196 اٽيچمينٽ ڏسو هن عظم شاعر ۽ ليکڪ جو اڻ ڇپيل مواد، ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻي. سنڌ جو وارياسو علائقو ”ٿر“ پنهنجي هڪ علمي، ادبي ۽ تاريخي سڃاڻپ رکي ٿو. علم ۽ ادب جي حوالي سان ٿر هڪ وسيع خطو آهي. سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ٿر جي اديبن، شاعرن، محققن سنڌي ادب ۽ ٻولي جي ترقي ۽ اوسر لاءِ پنهنجو لاڀائتو ڪم ڪيو آهي. ٿر جي مٽيءَ علم ۽ ادب جي حوالي سان زرخيز رهي آهي. محمد عثمان ڏيپلائي، اُستاد رائچند راٺوڙ، عبدالقادر جوڻيجو، ولي رام ولڀ، مگهارام اوجها، سهيل سانگي، الهداد جنجهي، غلام محمد جنجهي، سائينداد ساند، محمد هنڱورجو ۽ ٻين اديبن، شاعرن، صحافين سنڌي ادب جي ترقي لاءِ پاڻ ملهايو آهي. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هونءَ ته اسان وٽ ادب ۽ شاعري جي حوالي سان تمام وڏا نالا آهن، جن سنڌي ادب ۽ ٻولي جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، پر ٿرپارڪر جي ڳوٺ وڪڙيو ۾ 1921ع ۾ جنم وٺندڙ غلام محمد جنجهي هڪ يگانو ڪردار هو، جيڪو گمنامي جي عالم ۾ سنڌ کي ادب جي حوالي سان ناياب ڪتاب ۽ شاهڪار ادب ڏئي ويو. سنڌ ۾ علم ۽ ادب جي حوالي سان اهڙا گهٽ ماڻهو ملندا، جيڪي هڪ ئي وقت مختلف علمن ۾ دسترس رکندڙ هجن، پر سائين غلام محمد جنجهي سنڌ جو گهڻ رخي شخصيت هو، جيڪو هڪ ئي وقت شاعر هو ته هو تاريخ، اينٿرا پالاجي، فلڪيات جاگرافي ۽ طب جي به پاڻ ڄاڻ رکندڙ هو. هُن سير سفر ڪندي ننڍي کنڊ جي مُني کن علائقي جو سنئون سڌو مشاهدو ماڻهو. سنڌي جا ٻه درجا، گجراتي ۽ هندي ۾ فائنل پاس ڪندڙ سائين غلام محمد جنجهي کي هندي، سنڌي، اردو، فارسي، انگريزي، ڍاٽڪي ۽ پارڪري زبانن تي عُبور حاصل هو. غلام محمد جنجهي جواني کان سياست ۾ حصو پڻ ورتو. قائداعظم محمد علي جناح، گانڌي، غلام محمد ڀرڳڙي، پير غلام مجدد سرهندي، سيد ابوالا علي مودود ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙن عظيم اڳواڻن ۽ ليڊرن سان ملاقاتون ڪندڙ هن شخص جي سياست ۾ محور غريب ماڻهن جي بنا امتياز جي خدمت ڪرڻ هو ۽ هن پنهنجي زندگي جي 90 سالا سفر ۾ سياست ۾ خدمت ڪرڻ وارو اُهو جذبو نڀايو. غلام محمد جنجهي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو اُملهه ڪردار هو جنهن وٽ علم، ادب، سياست ۽ تاريخ جي حوالي سان وٽس وڏو خزانو موجود هو. علم، ادب ۽ شاعري جي حوالي سان هن جو ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مواد اسان وٽ امانت آهي. تازو ڪويتا پبليڪيشن طرفان سائين غلام محمد جنجهي جي شاعري جو هڪ ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال کي“ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. سندس شاعري جو هي ڪتاب سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب آهي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ ڪتاب ۾ نجي سنڌي ٻولي کي بهتر انداز سان شاعري کي پيش ڪيو ويو آهي. هونءَ ته شاعري خوبصورت احساسن ۽ جذبن جو اظهار جو ٻيو نالو آهي، پر غلام محمد جنجهي پنهنجي ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال کي“ ۾ جيڪا شاعري ڪئي آهي، اها شاعري گهري مطالعي ۽ مشاهدي جي بنياد تي ڪئي آهي. سندس شاعري ۾ جيڪا نواڻ آهي، اُها هي آهي ته شاعري جا سمورا ڀاڱا مختلف سُرن ۾ ترتيب ڏنل آهن. هن ڪتاب سُر آسا، سُر ڪلياڻ، سُر رامڪلي، سُر مارئي، سُر سامونڊي، سُر سسئي، سُر ليليٰ چنيسر، سُر سهڻي کي اهڙي خوبصورت انداز ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي جو پڙهڻ سان شاعري ۾ نج سنڌي ٻولي هجڻ جو احساس جاڳي ٿو. سُر مارئي ۾ غلام محمد جنجهي جي ڪيل شاعري ٿر جي پسمنظر کي نروار ڪري ٿي. سندس شاعري ۾ ٿر جي وسڪارن جا احوال ملن ٿا ته مارو ماڻهن جي ڏکن ڏولارن جي عڪاسي پڻ ٿيل آهي. سُر مارئي جا ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا. اوسيئڙي ۾ آهيان، عمر اباڻن، پهون پاهيون آئيون، وري وٿاڻن، مون کي ماروئڙن، مڪو ڏوراپو ڏيهه مان. ماروئڙا ملير ۾ کائن ٻگري جي ٻاٽي پيئن جهڻ جنهن مٿان، گهمري سان گهاٽي، ڪُل ائين ڪاٽي، عمر اباڻن سومرا. عُمر ماروئڙن جا، ڀونگا ۽ ڀيڻيون، رهن اُتي راڄ ڪيو، سي ٿانيڪا ٿوڻيون، ڪن روڙيون رهاڻيون، ماروئڙا ملير ۾. ٿر ۾ مارئي جي حب الوطني جي عظيم ڪردار کي هن شاعر پنهنجي شاعري ۾ نهايت ئي خوبصورت انداز سان پيش ڪيو آهي. سُر مارئي ۾ مٿي ذڪر ڪيل بيت ٿر جي مارو ماڻهن جي دردن جي داستانن کي ظاهر ڪن ٿا. ٿر جي مارو ماڻهن جي کاڌ خوراڪ، لذيذ کاڌن، رهڻي ڪهڻي کي سائين غلام محمد جنجهي نهايت سادگي سان اظهاريو آهي. ٿر جي مارو ماڻهن جي سادگي، مهمان نوازي ۽ رهڻي ڪهڻي کي غلام محمد جنجهي ڪجهه هن ريت پڻ پيش ڪيو آهي ته: ماروئڙا ملير ۾، ڪڍن ڏينهن ڪاپي، اچي اويرا مال مان، پيئن جهڻ جهاپي، لُلُر جي لاپي، ڏوٿي ڪاٽين ڏينهڙان. غلام محمد جنجهي جي شاعري ۾ سنڌي ٻولي جو خوبصورت تسلسل پڻ شامل آهي. هن پنهنجي شاعري ۾ جتي ٿر جي پسمنظر کي اظهاريو آهي ته ساڳي ريت شاعري ۾ هن مارئي جو عمر سومري جي ڪوٽ ۾ قيد هجڻ جي منظرن کي پڻ پنهنجي شاعري ۾ چٿيو آهي. هڪ هند سائين غلام محمد چيو آهي ته: سي سُک نه ويهنديون، جن جا رهن منجهه ريٽن، ڇيلا جتي ڇيڪ چرن، وانگي منجهه واٽن، پکا پريت ڀريا، پڌرا منجهه پوٺن، سي ڪيئن منجهه ڪوٽن، سک وهنديون سُومرا. داتا سڀ دور ڪر، منجهان ڏيهه ڏُڪار، ٿين سدا ٿر مٿي، مينهن ميگهه ملار، پکي رهون پنهنجي، چاري ڌڻ ڌڻار، کٽين کرا کوڙيون، آنن جا انبار، گهاريون غلام محمد چئي، آسودا اڀار اسان سڀ پنهوار، گهُرج گهُرون ٿا ايتري. غلام محمد جنجهي جي شاعري جا رنگ ٿر جي فطرت سان هم ڪلام آهن. سندس شاعري ۾ ٿر جي وسڪاري جي مند جا سمورا فڪري رنگ سمايل آهن ته سندس شاعري ۾ سادي سلوئي ٻولي آهي، جنهن کي هر ماڻهو آساني سان پڙهي سگهي ٿو. هن جي شاعري جو مجموعو بيتن، واين، ڪلامن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. سندس شاعري جي انڊلٺي رنگن سنڌي ٻولي جي حُسناڪي ۾ اضافو ڪيو آهي. ويجهڙ ماضي ۾ سنڌ جي مارڪيٽ ۾ ڪو اهڙو ڪتاب نه ڇپيو آهي جيڪو غلام محمد جي شاعري جيان مختلف سُرن ۾ ورهايل هجي يا جنهن جي شاعري ۾ غلام محمد جنجهي جهڙي شاعري جهڙو رڌم يا تسلسل هجي. سن 1934ع کان شاعري ڪندڙ غلام محمد جنجهي پنهنجن، اُصولن ۽ آدرشن ۾ هڪ اڏول ڪردار هو. هن پنهنجي سيني ۾ سنڌ جي هڪ تاريخ سانڍي رکي هئي. پنهنجي زندگي جي 90 سالن جي سفر ۾ هن پنهنجي زندگي جا تمام گهڻا مشاهدا ڪيا ۽ پنهنجي زندگي کي هڪ بهتر انداز ۾ گذاريو. هو پنهنجي ڪردار ۾ هڪ خود دار شاعر ۽ اُملهه انسان هو. سائين غلام محمد جنجهي جي فرزند ۽ ناليواري اديب نور احمد جنجهي کي جس هجي، جنهن سائين غلام محمد جنجهي جو مواد گڏ ڪري هڪ شعري مجموعو ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو. سائين غلام محمد جنجهي 16 جون 2010ع تي وفات ڪئي، پر سندس شاعري جو هي مجموعو ”ويجها ٿيا وصال کي“ سنڌي ادب ۾ هڪ ناياب ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. سنڌ جي نئين ٽهي جي لاءِ هي ڪتاب رهنمائي ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو موزون ۽ شاهڪار ڪتاب آهي. سنڌ جي ثقافت کاتي کي گهرجي ته هو سنڌ جي هن عظم شاعر ۽ ليکڪ جو اڻ ڇپيل مواد، ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻي.
ماروئڙا ملير ۾، ڪڍن ڏينهن ڪاپي، اچي اويرا مال مان، پيئن جهڻ جهاپي، لُلُر جي لاپي، ڏوٿي ڪاٽين ڏينهڙان. بهترين ليک ، سنڌ جي سڄڻ ۽ ٿر جي ڀلوڙ شخصيت تي ونڊ ڪيل هي ليک ۽ سندس ڪتاب مان چونڊ شاعري به بهترين ۽ لاجواب آهي۔ سندس شاعريء ۾ ٿر جي سونهن ۽ فطرت نمايان آهي۔