
بادشاهه هڪ درويش کي چيو ۔۔۔”گهر جيڪو گهرڻو اٿئي۔۔۔“
درويش پنهنجو ڪشڪول بادشاهه جي اڳيان آندو ۽ عرض ڪيائين۔۔ ”حضور هن کي ڀري ڏيو۔۔۔“
بادشاهه يقدم پنهنجي ڳلي جا هار لاٿا ۽ ڪشڪول ۾ وڌا۔۔۔ هٿن جي آڱرين مان منڊيون لاٿيون ۽ کيسن مان سون ۽ چانديءَ جون اشرفيون به ڪڍي ڪشڪول ۾ وڌيون۔۔۔ پر ڪشڪول وڏو هو۔۔۔ ۽ مال گهٽ۔۔
بادشاهه خزانچي کي هيرا جواهر آڻڻ جو حڪم ڪيو۔۔ خزانچي حڪم مطابق ٻوري ڀري هيرن ۽ جواهرن جي کڻي آيو۔۔ بادشاهه پوري ٻوري ڪشڪول ۾ الٽي پر جيئن جيئن هيرا ان ڪشڪول ۾ پوندا ويا ڪشڪول جي سائيز وڏي ٿيندي ٿي وئي۔۔ ايتري تائين جو سمورا هيرا ختم ٿي ويا پر ڪشڪول ڀري نه سگهيو۔۔۔
بادشاهه کي پنهنجي بيعزتي جو احساس ٿيو۔۔ هن خزاني جا منهن خولي ڇڏيا پر ڪشڪول ڀرجي نه سگهيو۔۔۔
خزاني کان پوءِ وزيرن ۽ درٻارين جي وارو آيو۔۔ پر ڪشڪول ڀرجي نه سگهيو۔۔ هڪ هڪ ڪري شهر خزانن سان خالي ٿي ويو پر ڪشڪول ڀرجي نه سگهيو۔۔۔
آخر بادشاهه هار مڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ درويش ڪشڪول بادشاهه جي سامهون خالي ڪيو ۽ مسڪرائيندي واپس وريو۔۔۔ بادشاهه درويش جي پويان ڀڳو ۽ هٿ ٻڌي عرض ڪيائين۔۔۔ ”حضور۔۔۔! مون کي صرف اهو ٻڌايو ته هي ڪشڪول ڇاجو ٺهيل آهي۔۔۔؟“
درويش جواب ڏنو۔۔۔ ”اي نادان۔۔۔! هي خواهشن جو ٺهيل ڪشڪول آهي ۔۔۔ جيڪو صرف قبر جي مٽيءَ سان ڀرجي سگهندو۔۔۔ “