ڍاٽڪي ٻولي ڍاٽڪي يا ڍاٽي يا ڍٽ جي ٻولي جيڪا خاص ڪري ٿري علائقي ڍٽ ۽ عام طور سان سنڌ جي ٿر سان لاڳاپيل علائقن ۾ رهندڙ ال ڍٽ يا ٿر جا ماڻهون ڳالهائيندا آهن کي ڍٽڪي ٻولي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي،هي ڪا الڳ ٻولي نه آهي پر سنڌي ٻولي جو هڪ محاورو آهي جيئن سريلو،وچولو،لاڙي،ٿري،لاسي،۽ ڪڇي ۔هن کي کاهوڙي ٻولي به چئبو آهي۔ ڍاٽ يا کاهوڙ ٿر يا ريگستان جي هڪ علائقي يا حصي جو نالو آهي۔ٿر جا ٽي حصا آهن،جنهن مان هڪ ڍاٽ يا کاهوڙ يعني مٿانهون حصو،ٻيو مهراڻو جيڪو عمر ڪوٽ سان لاڳو آهي ۽ ٽيون حصو پارڪرآهي۔شاه عبدالطيف ڀٽائي جن فرمايو آهي:_ ڍٽ ڍري پٽ پيون پاسي پارڪر جيئن ته ٿر کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي ،انهي حساب سان ٿر ۾ ڳالهائين ويندڙ ٻولي جي لهجي يا ٻولي جا وري ٽي ننڍا ننڍا لهجا آهن۔کائر يا کاهوڙ وارو حصو هندستان جي ويجهو آهي،تنهنڪري کاهوڙڪي لهجي تي اتان جو اثر وڌيڪ آهي۔جڏهن ته مهراڻو وارو حصو سنڌ جي ميداني علائقي کي تمام ويجهو آهي،تنهنڪري مهراڻي جي ٻولي يا لهجي تي وري سنڌي جو تمام گهڻو اثر آهي۔پارڪر وارو علائقو گجرات کي ويجهو آهي ان ڪري پارڪري لهجي تي وري گجراتيء اثر آهي۔ جڏهن ته ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائيندڙ وري انهن ٽنهي لهجن کاهوڙڪي،مهراڻڪي ۽ پارڪري لهجن کي به ٻوليون سڏين ٿا۔حقيقت ۾ ٿر جي ٻولي جي انهن لهجن ۾ به گهڻو فرق آهي۔انهيء کانسواء ٿر ۾ رهندڙ قومن يا قبيلين جي ٻولي جي لهجن ۾ پڻ فرق آهي،جيئن کاهوڙ ۾ رهندڙ هندن ۽ مسلمانن جي لهجي ۾ فرق آهي۔جڏهن ته هندن ۾ وري واڻين،ٺاڪرن،ڀيلن،ميگهواڙن ۽ ريٻارين جي لهجي ۾ پڻ وڏو فرق آهي۔اهڙي نموني مهراڻي واري علائقي ۾ رهندڙ مختلف قومن ۽ قبيلين جي لهجي ۾ به وڏو فرق آهي ۽ پارڪر ۾ آباد جدا جدا ذاتين جي لهجي ۾ به گهڻو فرق آهي۔سنڌي ٻولي ۽ ٿري ڍاٽڪي محاوري جي وچ ۾ سٺ سيڪڙولفظن جي هڪجهڙائي آهي۔سنڌي ۽ راجستاني ڍاٽڪي محاوري ۾ اڻونجها سيڪڙو، ماروڙي ۽ ڍاٽڪي محاوري ۾ ٽياسي سيڪڙو هڪجهڙائي،ماروڙي ۽ راجستاني ڍاٽڪي ۾ اسي سيڪڙو هڪجهڙائي آهي۔ٻولين جي صوتي ۽ صوتياتي فرق کي ڏسجي ته معياري سنڌي ۽ ڍاٽڪي ۾ ايترو گهڻو فرق ڪونهي۔ سنڌي ۾ ”پري“ لفظ آهي ان کي ڍاٽڪي ۾ ”پرهو“،مهراڻي ۾ ”پرّهو“ پارڪري ۾ ”پاڇو“ ۽ ماروڙي ۾ به ”پاڇو“ چئبو آهي۔اهڙي طرح مٿين ترتيب ۾ ”تنهنجو“ لفظ کي ”تانجو“ ”تانهجو“ ”تاهجو“” ٿانرو“ ۽ سنڌي ۾ ”منهنجو“[COLOR=#008080] لفظ کي [COLOR=#ff00ff]”مانجو“[COLOR=#ff0000] ” مانهجو“[COLOR=#800000] ” ماهجو“ [COLOR=#000000]”مانهرو“ [COLOR=#008080]سنڌي ۾ [COLOR=#ff00ff]” اسانجو“[COLOR=#008080] کي [COLOR=#ff00ff]”اسانجو“[COLOR=#ff0000] ”اساجو“[COLOR=#800000] ”اماهاٽرو“ [COLOR=#000000]”مانهرو“[/COLOR][/COLOR][/COLOR][/COLOR][/COLOR][/COLOR][/COLOR][/COLOR][/COLOR][/COLOR][/COLOR][/COLOR] چئبو آهي۔ ڍاٽڪي ٻولي جا انگ 1 هڪي 2 ٻي 3 تين 4 چار 5 پنج 6 ڇهي 7 ست 8 آٺ 9 نوء 10 ڏس 11 اگياري 12 ٻارهي 13 تيرهي 14 چوڏهي 15 پنڌري 16 سولڙي 17 ستري 18 اڍاري 19 آوگڻيس 20 بيس۔۔۔۔۔ سن 1991 عيسوي ۾ ڍاٽڪي لکڻ پڙهڻ لاء ٽي ڪتابڙا حيدرآباد ۾ ”نئين بنياين “ نالي هڪ اداري پاران ڇپايا ويا۔ 1، ڍاٽڪي اکر ان ڦوٽو۔ 2، ڍاٽڪي پڙهو،پهلڪو ڪتاب۔ 3، اوهين سنڌي پڙهي ڍاٽڪي پڙهو۔ ڍاٽڪي جي الف ۔۔ ب :_ آ ب ٻ ڀ ج جه چ ڇ د ڌ ڏ ڊ ڍ ر ڙ ز س ڦ ڪ ک گ گه ل م ن ڻ و ھ هن ۾ عربي جا سمورا آوازن وارا اکر ث، ح، ذ، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق شامل ڪونه آهن۔ ۽ سنڌي ء جا ٻه چوسڻا آواز،”چ۔ ۽ ڳ“ ۽ نڪ وارا ٻه آواز ”ڱ“ ”ڃ “ به شامل ڪونه آهن۔
تمام سهڻو ۽ معلوماتي ونڊ ڪيو آهي اسانجي پياري دوست غلام مصطفيٰ ۔۔۔ جيئن ته سنڌي ثقافت ۽ ٻولي پوري راجستان، ڪڇ ۽ گجرات تائين پکڙيل آهي انڪري انهن ٻولين جا لهجا، لفظ ۽ ڳالهائڻ جا آواز سنڌي ٻوليءَ جا رنگ آهن ۔۔۔ پر وقت سان ڪئي علائقا سنڌ کان جدا ٿيندا رهيا آهن ان سبب ڪيترين سنڌي لهجن کي هاڻ مڪمل ۽ ڌار ٻولي سڏيو ٿو وڃي ۔۔۔۔ ڪڇ تي ڪيترا سئو سال چاوڙن ۽ سمن جي حڪومت پڻ رهي ۽ اهي علائقا سنڌ جو حصو رهيا پر اڄ افسوس جو ڪڇ ۽ گجرات جا اهي علائقا جيڪي تاريخ ۾ سنڌ هيا سي هاڻ هند جا ٿي ويا آهن ۔۔۔۔ ڍاٽڪي ٻولي اسان سنڌين جو هڪ سهڻو لهجو آهي ۔۔۔ جنهن ۾ ڪيترائي ٿري رنگ آهن ۔۔۔ لک قرب
سائين تمام سٺو ليک آهي جنهن ۾ سٺي ڄاڻ به سمايل اهي۔ ڍاٽڪي ٻولي جا مڪالما وڻندڙ هوندا آهن۔ مونکي ياد آهي انڊين فلم آء ايم ڪلام ۾ شايد راجسٿان جي ثقافت سان گڏ اتان جي ٻولي جو بهترين استعمال ڪيو ويو آهي۔