بادشاهه هڪ درويش کي چيو ۔۔۔”گهر جيڪو گهرڻو اٿئي۔۔۔“ درويش پنهنجو ڪشڪول بادشاهه جي اڳيان آندو ۽ عرض ڪيائين۔۔ ”حضور هن کي ڀري ڏيو۔۔۔“ بادشاهه يقدم پنهنجي ڳلي جا هار لاٿا ۽ ڪشڪول ۾ وڌا۔۔۔ هٿن جي آڱرين مان منڊيون لاٿيون ۽ کيسن مان سون ۽ چانديءَ جون اشرفيون به ڪڍي ڪشڪول ۾ وڌيون۔۔۔ پر ڪشڪول وڏو هو۔۔۔ ۽ مال گهٽ۔۔ بادشاهه خزانچي کي هيرا جواهر آڻڻ جو حڪم ڪيو۔۔ خزانچي حڪم مطابق ٻوري ڀري هيرن ۽ جواهرن جي کڻي آيو۔۔ بادشاهه پوري ٻوري ڪشڪول ۾ الٽي پر جيئن جيئن هيرا ان ڪشڪول ۾ پوندا ويا ڪشڪول جي سائيز وڏي ٿيندي ٿي وئي۔۔ ايتري تائين جو سمورا هيرا ختم ٿي ويا پر ڪشڪول ڀري نه سگهيو۔۔۔ بادشاهه کي پنهنجي بيعزتي جو احساس ٿيو۔۔ هن خزاني جا منهن خولي ڇڏيا پر ڪشڪول ڀرجي نه سگهيو۔۔۔ خزاني کان پوءِ وزيرن ۽ درٻارين جي وارو آيو۔۔ پر ڪشڪول ڀرجي نه سگهيو۔۔ هڪ هڪ ڪري شهر خزانن سان خالي ٿي ويو پر ڪشڪول ڀرجي نه سگهيو۔۔۔ آخر بادشاهه هار مڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ درويش ڪشڪول بادشاهه جي سامهون خالي ڪيو ۽ مسڪرائيندي واپس وريو۔۔۔ بادشاهه درويش جي پويان ڀڳو ۽ هٿ ٻڌي عرض ڪيائين۔۔۔ ”حضور۔۔۔! مون کي صرف اهو ٻڌايو ته هي ڪشڪول ڇاجو ٺهيل آهي۔۔۔؟“ درويش جواب ڏنو۔۔۔ ”اي نادان۔۔۔! هي خواهشن جو ٺهيل ڪشڪول آهي ۔۔۔ جيڪو صرف قبر جي مٽيءَ سان ڀرجي سگهندو۔۔۔ “
عالم خواهش جي مسافرن جي حالت تي غور ڪيو ته ائين ئي نظر ٿو اچي هتان اڃان گهرجي ، جي آواز جو تسلسل نظر ٿو اچي هر خواهش ايسي ڪه هرخواهش په دم نڪلي بهت نڪلي ميري ارمان مگر ڦر ڀي ڪم نڪلي هگن جهنم کي ته يا راضي به رضا رهندڙ ڀري سگهي ٿو يا وري جيئن بقول فقير جي قبر جي مٽي ئي ڀري سگهي ٿي۔ هر خواهش جي پوري ٿيئڻ کانپوءِ وري ٻي خواهش جنم ٿي وٺي ۔ جنهن پٺيان انسان جو سڪون بربادي جي نظر ٿيو وڃي ۔ وسلام
ڇا لالچ ۽ جائز خواهش ۾ فرق آهي ۔۔۔؟؟؟ زندگيءَ ۾ ڪجهه خواهشون حلال ۽ جائز آهن پر لالچ ۽ هٻڇ حرام آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ انسان جون خواهشون مرڻ گهڙيءَ تائين پوريون نٿيون ٿين ۽ مڪان ۽ زمان سان بدلجن به ٿيون ۽ گهٽجن وڌن به ٿيون ۔۔۔ بلڪ ڪجهه خواهشون ڪرڻ ته حلال ئي نه بلڪ عبادتن ۾ شمار ٿين ٿيون ۔۔۔ مثال؛ دين جي اصولن ۾ رزق حلال ڪمائڻ ۽ انجي خواهش ڪرڻ عبادت آهي ۔۔۔ رزق حلال لاءِ سفر ڪرڻ جهاد ۾ شمار ٿئي ٿو۔ انڪري اسانکي حلال حاصل ڪرڻو آهي حرام کان پاسو ڪرڻو آهي ۽ لالچ هٻڇ ڪڍي ڇڏڻي آهي ته ٻيڙا پار ۔۔۔۔ پاڻ ئي ايندم هوت ڪجهه آءُ به اڳڀري ٿيان۔