• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوڪيا ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجو سستو ترين موبائيل فون متعارف ڪرائي ڇڏيو..

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نوڪيا پاڪستان ۾ سڀ کان مشهور ۽ قابلِ اعتبار موبائيل فون ڪمپني طور سڃاتي وڃي ٿي۔۔ پر گذريل ڪجهه سالن کان ٻين ڪمپنين جهڙوڪ سام سنگ ۽ سستي چائينيز موبائيل فونز جي مارڪيٽ ۾ اچڻ سان نوڪيا فونز جي خريدڻ ۾ گهٽتائي نوٽ ڪئي وئي آهي۔۔
جنهن کي محسوس ڪندي نوڪيا ڪمپني پنهنجي مقبوليت کي برقرار رکڻ جي سر ٽوڙ ڪوشش ڪري رهي آهي۔۔ ان حوالي سان تازو ئي نوڪيا ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجو سستو ترين موبائيل فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي۔۔ هي آهي نوڪيا 103 جنهن جي قيمت رڳو 1500 روپيا آهي۔۔۔

103-body-style.jpg

نوڪيا جي مطابق هي سيٽ انهن ماڻهن کي وڌيڪ فائدو ڏيندو جيڪي موبائيل فون ته رکڻ چاهين ٿا پر انهن جي بجٽ کين اجازت نه ٿي ڏئي۔۔ ته اهي موبائيل فون خريد ڪري سگهن۔۔۔ هن سيٽ جي خصوصيتن ۾ شامل آهن۔۔۔
ٽارچ لائيٽ، ايف ايم ريڊيو، ايم پي ٿري رنگ ٽونز، گيمز ۽ اسپيڪنگ ڪلاڪ وغيره ۽ انهن سڀني خوبين سميت سڀ کان اهم خوبي آهي هن جي بيٽري ٽائيمنگ ۔۔۔۔


ته پوءِ فقير دوستن کي هڪ دفعو وري اڳتي وڌڻ جي صلاح ڏجي ٿي۔۔۔ :)
 
اصل واه واه ٿي وئي۔ اوهان لکيو آهي:

نوڪيا جي مطابق هي سيٽ انهن ماڻهن کي وڌيڪ فائدو ڏيندو جيڪي موبائيل فون ته رکڻ چاهين ٿا پر انهن جي بجٽ کين اجازت نه ٿي ڏئي۔۔ ته اهي موبائيل فون خريد ڪري سگهن۔۔۔

پر مان سمجهان ٿو ته ان بجاء هي لکو ها ته بهتر هو :

نوڪيا جي مطابق هي سيٽ انهن ماڻهن کي وڌيڪ فائدو ڏيندو جيڪي سٺو موبائيل کڻي ڪراچي يا ٻين علائقن ۾ گهمي ڦري نه ٿا سگهن۔ ڇو ته اتي هر وقت موبائيل کسجڻ جو ڊپ رهي ٿو۔ اهڙن دوستن لاء هي موبائيل سستي هجڻ ڪري گهڻي ڪارائتي آهي۔
 
پر مان سمجهان ٿو ته ان بجاء هي لکو ها ته بهتر هو :

نوڪيا جي مطابق هي سيٽ انهن ماڻهن کي وڌيڪ فائدو ڏيندو جيڪي سٺو موبائيل کڻي ڪراچي يا ٻين علائقن ۾ گهمي ڦري نه ٿا سگهن۔ ڇو ته اتي هر وقت موبائيل کسجڻ جو ڊپ رهي ٿو۔ اهڙن دوستن لاء هي موبائيل سستي هجڻ ڪري گهڻي ڪارائتي آهي۔

يار سليمان اصل حقيقت بيان ڪيؤ۔ ڪراچي ۾ سٺي موبائيل رکڻ ويل۔ اسان جي هڪ ڪوليگ جيڪا لائبريرين آهي۔ ڊيلي چوي ادا اوهان فلاڻي ڀلي موبائيل ڇو نه ٿا وٺو۔ مائي جا ڪم اهي ته فوٽو ڪڍڻ لاءِ نوڪيا 5233 ۽ ڪال لاءِ نوڪيا N سيريز هجيس۔ خير اڄ صبح ئي سوني منڊي سميت ڪيش ۽ موبائيل G3 واري روڊ تان ڦُرجي ويس۔

وٺان مان ۽ ڪم توهان جي اچي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اها به واه جي ڳالهه چئجي

نه ته اهو مونکي وٺي ڏيڻو پندو باَقي ٻيو ته توهان وٺندا ڪون ان ڪري اهو ئي وٺي ڇڏيو

يار هاڻي ته وٺي ڇڏيائين۔ هاڻي ته نه چئوس۔ بلڪه سليمان ج ريس ۾ ڀلي موبائيل جنهن ۾۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔

نه نه بس وڌيڪ نه ٿو لکان۔ متان ڦورو زين فورو اچڻ بعد سنڌ سلامت جا پوسٽ به پڙهندا هجن۔ ۽ ذيشان رشيد کان به ڦُري وڃ۔ فون ته هوئن ئي اٽينڊ نه ٿو ڪري۔ سندس نمبر تي رِنگ وڃي ٿي اهو ٻڌي به خوشي ٿيندي آهي۔ متان انهي کان به وڃون۔
 
ادا امتياز علي ڀچو(سمير سنڌي) اوهان 2012ع جي پوسٽ تي ڪم ڪمينٽ ڪيو آھي هن وقت مارڪيٽ ۾ اهو سيٽ موجود ئي ڪونهي.
 
Back
Top