مائي بختاور شهيد کي ڀيٽا لاء سچل ڳوٺ ۾ تقريب

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مائي بختاور شهيد کي ڀيٽا لاء سچل ڳوٺ ۾ تقريب


    رپورٽ : محمد سليمان وساڻ

    سنڌ جي سورمي مائي بختاور شهيد جي ورسيء جي مناسبت سان سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ سنڌ عورت تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ پاران 65 هين ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي. هن تقريب جي صدارت جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو ڪئي جڏهن ته خاص مهمان عورت فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر مهناز رحمان هئي. رات دير تائين هلندڙ ورسيء جي پروگرام ۾ سوين عورتن، مردن ۽ ٻارن شرڪت ڪئي. هي تقريب ٻن نشستن تي مشتمل هئي پهرين نشست ۾ مائي بختاور شهيد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء تقريرون ٿيون جڏهن ته ٻي نشست ۾ مشهور آرٽسٽ شيما ڪرماني جي نگراني ۾ مائي بختاور جي زندگيء ۽ جدوجهد تي تيار ڪيل هڪ ناٽڪ پيش ڪيو ويو.

    صدارتي تقرير ڪندي عبدالخالق جوڻيجي چيو ته مائي بختاور جو ڪردار اسان لاء اتساهه جو سبب هجڻ سان گڏ جدوجهد لاء بهترين مثال پڻ آهي. سنڌ ٻه طرفي ظلم ۽ جبر جو شڪار آهي. هڪ طرف ڌاريا ماڻهو سنڌ تي قبضو ڪندا پيا وڃن ته ٻئي طرف سنڌ جا وڏيرا ۽ جاگيردار دلالي وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. مائي بختاور جي ويڙهه هڪ ئي وقت ٻنهي قسمن جي جبر خلاف هئي. هن چيو ته جنهن قوم جون ڌيئر بختاور لاشاري ۽ غزالا صديقي جهڙيون هجن ان قوم کي گهڻي وقت تائين غلام رکي نه ٿو سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته قومي تحريڪ جو هڪ نئون مرحلو شروع ڪيون، جنهن ۾ قومي ڪارڪنن ۽ سنڌي عوام جي وچ ۾ رشتو خوف وارو نه بلڪ محبت ۽ اعتماد وارو هجڻ گهرجي. قومي تحريڪ هڪ خاندان وانگر هجي جنهن ۾ سڀني ڀاتين جو صلاح مشورو شامل هجي. هن سنڌ جي ورهاست واري مطالبن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اهو پڻ چيو ته جڏهن سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ٿئي ٿي ته حڪمرانن سميت انتظاميه خاموشي اختيار ڪندي چوي ٿي ته اهو سڀ ٿيندو رهندو آهي پر ياد رکڻ گهرجي ته ان جي موٽ ۾ پاڪستان جي ورهاست جي گهر به ٿيندي ، ڇا پوء حڪمران خاموش ٿي ويهندا ؟

    پروگرام جي خاص مهمان مهناز رحمان چيو ته مائي بختاور کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ٿيندڙ تقريب ۾ هيڏي وڏي تعداد ۾ عورتن ۽ ٻارن جي شرڪت تي مونکي گهڻي خوشي ٿي آهي. هن عورتن کي مخطب ٿيندي چيو ته سنڌ جي بهتر مستقبل لاء ٻارن جي صحيح تربيت ڪيو ۽ انهن کي مائي بختاور جهڙن قومي ڪردارن کان با خبر رکو.

    جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي رابطه سيڪريٽري عبدالڪريم چانڊيو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مائي بختاور جهڙن ڪردارن تي اسان کي فخر آهي ۽ سنڌ جي بقا لاء مستقبل ۾ ڪراچي اسان جي جدوجهد جو مرڪز هوندو. هن چيو ته ڪراچي جي باشعور سنڌي ماڻهن کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي قومي ۽ ادبي سرگرميون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. سچل ڳوٺ جي مشهور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ تاج محمد وساڻ چيو ته هيڏا وڏا ميڙ ۽ عورتن جي شرڪت ڏسي مونکي يقين ٿي ويو آهي ته سنڌ جو مستقبل روشن آهي. هن چيو ته مائي بختاور شهيد جي جدوجهد شاهه عنايت شهيد جي نعري جو کيڙي سو کائي جو تسلسل هئي ۽ اها جدوجهد شهيد غزاله صديقي جي شهادت تائين جاري آهي ۽ اڳتي به رهندي.

    سنڌ عورت تحريڪ جي اڳواڻ سعيده چانڊيو چيو ته سنڌ جي حقن جي جدوجهد ۾ سنڌ جون عورتون ماضي وانگر مستقبل ۾ به مردن سان هر قدم تي ساٿ نڀائينديون رهنديون. ان موقعي تي سلميٰ جوڻيجو، سڀيتا چانڊيو، اقره راٺوڙ ۽ ٻين پڻ تقريرون ڪيون.

    آخر ۾ سنڌ جي سورمي مائي بختاور شهيد جي زندگيء تي ٺهيل ناٽڪ پڻ پيش ڪيو ويو جنهن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. هي ناٽڪ مشهور آرٽسٽ شيما ڪرماني جي نگراني ۽ ڪليم دراني جي ڊائريڪشن ۾ تيار ڪيل هو. پروگرام جي پڄاڻي سنڌ کي سلام ٽيبلو ذريعي ٿي.

    سنڌ جو ترانو پيش ڪيو پيو وڃي​
    [​IMG]
    عبدالخالق جوڻيجو تقرير ڪندي​
    [​IMG]
    مهناز رحمان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي​
    [​IMG]
    عبدالڪريم چانڊيو​
    [​IMG]
    تاج محمد وساڻ​
    [​IMG]
    سعيده چانڊيو​
    [​IMG]
    سلمى جوڻيجو​
    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هن پروگرام جي رپورٽنگ ڪرڻ لا محترم محمد سليمان وساڻ جو مان ٿورائتو آهيان،اميد ته آئينده به قومي ڪارڪنن سان اهڙي طرح سهڪاري رهندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ابا ايڏا واندا به ناهيون پر پوء به هل چري يارن سان ڪهڙا ليکا
     
  4. ميب

    ميب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2012
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين وساڻ صاحب سدا سلامت رهو ۽ ايترا به توهان چريا ناهيو، جيڪو توهان کي چريو سمجهي اهو پاڻ چريو هوندو، ماشا الله توهان ڪافي محنت پيا ڪيو ۽ توهان جي تحرير، تحقيق ۽ تخليق ۾ وڏي جان هوندي آهي اسان جي دعا آهي ته توهان ان عمل ۾ وڌيڪ سگهارا ٿيو۔ مان في الحال لکڻ پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي جنهن جو مون کي انتهائي ڏک به ٿيندو آهي پر آ ڇا ڪيان جنهن لا آ سڀني پڙهندڙ دوستن کان معذرت ٿو چاهيان۔ سائين منهنجي روزگار جا سمورا رستا بند ٿي چڪا هئا، سرڪاري ملازمت ڪورٽ جي واضع فيصلي کان پو به بحال نه ٿي، منهنجي ملازمت جنهن وزارت هيٺ اچي ٿي حڪومت اتي وڏو ڪاريهر نانگ ويهاري ڇڏيو آهي جنهن جو نالو آهي بابر غوري جيڪو سڀني سنڌي ملازمن کي وڏي ڦڻ ڪڍيو ڏنگي پيو۔ جيڪڏهن آ لکڻ پڙهڻ جو ڪم جاري پيو رکان ته ان مان مون کي ٽڪو به آمدني نه پئي ملي، دوستن احبابن پاران واهه واهه جا پيغام موبائيل ۽ اي ميل ذريعي ملن پيا پر منهنجي گهر ۾ سبزي به نه هجي ته اها واهه واهه ڪهڙي ڪم جي۔ آ مجبور ٿي اي ايف يو لائيف انشورنس ڪمپني جوائن ڪئي جنهن مان مون کي هاڻي ايتري آمدني ملي رهي آهي ته مان ان مان سبزي آساني سان خريد ڪري سگهان ٿو۔ باقي دل جون ڳالهيون توهان سان روبرو اگر زندگي رهي ته، منهنجي لا دعا ڪندا، اوهان جي سر بخت جو خير۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين !
    ميب ،توهان جي روزگار جي باري ۾ ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو،اهي ڪاريهر ۽ کپر نانگ اسان جي سستي، لاپرواهي ۽ لاتعلقيءِ جي ڪري اسان جي روزگار واري ادارن ۽ ذريعن تي قابض ٿي ويا آهن،اسان اڃان به اک نه پٽي ته پوءِ گھڻي دير ٿي ويندي ۽ اسان ڀيلن ۽ باگڙين وانگر وٽو ۽ لٺ هٿن ۾ کنيون وتنداسين پيا پنندا ۔محمد سليمان وساڻ شاهد آهي ته پروفيسر اين ڊي خان هڪ وڏي ميڙ ۾ پاڻ چيو ته ،هو 1962 ع ۾ پاڪستان ۾ آيو هتي اچي نوڪري ڪيائين، پوءِ سياست ۾ حصو ورتائين ۽ وڏا عهدا ماڻيائين ۔اهڙا کوڙ سارا مثال آهن ۔
    جيڪڏهين هن وقت به اسان پنهنجي قسمت جي فيصلن ڪرڻ لاءِ سنڌ کي آزاد نه ڪرايو ته پوءِ اسن جو الله واهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو