هڪ همراه رنگ برنگي ڦوڪڻا کپائي گذر سفر ڪندو هوندو۔۔۔ سندس ڦوڪڻن ۾ نيرا، ساوا ۽ ڦڪا ڦوڪڻا شامل هوندا هئا۔۔۔ هُو جڏهن به محسوس ڪندو هو ته ڌنڌو گهٽجڻ لڳو آهي ته هو هڪ هيليم گيس سان ڀريل ڦوڪڻي کي هوا ۾ ڇڏي ڏيندو هو۔۔۔ جڏهن ٻار ان ڦوڪڻي کي هوا ۾ اڏرندي ڏسندا هئا ته اهو ان همراه کان ڦوڪڻا خريد ڪرڻ لاءِ ڊوڙي ايندا هئا۔۔۔ اهڙي طرح همراهه جو ڌنڌو ٻيهر چمڪي پوندو هو۔۔۔ همراه سمورو ڏينهن بس اهو ئي ڪم ڪندو هو۔۔۔ هڪ ڏينهن هن محسوس ڪيو جهڙوڪ ڪير سندس قميص ڇڪيندو هجي۔۔۔ هن فري پويان ڏٺو ته کيس هڪ ننڍڙو ٻار نظر آيو جنهن کيس چيو ۔۔۔ ”جيڪڏهن توهان ڪاري رنگ وارو ڦوڪڻو به هوا ۾ ڇڏيو ته اهو اڏرندو۔۔۔؟“ همراهه جواب ڏنو۔۔۔ ”پٽ۔۔! اهو ڪو رنگ ناهي بلڪه اها ڦوڪڻي جي اندر موجود گيس آهي جيڪا ڦوڪڻي کي اڏاريندي آهي۔۔۔“ سبق: اسان جي زندگي جو مثال به ان ڦوڪڻي وانگر آهي۔۔۔ اسان جي اندر اهو ڀلو ڪردار ئي آهي جيڪو اسان جي زندگي کي اوچو بڻائي ٿو۔۔۔
بيشڪ ڪردار ۽ رويا ئي اصل انسان جي سڃاڻ ٿين ٿا ۔۔۔ پاڻ انسان هڪ گوشت جو ٽڪر آهي، هڪ جانور آهي پر انجو ڪردار ۽ رويو ئي کيس انسان بڻائي ٿو ۽ هو سماج ۽ معاشري ۾ سڃاتو وڃي ٿو۔۔۔ ٿورن لفظن ۾ وڏي ڳالهه