هو قوم جي اک جو تارو هو

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
هو قوم جي اک جو تارو هو
هو جانب جيء جيارو هو
ساري تنهن کي سنڌ سدا
سرمد اهڙو پيارو هو
ڌرتيء جو آلاپ سدا
جيئي سنڌ جو نعرو هو
جيڪي گيت چيا تو سرمد
سچ سراپا سارو هو
گيت تنهنجا اتساھ رهيا
دور جڏهن به ڪارو هو
282720_402245393160400_1822999282_n.jpg
 
گيت تنهنجا اتساھ رهيا
دور جڏهن به ڪارو هو
لفظ لفظ سرمد جي گيتن، فڪر ۽ شخصيت سان ٺهڪندڙ آهي ۔۔۔ جنيد ميمڻ جو سهڻو خراج ۽ عاشق جا عاشقانه رنگ ۔۔۔
لک قرب
 
سرمد سنڌي سنڌ جو آواز آهي، جنهن لازوال گيت ڳائي نه صرف پاڻ شهرت حاصل ڪئي پر سنڌي ٻوليء کي به جياريو۔ سنڌ جي ٻيجل سرمد کي سهڻي ڀيٽا ۽ عاشق جي گهڻن ڏينهن کانپوء ٻيهر هڪ بهترين ۽ سهڻي ڊزائن۔
 
Back
Top