شال تنهنجي ئي ڪُک مان پيو هر هر ڄمانکير تنهنجو پيان، وير تنهنجو وٺان۔چوڏهين چٽي ڀائيان سنڌڙي تهنهنجي سونهنڀٽ ڌڻي جي ڀون شل ڪوسو وا نه سنڀرين۔ منهنجي جيجل سنڌ جي عظمت ۾ چيل هي سٽون اسان جي جوش ۽ جذبن کي رُڪ جيان مظبوط بڻائن ٿيون، تاجل بيوس اهي مٿيون سٽون نه جوڙي ها ته هوند سنڌ جي ايڏي وڏي عظمت واري سونهن بابت ڪا ڪل ئي نه پوي ها، جنهن لکيو ته هڪڙو قلم ۽ هڪڙو مان، ڪئين پورو پوان، ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان۔ اسان سڀ سڄاڻ سنڌي سڀ ڏات ڌڻي پنهنجي شعور جي خزانن مان اڻ ميا ڪتاب لکون، تحريرون جوڙيون پر شايد اهي به منهنجي جيجل سنڌ جي سونهن ۽ سندرتا جي عظمت کي پوري ريت بيان نه ڪري سگهون، ڇو ته سنڌ جي سندرتا جو ڪو به هڪڙو پهلو نه آهي، سنڌ جي سندرتا جا ڪيترائي اڻ ميا روپ آهن، توهان ۽ اسين ڪهڙا لکي ڪهڙا لکندا سين۔۔۔مان سمجهان ٿو ته ڪو به ڏاهو اهو دعوى ڪري ئي نه ٿو سگهي ته ڪو مان سنڌ جي سونهن کي هڪ روپ ۾ بيان ڪري سگهان ٿو، ممڪن ئي ڪونهي، پر ها اهو ڏاهو اهڙو ڪجهه ضرور لکي يا چئي ويندو جنهن مان سنڌ جي مهانتا ويتر سهڻي ٿي پوندي۔ جئين مهنجي مرشد لطيف فرمايو آهي ته۔سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين۔
چوڪنڊي قبرستان جيڪو ڪراچي ۾ ئي آهي، اتي تاجل بيوس دفن آهي ۽ سندس قبر تي اها شاعري به اڪريل اٿس ۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ سان ڪيل وچن سندس هن شاعريء مان نمايان آهي۔