سنڌ جي انتهائي پياري شاعر امداد سهتو جي تصويرن ۽ منظرن سان سينگاريل شاعري ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ۾ سهيڙي اٿم۔۔ انهي سلسلي جو پهريون ڪتاب حاضر آهي۔۔

ادا سليمان هي سلسلو تقريبن 9 يا 10 ڪتابن تي مشتمل آهي ڇا ڪاڻ ته تصويرون ۽ شاعري گهڻي هجڻ ڪري هڪ ٻن ڪتابن ۾ انهي ڪتاب کي پوئڻ مشڪل هئو۔۔ ڪتاب جي سائيز وڌي ويندي ۽ کلڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳائيندو۔
ٻي ڳالهه ته مون سوچيو هئو ته هر ڪتاب لاء وقتن فوقتن الڳ الڳ ٿريڊ (تحرير) ٺاهجي ها۔۔ شايد اهو خيال اوهان کي نه وڻيو جو اوهان منهنجي ٻن تحريرن کي هڪ تحرير ۾ مٽائي ڇڏيو آهي۔۔
ٽين ڳاله ته هي ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري ڏسڻ ۾ ئي سٺو لڳندو جو گوگل ڊاڪس ۾ تصويرون ٺيڪ نه ٿيون لڳن۔۔
وڌيڪ اوهان جي رهنمائي جو انتظار اٿم۔