي کي ڪتابن ۾ ته ڪو نه ٿو ڳولي سگهجي فقط ڪتابي مسئلن جي مناسبت سان سمجهي قياس ڪري سگهجي ٿو
    پوء جيئن ڪپڙي سان هٿ لائڻ جائز آهي تيئن ڪمپيوٽر جي اسڪرين به هٿ لاء پردو آهي مائوس وغيره سڀ پرده جي شڪل ۾ آهن ان ڪري ڪمپيوٽر تي قرآن شريف به بنا وضوء جي پڙهڻ جي اجازت بوقت ضرورت ٿي سگهي ٿي ورنه احترام ۽ ادب ته وضوء ۾ آهي. اسان جي هڪ دوست لکيو آهي ته قران جنابت جي حالت ۾ پڙهي سگهجي ٿو ان لاء عرض آهي ته اسان جي فقه ۾ جنابت جي حالت ۾ ۽ عورت حيض جي حالت ۾ هجي ته انهن لاء هي ڪم نا جائز آهن:
    قرآن کي هٿ لائڻ ، قرآن شريف پڙهڻ، طواف ڪرڻ مسجد ۾ داخل ٿيڻ، وغيره
    حوالو معدن الحقائق شرح ڪنز الدقائق.صفحه 106 ، 107
    ان کان علاوه ترمذي ، ابن ماجه ، بيهقي شريف ۾ محبوبن جو فرمان آهي ته حائضه ۽ جنبي قرآن شريف نه ٿا پڙهي سگهن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين رحيم بخش صاحب لک ٿورا ، اوهان تفصيل سان وضاحت ڪئي۔

    ڪنهن به ديني مسئلي تي پاڻ انڪري بحث ناهيون ڪندا ۽ نه ئي وري فتوا ڏيندا آهيون ڇو ته گهڻي ڄاڻ ناهي۔ اسان هميشهه اهڙي صورت ۾ علم جي ڄاڻو دوستن کان ئي صلاح ۽ رهنمائي ورتي آهي۔ مان پڻ هن ليک ۾ جواب ڏيڻ ۽ رهنمائي لاء اوهان دوستن ڏانهن واجهائي رهيو هوس۔

    اميد ته اوهان جي رهنمائي اسان لاء آسانيون پيدا ڪندي رهندي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سائين الله پاڪ اوهانکي ڀلو اجر عطا فرمائي ۔مالڪ سائين اوهانجي علم ۽ ايمان ۾ اضافو فرمائي ، لک لائق
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو